07/05/2022
الحمد لله رب العلمين والصلات والسلام علي سيدالانبياء والمرسلين ـ جيئن ته مدرسہ المدینہ محمدی مسجدِ واھی روڈ سان جوھی شھر ۾ الله ۽ الله جي رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي فضل و ڪرم سان ۽ سٺن محنت ڪش استادن جي نگرانيء ۾ پڙھائي جاري ساري آھي ـ 20 کان 25 طلباء مسافر رھن ٿا ـ ۽ تقريبن 100 جي لڳ ڀڳ شھري ٻار قرآن پاڪ جي تعليم سان سرفراز ٿين ٿا پيا ـ ۽ ھرھڪ طالب تي انفرادي طور توجه ڏنو ويندو آهي ـ ھر ٽي مھيني امتحانن جو سلسلو آهي , تجويد يعني معروف طريقي سان قاعدو ۽ ناظره قرآن ۽ پڻ حفظ پڙھايو ويندو آهي , انکان علاوه حفظ پوري ڪرڻ کان بعد فورن عربي فارسي يعني درس نظامي شروع ڪرائي ويندي آهي : عقائد جي لحاظ انهن کي پڙھايو ۽ سکاريو ويندو آهي ـ بنيادي مسئلا سکڻ جو پڻ ماحول آهي: وضوء جا مسئلا مڪمل ـ نماز جا مسئلا مڪمل ـ نماز جنازا ـ ميت کي غسل ڏيڻ جو طريقو ـ نڪاح پڙهڻ جو طريقو ـ درس , دين متين جي خدمت ڪرڻ جو ذھن ٺاھيو ويندو آهي , تمام عاشقان رسول صلي الله عليه وسلم جن جي بارگاه ۾ گذارش ٿي ڪجي ته پنهنجي اولاد کي داخلا ڏياري انهن جو مستقبل سٺي ھجڻ سان گڏوگڏ دين دنيا ۽ آخرت سنوارين ـ داخلا جاري ساري آهي اڄ ئي رابطو ڪري پنهنجا ٻار داخل ڪرايو
ـ ـ
حافظ فدا حسین جمالی 03052887121
قاری محمد سلیم لاشاری 03103701769
حافظ سجّاد جمالی 03113691969