Voice of Teachers

Voice of Teachers

Share

استادن جو آواز

04/10/2025

جيڪڏهن ڊي آر اي الائونس ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ منظور نہ ڪيو ويو ته ٻئي ڏينھن کان سرڪاري ملازم ادارن جو لاڪ ڊائون شروع ڪندا
حاجي محمد اشرف خاصخيلي سڪندر علي جتوئي

Arbab Arijo (@arbabarijo) on X 29/09/2025

📢 سنڌ جي سرڪاري ملازمن لاءِ اهم سڏ 📢
اڄ سنڌ ايمپلائيز الائينس جي اعلان مطابق، سرڪاري ملازمن جي حقن لاءِ صبح 10:00 وڳي کان وڏو ٽوئيٽر ٽرينڊ هلندو
ٽوئيٽر تي اچو ۽ پنهنجي حقن لاءِ آواز اُٿاريو
جيڪڏهن اڃا تائين توهان جو ٽوئيٽر/X اڪائونٽ ناهي، ته براءِ مهرباني فوري طور تي اڪائونٽ ٺاهي وٺو, جنهن جو اڪائونٽ موجود آهي، اھي ھيٺ ڏنل لنڪ تي اچو
https://twitter.com/ArbabArijo



ساٿ سلامت

Arbab Arijo (@arbabarijo) on X Liberal | Entrepreneur | Solo Traveller | Work at School Education & Literacy Department, Government of Sindh

23/09/2025

❤️

15/09/2025

سروس بُڪ جي آنلائن ٿيڻ سان ڪرپشن جا در بند ۽ شفافيت جا در کلي ويندا. استادن جي عزت بحال ٿيندي. سيڪريٽري تعليم پرعزم آهن تہ استادن جي ڀلائيءَ لاءِ نوان رستا ٺاهيا ويندا، جتي ٽرانسفر، موڪل، انوڪريمينٽ، سينيارٽي لسٽ، پروموشن، پينشن، سروس سرٽيفڪيٽ، الاؤنس، ٽائيم اسڪيـل وغيره لاءِ آفيسن جا چڪر نہ لڳائڻا پوندا. ارباب آريجو

23/08/2025

ڪجھ عرصو پھرين ڪافي فيميل ٽيچرس ويڊلاڪ پاليسي تحت ٽرانسفر ڪرايا ھئا، پر سيڪريٽري صاحب جن جي ھن آرڊر تحت انھن جا آرڊر ڪينسل ٿيا ۽ بائيوميٽرڪ به واپس تبديل ڪئي وئي.. انھن سڀني متاثر فيميل ٽيچرس کي اطلاع ڏجي ٿو تہ اوهان پنهنجا آرڊر ھاءِ ڪورٽ ذريعي بحال ڪرائي سگهو ٿا. تازو ٻين ٽيچرس کي پٽيشن ذريعي تڪڙو رليف ملي چڪو آهي، اسان نئين پٽيشن داخل ڪرايون پيا، اگر ڪنهن کي به پٽيشن ۾ نالو ايڊ ڪرائڻو آهي تہ رابطو ڪندا. ارباب آريجو

16/08/2025

*سرڪاري ملازم ۽ استاد: نئين پاليسين جا خاموش شڪار*

*تحرير: ارباب علي آريجو*

سنڌ جو سرڪاري ملازم، ۽ خاص طور تي استاد، هاڻي رڳو پنهنجي ذميوارين سان نه پر حڪومت جي نئين پاليسين سان به روزانو جنگ وڙهي رهيو آهي. اهي پاليسيون ظاهر ۾ “سڌارا” سڏجن ٿيون، پر حقيقت ۾ اهي استادن ۽ ملازمن جي بنيادي حقن کي گهٽائڻ ۽ سندن معاشي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جا حربا آهن.

هڪ دور هو، جڏهن ڪنهن به اداري جي نجڪاري جو اعلان ٿيندو هو ته ملازمن جا احتجاج حڪومت کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪندا هئا. اڄ صورتحال بلڪل ابتو آهي ــ ادارا کپي رهيا آهن، پاور هائوس نجي هٿن ۾ وڃي رهيا آهن، پر احتجاج ڪرڻ وارا يا ته ڊڄي ويا آهن يا مايوسي ۾ خاموش ٿي ويا آهن.

نئين ڀرتي لاءِ پاليسي اهڙي ٺاهي وئي آهي جو نون ملازمن کي پينشن کان ئي محروم رکيو ويو آهي. ساڳي وقت پراڻن ملازمن جي پينشن ۾ به ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، جن لاءِ اهو زندگيءَ جو آخري آسرو هوندو آهي. حڪومت طرفان جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيشنن ۾ اهڙا شرط شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سڌي ريت ملازمن جي مستقبل سان کيڏڻ برابر آهن.

استادن جي حالت ته وڌيڪ دردناڪ آهي. جن ماڻهن سڄي عمر ٻارن کي پڙهائڻ ۾ گذاري ڇڏي، سندن علم، محنت ۽ وقت سان معاشري کي سنواريو، تن لاءِ هاڻي نه عزت بچي آهي، نه تحفظ. اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ، بدليءَ تي پابنديون، ۽ ترقيءَ جا رستا بند ٿيڻ کان پوءِ به جيڪڏهن ڪنهن کي سُڪون جي اميد هئي ته اها پينشن هئي ــ پر هاڻي اها به کسي پئي وڃي.

اسلام آباد ۾ جڏهن سرڪاري پلاٽن ۾ ايندڙ مسجدون به ڊاهي پٽ ڪيون ويون ته اهو صاف پيغام هو ته حڪومت جي نظر ۾ ڪوبه مقدس قدر نه رهيو آهي. ساڳي بي رحمي سان ملازمن جا حق لتاڙيا پيا وڃن. حڪمرانن جو رويو اهو آهي: فيصلا هڪ دفعو ٿي ويا ته پوئتي موٽڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، چاھي ان جا نتيجا ڪيترا به تباهه ڪن ڇو نه هجن.

سنڌ جي استادن ۽ ملازمن لاءِ هاڻي سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته ڇا هو سدائين خاموش تماشائي بڻيا رهندا؟ ڇا سندن احتجاج، سندن آواز ۽ سندن جدوجهد ٻيهر زنده ٿي سگهي ٿي؟ جيڪڏهن نه، ته ايندڙ نسل لاءِ اهو پيغام هوندو ته حقن لاءِ وڙهڻ بدران خاموش رهڻ ئي بهتر آهي ــ ۽ اها خاموشي ئي سڀ کان وڏي تباهي هوندي.

05/04/2024
05/04/2024

ھي پوسٽر ڏسڻ بعد اللہ پاڪ مخالفن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. آمين Arbab Arijo

05/04/2024

ھي پوسٽر ڏسڻ بعد اللہ پاڪ مخالفن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. آمين

Want your school to be the top-listed School/college in Karachi?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Website

Address


Karachi