Pak Government Jobs & Info

Pak Government Jobs & Info

Share

Assalam o alaikum I share Important Job related material in this page, also post the different jobs.

10/05/2025

شاہین کمال کارکردگی دکھاتے ہوئے
کمال۔۔۔۔۔ کمال۔۔۔ یار کمال

10/05/2025

آپریشن بنیان مرصوص کا نام قرآن مجید کی سورۃ الصف کی آیت نمبر 4 سے لیا گیا ہے

10/05/2025

السلام علیکم
میرے پیارے پاکستانیو !
آپ کے شاہین انڈیا کی منجی ٹہوک کے بخیریت واپس پہنچ گئے ہیں
الحمد للہ

10/05/2025

پاکستان کا کوئی جہاز کریش نہیں ہوا ہمارے ہیروز واپس آ گئے ہیں
الحمداللہ

28/03/2025

دنيا مڪافات عمل آھي جيڪڏھن توهان ڪنھن جي رستي ۾ پٿر رکندا ته يقينن توهان جي رستي ۾ به پھاڙ اچي ويندا ..

28/03/2025

دعائیں کروائی نہیں جاتیں،لی جاتی ہیں
کسی کے مشکل وقت میں ساتھ دے کر،
کسی کے چہرے پر مسکراہٹ لا کر! 😊

25/07/2024

ليڪچرارن سميت مختلف کاتن ۾ پاس ٿيندڙ اميدوارن جا انٽرويوز هلي رهيا آهن انهن جي لاء هيٺ تجويزون پيش ڪجن ٿيون !!!
(دوستن جي اسرار تي ليڪچرر شپ جي انٽرويو لاءِ چند صلاحون. ممڪن آهي هن مان ڪا هڪ صلاح ئي ڪنهن اميدوار جي ڪم اچي وڃي.
هي صلاحون مان پنهنجي ناقص عقل جي آڌار ۽ پنهنجي انٽرويو جي تجربي مطابق ونڊ ڪري رهيو آهيان ممڪن آهي هن ۾ گهٽ وڌائي هجي تہ اُتي دوست پنهنجو طور طريقو ۽ عقل فهم استعمال ڪن.)

1- ڪنهن بہ انٽرويو هال ۾ جيستائين اميدوار زبان ذريعي پنھنجو تعارف ڪرائي ان کان اڳ واري 6 کان 8 سيڪنڊن واري وٿي ۾ انٽرويو وٺندڙ اميدوار جي دروازي کان داخل ٿيندي ئي ان جي ظاهري نظر اچڻ، ڪپڙن يا لباس جي ڍڪڻ جي طور طريقي، ڪپڙن جي رنگ، جوتن، ڪوٽ، واچ، چشمي، مطلب سمورين ظاهر ٿيندڙ انهن شين جي پاڻ ۾ جوڙ توڙ، موسم جي مناسبت، ويندي نهن جي واڌ ۽ وارن جي طرز کي بہ نظر ۾ رکي شخصيت بابت اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ نہ صرف انٽرويو هال ۾ پر عام طور تي ذاتي زندگيءَ ۾ اسان توهان بہ ڪافي اهڙين ئي شين کي نظر ۾ رکي مختلف ماڻهن جي شخصيت بابت اندازا لڳائيندا رهندا آهيون. تنهنڪري انهن ڳالهين مان واضح ٿي ٿو تہ انٽرويو لاءِ وڃڻ وقت انهن سڀني شين کي نظر ۾ رکيو وڃي.

2- جيئن مٿي چئي آياسين تہ انسان جو تعارف رڳو زباني نہ ٿيندو آهي پر ان جو مختلف شين ڏانهن رويو ۽ انداز بہ ان جو هڪ قسم جو تعارف ئي هوندو آهي تنھنڪري Body language وغيره جو استعمال ۽ ان کان وڌيڪ ان جو درست استعمال بيحد ضروري آهي. دروازو کولڻ جو طور طريقو، داخل ٿيڻ وقت گھمڻ جو انداز ۽ رفتار، ڪرسي تي ويھڻ، هٿن جا اشارا ڏيڻ، منھن ۽ اکين کي ضرورت موجب ڦيرائڻ سادن لفظن ۾ چئجي تہ زباني گفتگو (Oral communication) سان گڏ ان سان ساٿ ۾ Body language جو استعمال اوهان جي گفتگو جو حسن ٻيڻو ڪري ڇڏيندو انڪري ان جو استعمال ضرور ڪيو.

3- انٽرويو هال ۾ داخل ٿيڻ وقت اعتماد سان اڳتي وڌو. اگر ڪا غلطي ٿي بہ وڃي ٿي تہ ڪوشش ڪري جلد ان تي قابو پائي وٺو. داخل ٿيڻ وقت نہ گهڻي جلد بازي کان ڪم وٺو نہ ئي وري گهڻي سستي کان ڪم وٺڻ گهرجي بس اهو محسوس ٿيڻ گهرجي تہ هڪ پر اعتماد شخصيت اندر گِهڙي آئي آهي. کيڪار وغيره کان بعد وقت وڃائڻ کانسواءِ ئي وقت سر پنهنجي ڏنل ڪرسي تي ويهي رهو جنهن مان اهو محسوس ٿي سگهي تہ اوهان بي خوف ۽ انٽرويو لاءِ ممڪل تيار آهيو ۽ ساڳي وقت ان مان اهو پيغام بہ وڃي ٿو تہ اوهان وقت جو قدر ڪيو ٿا. هتي اوهان جو منهن ۽ اکيون ڪاميٽيءَ جي چيئرمين طرف هئڻ گهرجن. چيئرمين جي سئولي سڃاڻپ ان جي وچ تي ويهڻ ٿي سگهي ٿو ۽ يقينن اوهان جي انٽرويو جو آغاز هو پاڻ اوهان جو تعارف پڇڻ سان ڪندو.

4- هاڻي وارو اچي ٿو تعارف جو ڪوشش ڪيو تعارف جو طريقڪار ٻين اميدوارن کان مختلف ٺاهي وڃو جيئن ڪيترن ئي ڏينهن کان نالن جي فرق کان کانسواءِ تعارف جي نالي ۾ ساڳي رٽ ٻُڌندڙ انٽرويو پينل کي نواڻ ڏئي سگهجي. اڪثر ماڻھو تعارف ۾ ساڳيو طريقو دهرائيندا آهن مثلن منهنجو نالو آهي فلان منهجي والد جو نالو آهي فلان خان مان هن شهر سان تعلق رکان ٿو وغيره وغيره جڏهن تہ تعارف ڪرائڻ جو صرف اهو اڪيلو طريقڪار نہ آهي ان کان علاوه بہ تعارف ڪرائڻ جا کوڙ طريقا ٿي سگهن ٿا جن لاءِ اوهان کي اڳواٽ ان تي ڪم ڪري ان کي جاندار ۽ تجسس ڀريو بڻائڻ گهرجي. تعارف ۾ نئين يا منفرد ڳالهين جو هجڻ سون تي سھاڳو ثابت ٿيندو.

5- جنهن به مضمون يا فيلڊ باري انٽرويو ورتو وڃي پيو ان لاءِ ضروري آهي تہ اوهان وٽ ان جي گهڻ پاسائين ڄاڻ هجڻ گهرجي يعني Subject Matter knowledge جو هجڻ تمام گهڻو ضروري آهي ٻي صورت ۾ سٺو لباس، اعتماد، وقت جو قدر، تعارف وغيره پنهنجي چڱي ڀلي معنيٰ وڃائي ويھندا انڪري هن معاملي ۾ ڪنهن بہ ڪنجوسي کان ڪم وٺڻ نہ گهرجي ۽ تياري وقت مضمون جي هر پاسي کي ڇُھي وڃجي ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڳالھ جا چٽا امڪان آهن تہ سامھون ويٺل پينل ان معاملي ۾ ڪا بہ کوٽ قبول نہ ڪندو ۽ اوهان جي علمي کوٽ تي اوهان کي داد نہ ڏيندا.

6- سوالن جي پڇا ڳاڇا وقت ٿيندڙ ڳالھ ٻولھ جو آواز ۽ انداز جاندار ۽ اتساھ ظاهر ڪندڙ هجي. چهري جا تاثر، هٿن جا گهربل ۽ ٺهڪندڙ اشارا، آواز ۾ صورتحال ۽ ضرورت موجب تيزي ۽ آهستگي بہ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي.

7- سڄي ساري انٽرويو ۾ مڪمل طور حاضر دماغ رهو ۽ هر قسم جي سوالن لاءِ تيار رهو. اگر ڪنهن سوال جو جواب نٿو اچي تہ ان تي پريشان ٿيڻ جي ڪا بہ ضرورت نہ آهي دنيا ۾ اهڙو ڪو بہ ماڻهو نہ آهي جنهن کي هر سوال جو جواب ايندو هجي انڪري پريشان ٿي ان سوال جي نہ اچڻ ڪري پٺيان سٺو ڪري آيل انٽرويو يا انٽرويو جي ايندڙ حصي کي ان سوال جو جواب نہ اچڻ ڪري متاثر نہ ڪيو ۽ معذرت ڪري ٻي سوال طرف وڌي وڃو.

8- انٽرويو دوران ڪجھ جڳهن تي بحث جي گنجائش ٿي سگهي ٿي پر ان وقت صورتحال ڏسي اندازو لڳايو تہ ڇا ان بحث جي واقعي ضرورت آهي؟ يا سامهون ويٺل پينل اوهان جي آزمائش وٺي رهيو آهي. اگر توهان سمجهو ٿا توهان جي ڳالھ کي لاشعوري پوئتي ڪيو پيو وڃي تہ اهڙي صورتحال ۾ وڌ ۾ وڌ هڪ دفعو سامهون ويٺلن جي ڌيان ۾ آڻيو ۽ دليل پيش ڪيو پر ان سلسلي ۾ اجائي ڊيگھ، هروڀرو ۽ نتيجا نہ ڏيندڙ بحث کان پاسو ڪيو ۽ تمام گهڻا امڪان آهن تہ هتي ٿيندڙ ڪو بہ بحث اوهان اميدوارن جي حق ۾ نہ رهندو انڪري عقلمندي اها آهي تہ بحث جو ماحول پيدا ٿيڻ ڏيو ئي نہ.

9- جڏهن اوهان کان ڪو بہ سوال پڇيو وڃي تہ ان کي نهايت غور سان ٻُڌو ۽ سمجهو. ڪوشش ڪري پُڇيل ڪنهن بہ سوال جو انٽرويو پينل کان ورجاءُ نہ ڪرايو ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اوهان سوال کي غور سان ٻُڌندا. جيڪو سوال جيترو پڇيو وڃي ان جو صرف اوترو ئي جواب ڏيو وڌيڪ ٻڌائڻ سان توهان جو مٿيون سوال ضايع ٿي ويندو ۽ نتيجي ۾ انٽرويوور نئين موضوع مان سوال کڻي ايندو.

10- انٽرويو ۾ ڪاميابيءَ جا ڪيترائي راز ٿي سگهن ٿا جن مان هڪ راز اهو بہ آهي انٽرويوور کي لاشعوري ۽ بنا محسوس ڪرائڻ جي پنهنجي Home Ground يعني پنهنجي مضبوط پاسن ڏي کڻي اچڻ جي ڪوشش ڪيو جتي اوهين وڌيڪ قابل ۽ مضبوط آهيو ان کان علاوه تعارف کان وٺي مختلف شين ۾ پنهنجي شعوري طور اهڙيون شيون يا سبب ڇڏي وڃو جن تي انٽرويوور گفتگو ڪري يعني سئولن لفظن ۾ Cause and effect مطلب ڄاڻي واڻي ڪجھ اهڙيون شيون ترتيب ڏئي وڃو جن تي نہ چاهيندي يا پلان جو حصو نہ هوندي بہ هو لاشعوري اوهان جي پلان مطابق گفتگو ڪن ان سان هڪ فائدو اهو ٿيندو جو اوهان جو چونڊ يا ڄاڻي واڻي Cause بڻايل موضوع هوندو تہ اوهان ان تي گفتگو لاءِ اڳواٽ ئي تيار هوندا ۽ ٻيو ان سان انٽرويو جو وقت گذرندو ۽ اوهان جي موضوع تي دسترس هوندي تہ اها اوهان جي کاتي ۾ مثبت شئي ليکي ويندي.

11- پنهنجي نالي، ذات، ڳوٺ، شهر ۽ آسپاس وغيره جي مشھور شخصيتن ۽ جڳھن جي بہ ڄاڻ رکو. ڊيمو ورتو وڃي يا مضمون لکرايو وڃي ان لاءِ مختلف قسمن جي عنوانن تي تياري ڪري وڃو. جنرل ناليج، ڪرنٽ افيئرز ۽ اسلاميات تي بہ نظر وجهي وڃو. انٽرويو کي هڪ قسم جو اسڪرپٽ ڏئي پنهنجي منهن يا ساٿي دوستن سان پريڪٽس ڪري ڏسو ان سان انٽرويو جو خوف ختم ٿيندو ۽ انٽرويو ڪا نئين يا اڻ ٿيڻي ڳالھ نہ رهندي ۽ گڏوگڏ سموريون ڳالهيون چڱي نموني ياد ٿي وينديون.

12- آخري ڳالھ جڏهن انٽرويو هال ۾ داخل ٿيو بس اهو سوچجو هي 8 يا 10 منٽن جو سفر آ ۽ ان جي پار پوڻ تي ڪاميابي منتظر آهي. ڪنهن بہ حالت ۾ اعتماد وڃائي پريشان نہ ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ تہ هال اندر توهان جي سامهون جيڪي فرد سوٽ بوٽ پائي ويٺا آهن اهي بہ اوهان وانگر انسان ئي آهن اهي ڪي آسماني مخلوق نہ آهن اهي پاڻ اوهان وانگر زندگيءَ جي انهن مرحلن مان گذري هتي اچي پڳا آهن. تنھنڪري جيڪڏهن اُهي اِهي مرحلا طئي ڪري سگهن ٿا تہ اوهان ڇو نہ؟ ۽ ها ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو رهجي بہ ويندو آهي. ڪڏهن ماڻهو کُٽي بہ پوندو آهي. ڪڏهن نا انصافي بہ ٿيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ڪامياب ٿي بہ ناڪامي جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو سڀ ڪجھ ڪري بہ ڪجھ ناهي ڪري سگهندو. ڪڏهن هر هڪ شئي درست ڪرڻ باوجود بہ ڪامياب قرار نہ ڏنو ويندو آهي. ان نا انصافي ۾ مايوس ٿي ويھڻ يا هٿيار ڦٽا ڪرڻ اوهان جي ڪاميابي نٿو ٿي سگهي. ڪرڻ يا ڪيرايو وڃڻ کان پوءِ اٿڻ بہ تہ ڪاميابي آهي تنهنڪري اگر هن سفر ۾ ڪري پئو يا ڪيرايا وڃو تہ وقت سر اٿي پئو نہ اٿندا تہ خوامخواھ لتاڙجي ويندا.. هونئن بہ ڪاميابي جو در اوستائين کڙڪائڻ گهرجي جيستائين اهو کُلي نہ پئي....
Copied

02/07/2024

آپ کی ڈگری وقت، محنت اور پیسے کی ایک قیمتی سرمایہ کاری ہے۔ اپنے تعلیمی سفر کے لیے HEC سے منظور شدہ یونیورسٹی کے ذیلی کیمپسز کا انتخاب کریں۔

01/07/2024

99 سيڪڙو ماڻهون ڏيڏر پيا سمجهن پر ھي گھوڙو آهي

01/07/2024

سنڌي ۾ سيڪنڊ کي لمحو سڏبو آهي
منٽ کي پل ۽ ڪلاڪ کي گهڙي چئبو آهي
ٽن گهڙين کي پهر چئبو آهي
ڏينهن ۽ رات ۾ 24 گهڙيون ۽ 8 پهر آهن

01/07/2024

چالان ڪوئي به ناهي , اپلاء آنلائين ٿيندو NJP جي ويبسائيٽ تي هن ۾ اپلاء ضرور ڪريو,
پرائمري، ميٽرڪ، انٽر، ۽ بيچلر پاس نوجوانن لاءِ، فيڊرل بورڊ آف روينيو FBR ۾ زبردست نئين 1700 کان مٿي نوڪرين جو اشتهار جاري،
آخري تاريخ 15 جولاء 2024 آهي ...
لنڪ هيٺ ڏنل آهي
https://www.njp.gov.pk/login.php

30/06/2024

05 کان 15 گريڊ جي نوڪرين لاءِ 12 لک اميدوارن اپلائي ڪيو هو.
مئٽرڪ، انٽر ۽ گريجوئيشن ڪيٽگري لاءِ IBA طرفان 1750 رپيا چالان به اوڳاڙيو ويو هو..
هاڻي سنڌ سرڪار، MQM ۽ هاءِ ڪورٽ جي ملي ڀڳت سان اهو سمورو پروسز ڪينسل ڪيو ويو آهي.

Want your school to be the top-listed School/college in Karachi?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Address


Karachi