05/05/2024
ھي ڪھڙو امتحان آھي ڪوئي ٻڌائي سگهي ٿو؟ سنڌ جو تختو ڪلٽي ڪيو ويو آهي ٽاپرس ديوارن سان لڳايا ويا آهن ۽ ٻين کي انٽرويو وسيلي ھماليا جبل جي چوٽيءَ تي پھچايو ويو آهي. ميونسپل امتحان۾ به 90 اسڪور ڪندڙ کي انٽرويو۾ زيرو اسڪور ڏنو ويو..
انٽرويو ميرٽ جو قاتل آهي! انٽرويو ختم ڪرڻ گھرجي.
6 ڪروڙ سنڌين جو ھڪ مطالبو ھئڻ گھرجي. سنڌ ڪميشن جا انٽرويو ختم ڪري بيروزگار نوجوانن جي ميرٽ بچايو.
سنڌ ڪميشن جي امتحان ۾ 33 يا 90 اسڪور ڳالهه ساڳي آهي ، انٽرويو کانپوءِ 33 وارو 90اسڪور تي ، 90 وارو 33 کان گھٽ ايستائين زيرو ڏسندو. ميونسپل آفيسر انٽرويو سنڌ لاءِ سکڻ لاءِ يادگار سبق آھي.