University of Sindh

University of Sindh University of Sindh

*سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو پاران تعليمي سال 2027ع تحت بيچلرس ۽ بي ايس ٿرڊ ايئر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن جو اعلان ڪري ڇڏيو.....
09/08/2026

*سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو پاران تعليمي سال 2027ع تحت بيچلرس ۽ بي ايس ٿرڊ ايئر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن جو اعلان ڪري ڇڏيو.....*

`وڌيڪ تفصيل ھن اشتھار ۾ شامل آھن......`

07/08/2026
31/07/2026

ڄامشورو: اونھاري جي موڪلن بعد سنڌ يونيورسٽي 3 آگسٽ تي استادن ۽ ٻئي عملي لاءِ ٻيھر کلي ويندي، ڪلاسز 17 آگسٽ کان باقاعده طور ھلائڻ جو اعلان: جمعي جي موڪل ختم ڪرڻ جو به نوٽيفڪيشن جاري

29/07/2026

سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ جي صدارت ھيٺ اعلي سطحي اجلاس، تعليمي سال 2027ع تحت بيچلرس ۽ بي ايس ٽئين سال جي داخلائن جو شيڊيول يڪراءِ منظور: 4 جنوري کان ڪلاس شروع ڪرائڻ جو به اعلان

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (ٽي آءِ) جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ تعليمي سال 2027ع لاءِ بيچلر ڊگري پروگرامن ۽ بي ايس ٽئين سال جي داخلائن جي شيڊيول جي يڪراءِ منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پرو وائيس چانسلر مين ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، پرو وائيس چانسلر دادو ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو، مختلف فئڪلٽين جا ڊين، ڊائريڪٽر فنانس، ٻنهي امتحانن وارن ڪنٽرولرن، سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر، انفارميشن ٽيڪنالاجي سروسز سينٽر جي ڊائريڪٽر ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تفصيلي غور ويچار کان پوءِ بيچلر ڊگري پروگرامن ۽ بي ايس ٽئين سال جي داخلائن بابت تجويز ڪيل شيڊيول جي متفقه منظوري ڏني وئي. منظور ڪيل شيڊيول موجب داخلائن جي اشتهاري مهم 9 آگسٽ 2026ع تي شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته يونيورسٽي جي آن لائين ايڊميشن ويب پورٽل ذريعي رجسٽريشن جو آغاز 10 آگسٽ 2026ع کان ٿيندو. آن لائين داخلا فارمن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 11 سيپٽمبر 2026ع مقرر ڪئي وئي آهي. بيچلر ڊگري پروگرامن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ 4 آڪٽوبر 2026ع تي ورتي ويندي، جڏهن ته ايل ايل ايم ايوننگ ڊگري پروگرام جي پري انٽري ٽيسٽ 1 نومبر 2026ع تي منعقد ٿيندي. پهرين عارضي ميرٽ/سيلڪشن لسٽ 10 نومبر 2026ع تي جاري ڪئي ويندي. اميدوارن کي 10 کان 12 نومبر تائين اعتراض داخل ڪرائڻ جو موقعو ڏنو ويندو، اعتراضن جي ازالي بعد نظرثاني ٿيل پهرين عارضي ميرٽ لسٽ 15 نومبر 2026ع تي جاري ڪئي ويندي. چونڊيل اميدوار 16 نومبر کان 27 نومبر 2026ع تائين داخلا فيس جمع ڪرائڻ سان گڏ مئٽرڪ، انٽرميڊيئيٽ، ڊوميسائيل، پي آر سي ۽ مارڪ سرٽيفڪيٽن سميت گهربل دستاويز جمع ڪرائيندا. ٻي عارضي ميرٽ لسٽ 1 ڊسمبر 2026ع تي جاري ٿيندي. 2 ڊسمبر تي اعتراضن جي ٻڌڻي ۽ ازالي کانپوءِ نظرثاني ٿيل ٻي ميرٽ لسٽ 3 ڊسمبر 2026ع تي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته ان لسٽ جي چونڊيل اميدوارن کان فيون 4 ڊسمبر کان 11 ڊسمبر 2026ع تائين وصول ڪيون وينديون. ٽئين عارضي ميرٽ لسٽ ۽ بچيل سيٽن لاءِ پهرين اسپيشل لسٽ 15 ڊسمبر 2026ع تي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته فيون 15 کان 19 ڊسمبر 2026ع تائين جمع ڪرايون وينديون. چوٿين عارضي ميرٽ لسٽ ۽ بچيل سيٽن لاءِ ٻي اسپيشل لسٽ 22 ڊسمبر 2026ع تي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته فيون 22 کان 26 ڊسمبر 2026ع تائين وصول ڪيون وينديون. پنجين عارضي ميرٽ لسٽ ۽ بچيل سيٽن لاءِ ٽين اسپيشل لسٽ 29 ڊسمبر 2026ع تي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته چونڊيل اميدوار 29 ڊسمبر 2026ع کان 2 جنوري 2027ع تائين داخلا فيسون جمع ڪرائي سگهندا. منظور ڪيل شيڊيول موجب تعليمي سال 2027ع جا باقاعده ڪلاس 4 جنوري 2027ع شروع ٿيندا. اجلاس کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (ٽي آءِ) سڀني لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته داخلا عمل جي هر مرحلي کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي ۽ اميدوارن کي شفاف، مؤثر، تيز رفتار ۽ مڪمل ميرٽ تي ٻڌل داخلا نظام تحت وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

الله 😢😢😢انتھائي گھڻو ڏک ٿيو جو اسان جو دوست اسان کان وڇڙي ويو , فرحان عمراڻي تمام سلجھل ڇوڪرو هيو لال ڪينٽين سنڌ يونيورس...
16/07/2026

الله 😢😢😢
انتھائي گھڻو ڏک ٿيو جو اسان جو دوست اسان کان وڇڙي ويو , فرحان عمراڻي تمام سلجھل ڇوڪرو هيو لال ڪينٽين سنڌ يونيورسٽي مامي جبل عمراڻي جي ڪينٽين تي روزانو ديدار ۽ ڪچھري ٿيندي ھئي پر اڄ اھي سڀ مسڪراھٽون فرحان پاڻ سان کڻي پنھنجي حقيقي مالڪ سان مليو😢😭😭

12/07/2026

اڄ صبح فجر جي وقت خيالن ۾ جميعت وارن سان ويڙهه پئي هلي ته اچانڪ بابا اٿاريو پئي چئين هل نماز تي مان نندر ۾ چيو پري ٿي ٺوڪين نه لت اکيون کولي ڏٺم بابا مٿان بيٺو هو بابا چيو نماز پڙهي آ مان ڏسان ٿو توکي

24/06/2026

*University of Sindh Student Secures First Position Among National Top Achievers of HEC National Skill Competency Test 2026*

The University of Sindh, Jamshoro, takes great pride in announcing a landmark national achievement. Mr. Zain-ul-Abden, son of Mr. Muhammad Qasim, Roll No. 2K23/NFIT/21, a student of the Bachelor of Science in Information Technology (4-Year Programme), Khan Bahadur Syed Allahndo Shah Sindh University Campus NaushehroFeroze, University of Sindh, Jamshoro and a resident of District Naushahro Feroze, has distinguished himself at the national level in the National Skill Competency Test (NSCT) 2026 conducted by the Higher Education Commission (HEC) of Pakistan.

Mr. Zain-ul-Abden secured the 1st Position in the National Merit List of Top 17 Achievers, obtaining an exceptional score of 97 out of 100 with a 100th Percentile ranking. This extraordinary performance is a source of immense pride for the University of Sindh and is a testament to the academic rigour, technical competence, and competitive calibre of its students in the field of Information Technology.

The NSCT 2026 is a major national initiative launched under the directives of the Prime Minister of Pakistan to establish the country's first standardised benchmark for assessing the skill readiness of IT graduates. The test was conducted on a nationwide scale, with more than 33,000 students assessed across 188 universities throughout Pakistan, making it one of the most comprehensive evaluations of undergraduate IT competency ever undertaken at the national level.

The NSCT 2026 assessed candidates across a broad spectrum of computing and information technology domains, including: Operating Systems, Software Engineering, Data Structures, Computer Networks and Computing Fundamentals, Programming, Databases, Problem Solving and Analytics, Cybersecurity, Web Development, Artificial Intelligence, Machine Learning, and Data Analytics. Mr. Zain-ul-Abden demonstrated exceptional competency across all assessed domains, earning a cumulative score of 97/100 and securing the top position in the national ranking.

This achievement represents a significant milestone — not only for Mr. Zain-ul-Abden personally, but for the entire academic community of the University of Sindh. It reflects the student's dedication and perseverance, the guidance of his faculty mentors, the steadfast support of his family, and the university's unwavering commitment to quality education, skill development, and technological innovation in alignment with Pakistan's national digital agenda.

The University of Sindh extends its heartfelt congratulations to Mr. Zain-ul-Abden, his family, his faculty members, and the academic leadership for this remarkable accomplishment. The university trusts that this distinction will serve as a powerful inspiration for fellow students to aspire toward academic excellence, professional competence, and meaningful contribution to Pakistan's digital and technological future.

Address

Jam Shoro

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when University of Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category