اسٽڊي سرڪل سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي

اسٽڊي سرڪل سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

ادبي منظر 2025ع❤️
04/09/2026

ادبي منظر 2025ع❤️

پريس پڌرائي سنڌ يونيورسٽي،ڄامشوروٻه سيپٽمبر،2026سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي اسٽڊي سرڪل پاران سالياني ٫٫ادبي منظر رسا...
02/09/2026

پريس پڌرائي

سنڌ يونيورسٽي،ڄامشورو
ٻه سيپٽمبر،2026

سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي اسٽڊي سرڪل پاران سالياني ٫٫ادبي منظر رسالي،، (شمارو 2025)۽ نوجوان ڪهاڻيڪار امان گل پنهور جي ڪتاب٫٫امان خدا ڪٿي آهي،، جي مھورتي تقريب پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق سميجو جي صدارت ۾ ٿي گذري.
پروگرام جي ڪارروائي نوجوان شاعر سانگي شبير ۽ انعم سنڌي ھلائي.
پروگرام جي شروعات لطيف سائين جي وائي سان ڪئي وئي،جنھن کي شعيب ڪانڌڙو پنهنجي آواز ۾ جهونگاريو،تنهن کانپوءِ اسٽڊي سرڪل جي صدر “ڪمال الدين انڙ”سڀني آيل معززين کي آجياڻو پيش ڪيو ۽ پروگرام لاءِ ڪيل ڪاوشن ۽ ڪوششن تي پڻ ويچار ونڊيا..
ڪتاب”امان خدا ڪٿي آھي”تي ڳالهائيندي نوجوان شاگرد وقار ڀرڳڙي چيو ته هي اسان جا شاگرد دوست تخليقڪار اسان جي مستقبل جو سرمايو آھن.
فزڪس شعبي جي پروفيسر آسمه ڪلهوڙو ڳالهائيندي چيو ته ساليانو ادبي منظر رسالو نئين لکندڙ شاگردن لاءِ بيحد ڪارائتو آھي،جنهن کي پڙهندي/لکندي اسان سميت ڪيئي نوجوان متاثر ٿي لکڻ لڳا آھن.
نوجوان ليکڪ امان گل کي جام مبارڪون ڏنيون ۽ ڪتاب بابت پنھنجا پڻ ويچار ونڊيا.

وڌيڪ ڳالهائيندي سنڌي شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر ريحانه نظير”ادبي منظر” رسالي جي ٽيم جي محنت ۽ ڪارگردگيءَ کي سارهيو ۽ رسالي جي ايندڙ شماري لاء تجويزون پڻ ڏنيون.
ڪتاب بابت ڳالھائيندي چيو ته نوجوان پنھنجي فڪر ۾ الاھي مايوس پيو لڳي، جيڪو اسان جي نوجوان کي سونھي نٿو. باقي سندس ڪتاب سماجي موضوعن سان سرشار آھي.

جڏهن ته ڊاڪٽر نواب ڪاڪا ڳالھائيندي چيو ته سنڌي شعبي جي شاگردن کي مبارڪون ھجن جن جا ٻه فخر جوڳا پورھيا اڄ اسان جي ھٿن ۾ آھن ۽ اسان کي فخر آھي ته اسان جو نوجوان اڃان به پنهنجي ٻوليءَ کي جياريندو اچي ٿو..
ڊاڪٽر فياض لطيف سڀني شاگردن سان مخاطب ٿي ڪتاب ۽ رسالي ۾ موجود ڪجھ غلطين بابت تجويزون ڏنيون ۽ شاگردن جي پورهيي کي سارهائيندي مبارڪون پڻ ڏنيون.
پروفيسر ڊاڪٽر نور محمد شاھ صاحب خوشيءَ جو اظهار ڪندي نوجوان جي پورهيي تي ڳالهايو ۽ انهن کي خوب داد پڻ ڏنو. شاگردن کي نيون صلاحون نوان خيال تجويزون پڻ ڏنيون.

“امان خدا ڪٿي آھي؟”ڪتاب جي خالق امان گل پنهور ڪتاب جي مهورت ڪرائڻ تي پنهنجي شعبي جي استادن ۽ سموري شاگردن جا ٿورا مڃيا.
آخر ۾ صدارتي راءِ رکندي پروفيسر ڊاڪٽر اسحاق سميجو چيو ته ھن رسالي جي ٽائيٽل واري پيج تي ھڪ ٻہ غلطيون آھن،جيڪي شايد ئي ڇپجڻ وقت ٿيون آھن يا نوجوانن انهن غلطين کي چڱي ريت نوٽ ڪونه ڪيو،آئون ان غلطيءَ جي ان ڪري به نشاندگي ڪئي آھي جيئن ايندڙ نوجوانن جي ڪاوشن ۾ ڪا اهڙي گنجائش نه رهي،باقي ھي تمام شاندار رسالو آھي،جنهن جي اندر نوجوانن جون تخليقون به نهايت لاڀائيتيون آھن،اوھان سڀني شاگردن کي جَسُ هجي جو اهڙيون سرگرميون ڪندا رهو پيا، سائين اسحاق سميجي ڪتاب”امان خدا ڪٿي آهي”بابت ڳالھائيندي چيو ته نوجوان ليکڪ امان گل جو ڊڪشن نهايت پيارو ۽ الڳ ٿلڳ آھي ڪجھه اوڻايون اٿس،سي به سندس جي اڳتي طبع آزمائي سان ٺيڪ ٿي وينديون نوجوان کي هن ڪتاب جون واڌايون ھجن..
ائين پروگرام پنھنجي پڄاڻي تي پھتو.
اڄ جي ھن پروگرام ۾ سنڌ جي ناليواري نقاد اڪبر لغاري، ميڊم آسمہ ڪلھوڙو، سنڌي شعبي جي استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پريس سيڪريٽري
حسنين سڪندر

اسٽڊي سرڪل سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.

محمد ملوڪ انڙمحمد ملوڪ انڙ : نامور ليکڪ، سماج سڌارڪ محمد ملوڪ ولد فتح محمد انڙ 23 آگسٽ 1946ع تي ڳوٺ راهب شاھہ تعلقي سڪرن...
23/08/2026

محمد ملوڪ انڙ
محمد ملوڪ انڙ : نامور ليکڪ، سماج سڌارڪ محمد ملوڪ ولد فتح محمد انڙ 23 آگسٽ 1946ع تي ڳوٺ راهب شاھہ تعلقي سڪرنڊ ضلعي بينظير آباد (نوابشاھہ) ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم 1951ع ۾ پرائمري اسڪول ڳوٺ راهب شاھہ مان ورتائين. ساڳئي اسڪول مان قرآن مجيد، انگريزيءَ جا ٽي درجا ۽ 1960ع ۾ سنڌي فائنل پاس ڪيائين. کيس ننڍي هوندي کان ئي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڪتاب گڏ ڪرڻ جو شوق هوندو هو. 1965ع ۾ پنھنجي ڳوٺ ۾ ’طارق لائبريري‘ قائم ڪيائين، جنهن ۾ اٽڪل 12 هزار ڪتاب، اخبارون، رسالا، قلمي نسخا، ناياب تصويرون، ثقافت ۽ آرٽ جون مختلف شيون ۽ نوادرات پڻ موجود آهن. هن لکڻ جي شروعات 1980ع کان ڪئي. مخدوم بلاول شھيد ويلفيئر ائسوسيشن جو باني چيئرمئن، هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر، سنڌي ادبي سنگت شاخ قاضي احمد جو ميمبر ۽ ڪيترين ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان وابستہ آهي. کيس مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن، جن ۾ پاڪستان سوشل ايسوسيئيشن طرفان ٻہ ڀيرا ستارہ سماج گولڊ ميڊل، قائد اعظم محمد علي جناح اوارڊ، صحافي محرم ڀٽي اوارڊ، شڪيل پٺاڻ اوارڊ، قاضي سرفراز اوارڊ شامل آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) منهنجي يادن جون ريکائون (مضمون)، (2) سنيها سرير ۾ (خط) شامل آهن.
اڄ سندس جنم ڏينھن آھي، کيس جنم ڏينھن جون مبارڪون. 🎉

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي شعبي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران ايم فل ۾ داخلا شروع ٿي چڪي آهي.ڪنھن بہ قسم جي معلومات لاءِ اوھان راب...
21/08/2026

سنڌي ٻولي ۽ ادب جي شعبي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران ايم فل ۾ داخلا شروع ٿي چڪي آهي.
ڪنھن بہ قسم جي معلومات لاءِ اوھان رابطو ڪري سگھو ٿا.
اسٽڊي سرڪل سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پيج جي ٽيم اوھان سان مڪمل علمي سھڪار ڪرڻ لاءِ موجود آھي

سنڌي يونيورسٽي سنڌي شعبي جي پروفيسر ماھر لسانيات ميڊم ڊاڪٽر شازيه  سفير پتافي کي   جنم ڏڻ جون اڻڳڻيون واڌايون!پاران : اس...
19/08/2026

سنڌي يونيورسٽي سنڌي شعبي جي پروفيسر ماھر لسانيات ميڊم ڊاڪٽر شازيه سفير پتافي کي جنم ڏڻ جون اڻڳڻيون واڌايون!
پاران : اسٽڊي سرڪل سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي

پريس پڌرائي اڄ تاريخ 2026-08-19اسٽڊي سرڪل ۽ ادبي منظر ٽيم جي گڏجاڻي ٿي گذري، جنھن ۾ اسٽڊي سرڪل صدر، ڪمال انڙ نائب صدر، ا...
19/08/2026

پريس پڌرائي

اڄ تاريخ 2026-08-19

اسٽڊي سرڪل ۽ ادبي منظر ٽيم جي گڏجاڻي ٿي گذري، جنھن ۾ اسٽڊي سرڪل صدر، ڪمال انڙ نائب صدر، اقصا سميجو، خزانچي نديم چانگ، ادبي منظر جي ايڊيٽر عماد الدين چانڊيو ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.
گڏجاڻي ۾ ,,ادبي منظر رسالو،، شمارو 2025ع ۽ ڪتاب، ,,امان خدا ڪٿي آھي،، جي مھورتي تقريب بابت ڳالھ ٻولھ ٿي. جنھن تي ڪمال انڙ چيو ته اسٽڊي سرڪل ۽ ادبي منظر ٽيم انشاءلله بخوبي ھن ڪم کي سرانجام ڏيندا. نديم چانگ خزاني بابت ٻڌائيندي چيو ته سڀني ساٿين مھيني واري ٽن مھينن جي فيس ناھي ڏني، مھرباني ڪري اھا جمع ڪرائن ته جيئن پروگرام ۾ مالي مشڪلاتون نہ اچن . عماد الدين چيو ته ادبي منظر ٽيم مالي توڙي انتظامي حوالي سان اوھان سان گڏ آھي. اقصا سميجو پنھنجي راءِ ڏيندي چيو ته سڀئي ساٿي ڀرپور ساٿ ڏين ته جيئن وقت سان پروگرام ٿي وڃي. ھمزہ کوکر پنھنجي راءِ ڏيندي چيو ته پروگرام پنھنجي سنڌي شعبي جي ھال ۾ ٿئي ته بھتر ٿيندو.
گڏيل طور سڀني اھيو فيصلو ڪيو ته پروگرام
1 سيپٽمبر تي رکيو وڃي.

آخر ۾ اسٽڊي سرڪل صدر، سڀني آيل ساٿين جا ٿورا مڃيا ۽ گڏجاڻي پنھنجي پڄاڻي تي پهتي.

پريس سيڪريٽري: حسنين سڪندر

اسٽڊي سرڪل، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

15/08/2026

اسٽڊي سرڪل سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جو پيج ھلائڻ لاءِ ايڊمن گهرجن.
سنڌي شعبي ۾ پڙھندڙ شاگرد/شاگردياڻيون خواهشمند رابطو ڪن

پريس رليزڄامشورو: سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي علمي ادبي مخزن "ادبي منظر"سال 2026 لاءِ عھديدارن جي ڊاڪٽر ريحان...
11/06/2026

پريس رليز

ڄامشورو: سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي علمي ادبي مخزن "ادبي منظر"سال 2026 لاءِ عھديدارن جي ڊاڪٽر ريحانه نظير ۽ ڊاڪٽر فياض لطيف جي نظر ثانيءَ ۾ هيٺينءَ ريت تشڪيل ڏني وئي آھي، جنھن ۾ ھر ھڪ ڪلاس جي شاگردن جي نمائندگي، شاگردن جي تخليقي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ، ذھني شعور، تخليقي ذھن جي واڌ ۽ سندن لکڻ پڙھڻ سان وابستگيءَ کي بنياد بڻايو ويو آھي.

ايڊيٽر: عماد فدائي (آخري سال)

سب ايڊيٽر: حسنين شيخ (ٽيون سال)

ايڊيٽوريل بورڊ:
1.ڪمال انڙ ( آخري سال )
2.ڪوثر شاھ (آخري سال)
3.اسلم درس (آخري سال)
4.امان گل (ٽيون سال)
5.سنڌو اڄڻ ( ٽيون سال)
6.امجد چانڊيو (ٻيون سال)
7.انعم سنڌي (ٻيون سال)
8. عظيم شر (پھريون سال)

ڪمال الدين انڙ
صدر اسٽڊي سرڪل، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.

پريس رليزڄامشورو: سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي علمي ادبي مخزن "ادبي منظر"سال 2026 لاءِ عھديدارن جي ڊاڪٽر ريحان...
08/06/2026

پريس رليز

ڄامشورو: سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي علمي ادبي مخزن "ادبي منظر"سال 2026 لاءِ عھديدارن جي ڊاڪٽر ريحانه نظير ۽ ڊاڪٽر فياض لطيف جي نظر ثانيءَ ۾ هيٺينءَ ريت تشڪيل ڏني وئي آھي، جنھن ۾ ھر ھڪ ڪلاس جي شاگردن جي نمائندگي، شاگردن جي تخليقي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ، ذھني شعور، تخليقي ذھن جي واڌ ۽ سندن لکڻ پڙھڻ سان وابستگيءَ کي بنياد بڻايو ويو آھي.

ايڊيٽر: عماد فدائي (آخري سال)

سب ايڊيٽر: حسنين شيخ (ٽيون سال)

ايڊيٽوريل بورڊ:
1.ڪمال انڙ ( آخري سال )
2.ڪوثر شاھ (آخري سال)
3.اسلم درس (آخري سال)
4.امان گل (ٽيون سال)
5.سنڌو اڄڻ ( ٽيون سال)
6.امجد چانڊيو (ٻيون سال)
7.انعم سنڌي (ٻيون سال)
8. عظيم شر (پھريون سال)

ڪمال الدين انڙ
صدر اسٽڊي سرڪل، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.

Address

Sindhi Department Arts Faculty University Of Sindh Jamshoro
Karachi

Telephone

+923433684578

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when اسٽڊي سرڪل سنڌي شعبو سنڌ يونيورسٽي posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share