Sindhi Mutalio

Sindhi Mutalio

Share

I welcome you all to the page "SINDHI MUTALIO". This page is to promote sindhi culture, history and civilization.

This is purely non religious and non political forum.

03/04/2025
23/11/2024

اياز لطيف پليجو

24/01/2024

درگاھ لنواري شريف
ياد رهي تہ سن 1983 ۾ لنواري شريف جي درگاھ جي گادي نشينيءَ تي ٿيل تڪرار ۾ 7 ڄڻن جي قتل کان پوءِ درگاھ کي بند ڪيو ويو هو، جنهن کي 37 ورهين کانپوءِ 24 جنوري 2020 تي بدين جي ڊپٽي ڪمشنر عبدالحفيظ سيال، ايس ايس پي بدين حسن سردار نيازي ۽ اوقاف کاتي جي عملدارن جي موجودگيءَ ۾ پانديئڙن لاءِ کوليو ويو.

25/07/2023

ڪربلا ۽ سُر ڪيڏارو.
ڪيڏارو جنگ جي ميدان کي چئبو آهي ۽ ان نالي سان شاھ جي رسالي ۾ ھڪ سُر موجود آھي جنھن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ ڪربلا جو واقعو بيان ڪيو آھي، جيڪو کانئس 10 صديون پھرين ٿي گزريو آھي، پر تنھن ھوندي بہ شاھ سائين دنيا جو واحد شاعر آھي جنھن ڪربلا جي واقعي کي سوچي سمجهي ھڪ نظم جي طريقي پر تسلسل سان امامن جي مديني کان ڪربلا ڏانھن روانگي کان وٺي ڪربلا پڄڻ تائين، جنگ کان وٺي شھادت تائين ۽ ان کان پوءِ جي منظرن کي شاعريءَ ۾ ڳائي ان کي محفوظ ڪيو آھي.
سنڌ جي برک محقق محترم ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي ويچارن موجب شاھ لطيف ڀٽائيءَ ڪربلا جي واقعي کي سر ڪيڏاري ۾ مختصر پر تمام موثر انداز ۾ بيان ڪيو آهي، جيڪو حقيقت ۾ تمام جامع ۽ مفصل آهي. شاھ سائينءَ هن سر ۾ ڪربلا جي واقعي جي جيڪا منظر نگاري ڪئي آهي اُھا تمام گھڻو حيران ڪندڙ آهي، ايئن ٿو لڳي تہ ڄڻ اها جنگ ھِتي سنڌ ۾ ٿي هجي جنھن کي شاھ سائينءَ نہ رڳو پنھنجين اکين سان ڏٺو پر پاڻ بہ اھا جنگ وڙهيو هجي.
ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي مرتب ڪيل ”شاھ جي رسالي“ جي سُر ڪيڏاري ۾ ڇَھَہ (6) داستان ڏنل آھن، جنهن ۾ ڪل 75 بيت ۽ 6 وايون مِلن ٿيون، جن کي بار بار پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي. ھن لکڻيءَ ۾ مون آڏواڻي صاحب جي ڏنل ترتيب کان ھٽي پنھنجي مرضيءَ سان ڪجھہ ٿورن بيتن جو انتخاب ۽ انھن جو آسان سنڌي ترجمون ڪيو آھي، اميد تہ اوھان کي منھنجي اھا ڪاوش پسند ايندي.
شاھ سائين فرمائي ٿو:
1ـ ڪُوفِيُنِ ڪاغَذُ لِکِيو، وِچِ وِجِھي اَللّهُ؛
”اَسِين تابِعَ تُنھنجا، تُون اَسانجو شاهُ؛
ھيڪَرَ ھيڏي آءُ، ته تَختُ تابِيني تُنھنجي.
يعني: امام حسين ڏانھن ڪوفين خط لکيو تہ اللہ جي نالي تون ھيڏانھن اسان ڏي اچ، اسان توکي پنھنجو اڳواڻ بڻائي تنھنجي تابع (ھٿ ھيٺ) رھنداسين.

2ـ ڏِٺو مُحَرَّمُ ماهُ ، سَنڪو شَھزادَنِ ٿِيو؛
ڄاڻي ھيڪُ اَللّٰهُ ، پاڻَ وَڻَندِيُون جو ڪَري.
يعني: محرم جو مھينو ڏسي مون کي شھزادن جي جدائيءَ جو غم ٿِي پيو آھي. رڳو ھڪ الله تعالي ئي (ڪربلا جي معاملي ۽ راز کي) ٿو ڄاڻي جيڪو پاڻ وڻنديون ٿو ڪري (يعني اللہ اھو ڪندو آھي جيڪو گھرندو آھي)

3ـ چَنڊَ وِھاڻِئَ چَڙِهيا، مَلَّھ مَدِينِئان مِيرَ؛
اُنِ سين طَبَلَ، بازَ، تَبَرُون، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ؛
عَلئَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
آڌيءَ رات کان پوءِ پرھ ڦٽيءَ جو پھلوان مديني کان نڪتا، ساڻن گڏ ڪجھہ ھٿيارن وارا جانباز بہ ھئا، جن سان طبل (يعني نغارو جيڪو ويڙھ مھل وڄائبو آھي)، تبرون (يعني ننڍڙيون ڪھاڙيون جيڪي دشمن تي اڇلائي ھڻبيون آھن)، ڪُندَ (يعني لوھ جون ٺھيل تيز چھنب واريون بڻڇيون)، ڪَٽارا (يعني ننڍيون تلوارون)، ڪِيرَ(يعني لوھ جا تيز منھن وارا وڏا ڪيلا يا راڊيون) ھيون، انھن لوھن سان عليءَ جا شھزادا ويڙھ (جنگ) ڪندا.

4ـ حَسنَ، مير حُسينَ کي، رُنو ٽِن ٽولن؛
گھَرِ ماڙُھِين، جھَنگِ مِرُوئِين، اُڀَنِ ۾ ملائڪن؛
پَکِيَنِ پاڻُ پَڇاڙِيو، تہ لَڏِيو ھوتَ وَڃَنِ؛
اَلا! شَھزادَنِ سوڀُون ڏئِين، سَچا ڌَڻي.
يعني: حَسَن، شھزادي حُسین لاءِ ٽن گروھن رُنو۔
گھر ۾ ماڻھن، جھنگل ۾ جانورن ۽ آسمانن ۾ ملائڪن۔
پَکِيَنِ پاڻُ کي ھيٺ پَڇاڙِيو (ڪيرايو) تہ "ھوت" (یعني امام صاحب) لَڏِيو ٿو وڃي.
اي سچا ڌڻي! اِنھن شھزادن کي سوڀَ (ڪامیابي) عطا ڪر ۔

5ـ ڪامل ڪــربلا ۾ ، آيا سـيد شير ؛
سج لھي سانجھي ٿي، منھن اونداھي مير ؛
ورنھہ انھيء وير، تجلو ٿيو ترارن جو .
يعني: جنھن مھل شير ڪامل سيد ڪربلا ۾ پھتا تنھن مھل سڄ لھي چڪو ھو ۽ ھلڪي اونڌاھي پي ٿي، انھيءَ مھل سھڻن بھادرن جون تلوارن چمڪي رھيون ھیون.

6ـ ڪَربَلا جي پِـڙَ ۾ ، خِيما کـوڙِيائُون ؛
جهيڙو يَزِيدَ سامُھون ، جُنبِي جوڙِيائُون ؛
مُنھُن نہ موڙِيائُون ، پَسِي تاءُ تَرارِ جو.
(ھي بيت سُر يَمن ڪَليان جو آھي)
يعني ڪربلا جي ميدان ۾ (امام حسين) اچي پنھنجا تنبو لڳايا، پوءِ يزيدَ (يزيدي لشڪرَ) سامھون بھادريءَ سان جنگ وڙھيا ۽ دشمنن جي تلوارن جو تاب ۽ طاقت ڏسي پويان ڪو نہ ھٽيا.

7ـ ڪُوفِي ڪَربَلا ۾، پاڻِي نه پِيارِينِ؛
اُتي عَليءَ شاهَ کي، شَهزادا سارِينِ؛
نِڪِريو، نِهارِينِ؛ چَڙهُ، مِيرَ مُحمَّدَ عَرَبِي.
ڪوفين ڪربلا جي ميدان ۾ امام صاحب ۽ سندس ساٿين جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو، اُڃايل (معصوم) شھزادا خيمن کان ٻاھر نھاري حضرت عليءَ کي ياد ڪرڻ لڳا. اي محمد اللہ صلي اللہ عليہ وسلم انھن جي مدد لاءِ پھچ.

8ـ سختي شهادت جي، سڻ! شادي جو ڏينهن؛
ذرو ناه يزيد کي، نسورو ئي نينهن؛
مرگ آهي مينهن، علي جي اولاد کي۔
يعني: شھادت جي سختي (امام صاحب لاءِ) وڏي خوشيءَ ۽ جشن جهڙي آھي، يزيد کي ان عشق الاهيءَ جي بِنھہ پروڙ ئي ناهي، حضرت علي جي اولاد تي اھا رحمت وسڪاري وانگر وسي ٿي.

9ـ حُرُّ ھَلِي آئِيو، مانجِھي مَرِدانو؛
آھِيان عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ، پَرِوانو؛
مانَ راضِي ٿِئي، رَسُولُ رَبَّ جو، نَبِي تو نانو؛
ھِيُ سِرُ سَمانو، گھوٽَ! مَٿان ئي گھورِيان.
يعني: ايتري ۾ حضرت حُرُّ (جيڪو اڳ ۾ يزيد جو فوجي اڳواڻ ھو) امام صاحب وٽ لنگھي آيو ۽ عرض ڪيائين تہ آءٌ تنھنجو عاشِقُ ۽ پَرِوانو (خيرخواھ) آھيان، تنھنجي مدد ڪرڻ ۽ تو مٿان پنھنجو سر قربان ڪرڻ ٿو گھُران تہ من تنھنجو نانو رَسُول اللہ صلي اللہ عليہ وسلم مون مان راضِي ٿِئي.

10ـ سَخِتي شَھادَتَ جِي، مِڙوئِي مَلارُ
ذَرو ناھِ يَزِيدکي، اِي عِشَقَ جَوآثارُ
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصُلُ اِمامَنِ سين.
يعني امامن لاءِ شھادت جي سختي (امامن لاءِ) الاهي رحمت جي برسات هئي. يزيد کي ان الاهي عشق جي رتيءَ ماتر بہ پروڙ نہ هئي. اصل ۾ امامن جو ازل واري ڏينهن کان ئي سر ڏيئي شھادت ماڻڻ جو (ذات خداونديء سان) اقرار ٿيل هو ۔

11ـ ڏاڙهيء رتُ رتياسِ، ڏندَ تہ موتِين ڳُتيا،
چوڏھينء ماهَ چنڊَ جئن، پِڙَ ۾ پيشانياسِ،
"ﷲ نور السماوات" جلوو زمينياسِ،
"سيما هم في وجوههم" مُنهن ۾ مڻِ ڳُتياس،
ڪڪرا ڪربلا جا مادر ٿي ميڙِياسِ،
ڦٽن تان رت ڦُڙا، عليء ٿي اگهياسِ،
مڙئي معاف ڪياسِ، خالق بدلي خون جي.
يعني: امام صاحب جي ڏاڙھي مبارڪ رت مان ڀرجي ويئي. جنگ جي ميدان ۾ سندن پيشاني چنڊَ جي چوڏھينء تاريخ وانگر چمڪي رھي ھئي، ڄڻ تہ "ﷲ نور السماوات" جي زمين تي تجلي ھئي. "سيماهم في وجوههم" (انھن جا نشان سندس منهن تي آهن)، جيڪي زخم سنس مُنھن تي ٿيا ھئا ۽ انھن ۾ ڪربلا جا ننڍڙا ننڍڙا ڪنڪر (پٿر) پئي ويا ھئا، جن کي سندس ماءُ (بيبي فاطمہ) ڪڍي پري ٿي ڪيو ۽ حضرت عليءَ سندس زخمن تان رت جا ڦڙا ٿي اُگھيا. اللہ تعالي ان خون جي بدلي کين سڀ ڪجھہ معاف ڪري ڇڏيو.

12ـ سختي شهادت جي، نسورو ئي ناز؛
رند پروڙين راز، قضيو ڪربلا جو۔۔
يعني: شهادت جي سختي حقيقت ۾ (ڌڻيءَ پاران امامن لاءِ) ھڪ خالص ناز ۽ باعث فخر ھو، ان قضيئي جي ڳجھارت (راز) رڳو ”رند“ (يعني عارف ۽ ڪامل) ئي پروڙي سگهن ٿا۔۔۔
ڪربلا جي قضئي جي ڳجھارت يا راز ڪهڙو آهي؟ اهو ڄاڻڻ لاءِ اسان کي شاھ سائين جي هڪ هڪ لفظ کي غور سان پڙهڻو پوندو تہ جيئن ان سان اسان کي اهو راز ملي پوي۔

16/04/2023

(سُر سُورٺ)
سورٺ ۽ راءِ ڏياچ جو قصو
(شاھ عبداللطيف ڀٽائي)
پيشڪش: مھراڻ ٽيليويزن سنڌ

27/02/2023

شاهہ جو رسالو
(سر ڪوهياري)
اُڙدو ترجمو: شيخ اياز، ٻڌائيندڙ: صبا زين

Risalo of Shah
(Sur Mountaineer)
Urdu Translation Shaikh Ayaz, by Saba Zain

12/06/2022

لطيفيات
اَڌِ لوئيء جو اَنگَ تي ، اَڌ َ ۾ ٻَچا ٻارَ ،
اهڙا جن اطوار ، تن جي سام پرتئي سُومرا.
(شاھ عبداللطيف ڀٽائي)

مفھوم: هن بيت ۾ شاھ سائين بظاهر مارئي جي زباني التجا ڪري فرمائي ٿو ته جن وٽ تن ڍڪڻ لاء رڳو هڪ اڻپوري لوئي آهي جنهن جي اڌ حصي سان هو پنهنجو جسم ڍڪين ٿيون ۽ اڌ حصي سان پنهنجن ٻچڙن ٻارن کي ٿڌي ڪوسي کان بچائي رکن ٿيون، اي حاڪم وقت (ڌڻي تعاليٰ) تون انھن کي پنھنجي پناھ ۾ رک .

01/06/2022

نديم شنان
سلطنت عمان جو جدگالي گانو

28/05/2022

امريڪن سنڌي ڳائڻو برائن بانڊ
آمريڪا جي هڪ ڳائڻي/ ليڪچرر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي تحقيق ڪئي. 2014 ۽ 2015 ۾ هن ڪڇ، هندستان جو سفر ڪيو جتي هن عطا الله جت ۽ سندس ڀاءُ عارب جت سان ملاقات ڪئي. برائن بانڊ سنڌي سکيو ۽ شاھ جي ڪافي کي روايتي انداز ۾ ڳائڻ سکيو.
American SINDHI singer Brian Bond
A USA based singer / lecturer research on Shah Abdul Latif Bhitai´s poetry. In 2014 and 2015 he traveled to Kutch, India where he met Attaullah Jat and his brother Aarb Jat. Brian Bond learned sindhi and learned to sing Shah ji kafi in traditional way.

28/05/2022

O my Lord!
As long as i'm alive
I will not keep another guard.
(Shah Abdul Latif Bhittai)

Want your school to be the top-listed School/college in Karachi?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Website

Address


Karachi