Lareb Model Secondary School Haji Khair Muhammad Lashari

Lareb Model Secondary School Haji Khair Muhammad Lashari Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Lareb Model Secondary School Haji Khair Muhammad Lashari, School, Karachi.

🌟 Teacher Training Session at Lareb Model Elementary School, Tharimrwa 🌟We are pleased to share that a highly informativ...
18/08/2026

🌟 Teacher Training Session at Lareb Model Elementary School, Tharimrwa 🌟

We are pleased to share that a highly informative and engaging Teacher Training Session was conducted today at Lareb Model Elementary School Tharimrwa by TSA Bilal Ahmed Jogi Sahib.

The session focused on improving teaching practices, classroom management, professional skills, and effective learning strategies. 📚✨

The training atmosphere was truly positive, energetic, and inspiring, with teachers actively participating and learning new approaches to make classroom teaching more effective.

👏 Special thanks to TSA Bilal Ahmed Jogi Sahib for his valuable guidance, dedication, and professional support.

💫 Empowering Teachers, Inspiring Students, Building a Better Future!

🏫 Lareb Model Elementary School Tharimrwa
📖 Quality Education • Professional Development • Bright Future

09/08/2026

📢🌸 والدين لاءِ اهم اطلاع 🌸📢

محترم والدين!

اوهان کي آگاهه ڪجي ٿو ته سڀاڻي کان سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن جو وقت صبح 8:00 وڳي کان منجهند 2:30 وڳي تائين هوندو.

⏰ جيئن ٻارن کي اسڪول ۾ ڊگهو وقت گذارڻو پوندو، تنهنڪري سڀني والدين کي خاص گذارش آهي ته پنهنجي ٻچڙن کي گهران سٺي ۽ مناسب خوراڪ کارائي، نيرن ڪرائي ۽ پوءِ اسڪول موڪليندا، ته جيئن ٻار سڄو ڏينهن چست ۽ توانا رهن، ڪمزوري محسوس نه ڪن ۽ پڙهائي تي مڪمل ڌيان ڏئي سگهن.

❤️ ٻار کي وقت تي کاڌو کارائڻ، سندس صحت ۽ تعليم ٻنهي لاءِ ضروري آهي.

🌱 صحتمند ٻار، بهتر حاضري، بهتر تعليم ۽ روشن مستقبل! 🌟

🙏 اوهان جي سهڪار سان اسان گڏجي پنهنجي ٻارن جي صحت ۽ تعليم کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهون ٿا.

مهرباني 🌹

Today Assembly Pictures7/8/2026
07/08/2026

Today Assembly Pictures
7/8/2026

Today Assembly Lareb Model Secondary School Haji Khair Muhammad Lashari
06/08/2026

Today Assembly Lareb Model Secondary School Haji Khair Muhammad Lashari

📚 مفت درسي ڪتابن جي ورڇسنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (SEF) جي سهڪار سان هلندڙ لاريب ماڊل سيڪنڊري اسڪول ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ...
06/08/2026

📚 مفت درسي ڪتابن جي ورڇ

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (SEF) جي سهڪار سان هلندڙ لاريب ماڊل سيڪنڊري اسڪول ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ مفت درسي ڪتاب ورهايا ويا.

اسان جو يقين آهي ته تعليم ئي اها طاقت آهي، جيڪا ٻارن جي مستقبل کي روشن بڻائي ٿي. درسي ڪتاب رڳو علم حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه آهن، پر اهي شاگردن جي اعتماد، شعور ۽ ڪاميابيءَ جي راهه پڻ هموار ڪن ٿا.

اسان جي ڪوشش آهي ته هر ٻار کي معياري تعليم، بهتر سکيا ۽ روشن مستقبل جا بهترين موقعا فراهم ڪيا وڃن.

✨ تعليم ذريعي شاگردن کي بااختيار بڻائڻ اسان جو عزم آهي.

اسان کي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي ته لاريب ماڊل ايليمنٽري اسڪول، ٺري ميرواه جي اسڪول پارٽنر محترم خالد حسين لاشاري پهرين ئ...
03/08/2026

اسان کي انتهائي خوشي ٿي رهي آهي ته لاريب ماڊل ايليمنٽري اسڪول، ٺري ميرواه جي اسڪول پارٽنر محترم خالد حسين لاشاري پهرين ئي ڏينهن ذميواريءَ جو مظاهرو ڪندي اسڪول ۾ حاضر ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ اسڪول بيگ ورهايا آهن.

اهي ٻار اسان جي قوم جو روشن مستقبل آهن، ۽ سندن همٿ افزائي اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.

جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو تعليم ۽ تعليم سان لاڳاپيل شخصيتن کي نظرانداز ڪن ٿا، تڏهن سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن، حڪومتِ سنڌ جا اسڪول پارٽنر اونداهين ۾ روشنيءَ جي ڪرڻ وانگر تعليم جي واڌاري ۽ قوم جي تعمير لاءِ خلوص سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.

تعليم ئي روشن مستقبل جي ضمانت آهي.

السلام عليڪم ورحمة الله وبركاته اڄ بروز جمعي لاريب ماڊل ايليمينٽري اسڪول ٺري ميرواھ ۾ هڪ اهم ۽ باوقار گڏجاڻي منعقد ڪئي و...
31/07/2026

السلام عليڪم ورحمة الله وبركاته

اڄ بروز جمعي لاريب ماڊل ايليمينٽري اسڪول ٺري ميرواھ ۾ هڪ اهم ۽ باوقار گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اسڪول جي بهتري، تعليمي معيار کي وڌيڪ بلند ڪرڻ، شاگردن جي حاضري وڌائڻ ۽ اونھاري جي موڪلن کان پوءِ سڀاڻي کان اسڪول جي ٻيهر شروعات بابت تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.
هن اهم گڏجاڻي ۾ اسڪول جي آپريٽر سر خالد حسين لاشاري، هيڊ استاد غلام محمد ڀنڀرو ۽ ٻين استادن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي دوران ان ڳالهه جو عزم ڪيو ويو ته شاگردن کي معياري تعليم، بهترين ماحول ۽ روشن مستقبل فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو.
اسان جو يقين آهي ته قومن جي ترقي جو راز تعليم ۾ لڪل آهي، ۽ علم جي روشني ئي اها دولت آهي، جيڪا ايندڙ نسلن جي قسمت بدلائي سگهي ٿي
اچو ته گڏجي اهو عزم ڪريون ته پنهنجي ٻارن کي علم، اخلاق ۽ شعور جي زيور سان سينگارينداسين ۽ تعليم جي هن مقدس سفر کي اڳتي وڌائينداسين
الله پاڪ کان دعا آهي ته هو اسان سڀني کي پنهنجي ذميوارين کي احسن طريقي سان نڀائڻ، علم جي شمع کي روشن رکڻ ۽ پنهنجي علائقي کي تعليم جي ميدان ۾ نمايان مقام ڏيارڻ جي توفيق عطا فرمائي.
علم هڪ اهڙو نور آهي، جيڪو انسان جي زندگيءَ کي روشن ڪري ڇڏي ٿو.
لاريب ماڊل ايليمينٽري اسڪول ٺري ميرواھ

تعليم، ترقي ۽ ڪاميابي ڏانهن هڪ مضبوط قدم الله پاڪ اسان سڀني کي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي عطا فرمائي. آمين

گرمين جون موڪلون ختم ٿي ويون آهن، سڄي سنڌ ۾ سرڪاري ۽ خانگي اسڪول ۽ ڪاليج ڇنڇر پهرين آگسٽ کان ٻيهر کُلي ويندا. سومر کان ڇ...
30/07/2026

گرمين جون موڪلون ختم ٿي ويون آهن، سڄي سنڌ ۾ سرڪاري ۽ خانگي اسڪول ۽ ڪاليج ڇنڇر پهرين آگسٽ کان ٻيهر کُلي ويندا. سومر کان ڇنڇر تائين 6 ڏينهن جو تدريسي ۽ آفيس سسٽم ٻيهر لاڳو ڪيو ويندو.
لاريب ماڊل اسڪول جا سڀئي استاد، شاگرد ۽ والدين کي آگاھ ڪيو ٿو وڃي ته پنهنجي گلڙن جھڙن ٻارن کي وقت تي حاضر ڪن ۽ تعليمي سرگرمين جي تياري ڪن ته جيئن اوھان جي ٻارن جو بھتر مستقبل بڻائي سگهجي۔

اڄ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي حڪم ۽ رهنمائي تحت لاريب ماڊل سيڪنڊري اسڪول حاجي خير محمد لاشاري ۾  Book Bank وسيلي شاگردن ۾...
24/04/2026

اڄ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي حڪم ۽ رهنمائي تحت لاريب ماڊل سيڪنڊري اسڪول حاجي خير محمد لاشاري ۾ Book Bank وسيلي شاگردن ۾ ڪتاب ورهايا ويا

هي سٺو قدم ان اعليٰ سوچ جو اظهار آهي جنهن تحت جيڪي شاگرد اڳتي درجن ۾ ويا تن کان ڪتاب گڏ ڪري ٻين ضرورت مند شاگردن کي ڏنا ويا، ته جيئن هر ٻار کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ برابر موقعا ملي سگهن

Book Bank جو هي نظام نه رڳو وسيلا بچائڻ جو ذريعو آهي، پر شاگردن ۾ سهڪار، ذميواري ۽ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جو جذبو به پيدا ڪري ٿو.

اسان دل جي گهراين سان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا ٿورا مڃيون ٿا، جن جي حڪمت عملي ۽ تعليم سان محبت سبب اهڙو بهترين قدم کنيو ويو آهي.

والدين ۽ شاگردن کي گذارش آهي ته هن سٺي عمل ۾ ڀرپور ساٿ ڏين، ڪتابن جو خيال رکن ۽ ايندڙ شاگردن لاءِ انهن کي محفوظ رکن.

علم روشني آهي — اچو ته ان کي هر گهر تائين پهچايون

21/04/2026

Address

Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Lareb Model Secondary School Haji Khair Muhammad Lashari posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category