28/05/2025
گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مرزاپور اولڊ ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ جي ھڪ عظيم استاد عبدالستار پٺاڻ صاحب جي ريٽائرمنٽ جي موقعي تي ھڪ شاندار الوداعي تقريب ٿي...
استاد عبدالستار پٺاڻ صاحب ھڪ نھايت ئي قابل استاد ، علم ۽ ادب جو ڌڻيءَ ، انتھائي فرض شناس ، وفادار ، ديانتدار ۽ ھڪ پارسا استاد ، جنھن ضلعي ڪشمور جھڙي تعليم ۾ پٺتي پيل علائقي ۾ ڪيترن ئي ڏھاڪن کان علم جي جوت جلائي رھيا آھن.. ھو ھڪ اھڙي سدا بهار شخصيت آهن ، جنھن جي لاءِ لطيف سرڪار فرمايو آهي ته.....
ماڻھو سڀ نه سهڻا ، پکي سڀ نه ھنج ،
ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ منجھ ، اچي بوءِ بهار جي .
استاد عبدالستار پٺاڻ صاحب جھڙيون شخصيتون اسان جي قومي ھيروز ۾ شامل آھن.سائين جن جون تعليمي خدمتون ، انشاءالله ھڪ شاندار تھذيب جو بنياد رکندي ۽ اسان جو سماج طبقاتي ۽ دقيانوسي روين کان پاڪ ٿيندي...ا
اللہ پاڪ سائين جن کي سدائين خوش رکي شاد آباد رکي آمين.....