15/12/2024
طويل مدت کان پوءِ آخرڪار ميوو مل مجروح جي محنت سان ڪڍڻ ميگھواڙ محله اسڪول جي نئين شاندار بلڊنگ منظور ٿئي ۽ هڪ ماڊل اسڪول جو ڏيک پئي ڏي.
ڪافي ننڍڙا ٻار جيڪي 1.5 ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪري مين ڪئمپس اسڪول ويندا هئا ۽ والدين اوسيڙي ۾ هوندا هئا هاڻ اُهي اوسيڙا به لٿا.
ويتر ميگھواڙ محله جي نوجوان سائينءَ مڪيش کوکر جي بقول سندس ڪوشش سان سامي فائوڊيشن سان رابطو ڪيو ۽ اڄ آخرڪار سولر سسٽم به اسٽال ٿي ويو.
هن وقت جي موجود ڪڍڻ هائير سيڪنڊري اسڪول جي انجارچ سائين نجم جمالي صاحب جون به ڪوششون هميشه ياد رهنديون.
جيڪڏھن سڀ پنهنجي ادارن جي ائين مالڪي ڪن ته انشا الله معاشري ۾ مثبت تبديليون اچي سگهن ٿيون.