20/10/2025
جنم ڏينهن جون واڌايون پيارا ...!
ماڻھو تہ مڙھئي ماڻھو
پر ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجھ مڻيا
مونکي اُهي ماڻھو وڻيا
جن داغ نه لاٿو دوستي ۾۔۔
۔
دل ۽ اخلاق اهڙي شيء آهي جنهن کي خريد ڪرڻ هر ماڻهو جي وس جي ڳالھ نہ آهي پر اهڙا بہ انمول انسان هوندا آهن
جيڪي پنهنجي مٺي زبان ۽ محبت سان ٻئي کي پنهنجو ڪري ان جي دل ۾ پنهنجي لاء محبت پيدا ڪرڻ جا ماهر به هوندا آهن
اهڙن پيارن مان اسان جو پيارو
به ھڪ آھى
توهان جو اخلاق ۽ ڪردار لفظن جو محتاج ناهي پوءِ به سونهن وارن ۾ منفرد آهين تون ڀٽائيءَ جي شاعري وانگي...!
اڄ توھان جو جنم ڏينهن آهي انھيءَ انمول ڏينهن تي اھڙا ڪي مون وٽ لفظ ناھن جنهن ۾ توھان جي خوش طبيعت محبت رنگ به رنگي سونهن وانگر تنهنجي سهڻي ڪردار ۽ پيار جي پريت جي شان ۾ شامل ڪري سالگرھ جي وڌائي طور پيش ڪري سگھان...!!
مگر پوءِ به ھزارين نيڪ تمنائن سان توھان کي جنم ڏينھن جون مبارڪون ھجن...!!!
ڌڻي در دعا ڪندس ته شال سدائين سکيا هجو
۽ سنڌ امڙ جيڏي ڄمار ماڻيو شل ڪو ڪوسو واءُ نه لڳئ سڌائين ائين مرڪندا ۽ جرڪندا رھو جڳ جڳ جئيو ۽ جاڙون ڪيو...!!!
گلابي لفظن سان جنم ڏينھن مبارڪ....!!!!