10/08/2026
Shah Abdul Latif university Khairpur Admissions Open For Acedmic Year 2027
🎓 شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ اڪيڊمڪ سال 2027ع لاءِ داخلائون کليل!
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، گھوٽڪي ۽ شهدادڪوٽ ڪيمپسز ۾ مختلف BS، LLB، Pharm-D، BS Part-III (Bridging) ۽ MBA پروگرامن ۾ نئين داخلا لاءِ آن لائن درخواستون طلب ڪيون ويون آهن.
📌 آن لائن اپلاءِ جي تاريخ:
20 آگسٽ کان 22 سيپٽمبر 2026ع تائين جڊھن ته پري انٽري ٽيسٽ 13 آڪٽوبر تي ورتي ويندي
✅ داخلا لاءِ اهم شرطون
سنڌ صوبي جا اهي اميدوار جن 2023ع کان 2026ع تائين Intermediate (HSC-II) يا برابر امتحان پاس ڪيو آهي، اهي اپلاءِ ڪري سگهن ٿا. عام BS پروگرامن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو مارڪون لازمي آهن، جڏهن ته Pharm-D لاءِ 60 سيڪڙو مارڪون گهربل آهن.
LLB
۾ داخلا لاءِ اميدوار وٽ Law Admission Test (LAT) ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو اسڪور هجڻ لازمي آهي.
BS Part-III (Bridging) لاءِ 2 سالا Associate Degree/AD پروگرام 2021ع يا ان کان پوءِ HEC-recognized يونيورسٽي مان گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو مارڪن سان پاس ڪندڙ اميدوار اهل آهن.
💰 Application Processing Fee: Rs. 2,500/-
فيس HBL Konnect ذريعي جمع ڪرائڻي پوندي.
📌 اميدوارن کي آن لائن فارم ڀرڻ کان پوءِ گهربل دستاويز اپلوڊ ڪرڻا پوندا ۽ درخواست فارم جي پرنٽ سان گڏ لاڳاپيل دستاويزن جون ڪاپيون ۽ 2 تازيون پاسپورٽ سائيز تصويرون جمع ڪرائڻيون پونديون.
🔗 آن لائن داخلا لاءِ يونيورسٽي جي Admission Portal ذريعي اپلاءِ ڪريو ۽ Prospectus احتياط سان پڙهي سڀني Admission Rules & Regulations تي عمل ڪريو.
نوٽ: يونيورسٽي ضرورت مطابق Pre-Entry Test جي شيڊول ۾ تبديلي يا ملتوي ڪرڻ جو حق محفوظ رکي ٿي.
Yousuf Khushk Shah Abdul Latif University, Khairpur