Professor Khaskheli Muhammad Raheem Ravlani

Professor Khaskheli Muhammad Raheem Ravlani Akhar Parh Alif Jo Biya Warka Sab Wisar
Andar Tun Ujaar Panha Parhandai Kaitra

20/10/2025
پروفيسر خاصخيلي محمد رحيم راولاڻي جي ڏھين ورسي جي تقريب .اڄ ھتي ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي سکيا مرڪز جي سينٽر جي ھال ۾ نامور استا...
20/10/2025

پروفيسر خاصخيلي محمد رحيم راولاڻي جي ڏھين ورسي جي تقريب .
اڄ ھتي ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي سکيا مرڪز جي سينٽر جي ھال ۾ نامور استاد شاه جي پارکو محقق تاريخدان ليکڪ پروفيسر محمد رحيم راولاڻي جي ڏھين ورسي جي تقريب ٿي گذري پروگرام جي صدارت پروفيسر مشتاق مھر ڪئي مھمانن ۾ پروفيسر اعجاز احمد قريشي .پروفيسر سندر داس خوبچنداڻي .انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جو صدر رياض شاھد دايو پاڪستان خاصخيلي تنظيم جو مرڪزي صدر منٺار خاصخيلي ھئا .
مقررن ۾ شفيع مرگھر ايوب شان خاصخيلي ايڊوڪيٽ واحد بخش ناريجو سامي ميمڻ سليم جي ميمڻ يونس خاصخيلي پروفيسر پرسرام غلام نبي مگسي پروفيسر رياض مھدي خاصخيلي شامل ھئا جن پنھنجن خيالن جو اظھار ڪندي پروفيسر صاحب جي زندگي جدوجھد تي ڳالھايو
پروفيسر اعجاز احمد قريشي خاص اعلان ڪندي چيو ته پروفيسر راولاڻي جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ لاء ڪميٽي تشڪيل ڏني وڃي جيڪا ان جا ڪتاب ۽ ايندڙ سال ورسي جو پروگرام به ڪندي ۽ ان تي لکيل مضمون کي پروفيسر پرسرام سھيڙي گڏ ڪري ڪتابي شڪل ۾ آڻيندو
ڪميٽي جو سربراه پروفيسر مشتاق مھر ميمبرن ۾ پروفيسر اعجاز احمد قريشي .غلام نبي مگسي پروفيسر رياض خاصخيلي .رياض شاھد دايو پروفيسر پرسرام نعيم شيخ ۽ لطيف راولاڻي ھوندا جن جي جلد ميٽنگ گھرائي ڪم کي عملي جامو پھرايو ويندو .
آخر ۾ پروفيسر محمد رحيم راولاڻي ادبي اڪيڊمي مھراڻ لائبريري ملير جي انچارج اڳواڻ خاصخيلي لطيف راولاڻي سڀني آيل دوستن مھمانن جو ٿورو ادا ڪيو جيڪي تمام پري پري کان ڪھي ڪري پروگرام ۾ آيا ۽ رحيم راولاڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي شاخ ۽ صحافين اديبن ليکڪن جا به ٿورا جن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ رپورٽنگ ڪئي ...

14/10/2025

ملير جي ناليواري استاد ليکڪ شاه جي پارکو پروفيسر خاصخيلي رحيم راولاڻي جي ڏھين ورسي 19 آڪٽومبر 2025ع آچر جي ڏينھن شام جو چئين وڳي سنڌي ٻولي اٿارٽي ھال شاھراه فيصل ڪراچي سامھون عائشه باواني اسڪول دوستن ساٿين کي سڪ ڀريو سڏ .

Address

Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Professor Khaskheli Muhammad Raheem Ravlani posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category