22/08/2026
وڇڙيو آهين، وسريو ناهين...
ساهتي پرڳڻي جي ڪنڊيارو شهر سان تعلق رکندڙ، انتهائي ذهين، باوقار ۽ سحرانگيز شخصيت، مرحوم ممتاز گهانگهرو (DC Customs)، شهيد ڊاڪٽر اڪبر گهانگهرو جو ننڍو ڀاءُ هو.
مرحوم ممتاز گهانگهرو 22 آگسٽ 2017ع تي مٽياري–حيدرآباد روڊ تي هڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. سندس اوچتو وڇوڙو خاندان، دوستن، ساٿين ۽ کيس سڃاڻندڙ هر دل لاءِ هڪ وڏو صدمو هو.
سندس شاندار شخصيت، محبت ڀريا لاڳاپا، خلوص ۽ يادون اڄ به دلين ۾ زنده آهن. وقت گذرڻ سان وڇوڙي کي سال گذري ويا، پر سندس ياد اڄ به اوتري ئي تازگي سان دلين ۾ موجود آهي.
سندس نائين ورسي جي موقعي تي کيس عقيدت، احترام ۽ محبت سان ڀيٽا پيش ڪجي ٿي.
رب پاڪ مرحوم ممتاز گهانگهرو جي مغفرت فرمائي، کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس پونئيرن کي صبرِ جميل عطا فرمائي.
آمين يا رب العالمين....