03/06/2026
📢 1st General Test 2026 – Answer Keys Uploaded
Dear Students and Parents,
The Answer Keys for the 1st General Test 2026, held on 25 May 2026, for Classes 4 to 10 have been uploaded for your reference and review.
Please note that these keys have been prepared with great care; however, there may be inadvertent errors or omissions. If you identify any discrepancy, kindly bring it to the attention of the school administration for verification and correction.
We appreciate your cooperation and wish all students the very best in their academic journey.
Bright Future Star Public School, Islamkot.
26/05/2026
🏫 برائيٽ فيوچر اسٽار پبلڪ اسڪول اسلام ڪوٽ 🏫
سڀني شاگردن، والدين، استادن
۽ اهلِ اسلام کي دل جي گهراين سان
عيد الاضحيٰ جون لک لک واڌايون ✨
الله پاڪ هي مبارڪ ڏينهن
اسان سڀني جي زندگين ۾
خوشيون، رحمتون، امن ۽ برڪتون آڻي. 🤍
🐐 قرباني، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام 🐐
🌸 عيد مبارڪ 🌸
25/05/2026
A few memorable clicks captured during the First G.T Session 2026–2027 📸✨
From Class Four (IV) to Matric (X), students actively participated with great enthusiasm, confidence, and a spirit of learning. 🌟
These moments reflect the hard work, discipline, and joyful learning environment of our school. 💫
May our students continue to shine brighter in their educational journey. 📚🏫
24/05/2026
برائيٽ فيوچر اسٽار پبلڪ اسڪول اسلام ڪوٽ جي شاگردن ۽ اسٽاف سان گڏ هڪ شاندار تعليمي ۽ تفريحي ٽوئر لاءِ روانا ٿياسين۔
سفر جي شروعات تاريخي نئوڪوٽ قلعي جي وزٽ سان ٿي، جتي شاگردن سنڌ جي تاريخي ورثي، ثقافت ۽ قديمي اڏاوت بابت دلچسپ ڄاڻ حاصل ڪئي۔ ٻارن وڏي شوق سان قلعي جا مختلف حصا ڏٺا ۽ يادگار لمحن کي ڪئميرا ۾ محفوظ ڪيو۔
ان کان پوءِ اسان سڌو ڊولفن واٽر پارڪ ميرپورخاص پهتاسين، جتي شاگردن سان گڏ ڏاڍو خوشگوار ۽ يادگار وقت گذاريوسين۔ پاڻيءَ جي راندين، سلائيڊن ۽ مختلف تفريحي سرگرمين ٻارن جي خوشين ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو۔ شاگردن جي چهري تي مرڪ ۽ خوشي ڏسي دل باغ بهار ٿي وئي۔
هن ڪامياب ٽوئر دوران صدر اپسما فيصل خان زئي صاحب جو ڀرپور تعاون، محبت ۽ سهڪار ساراهه جوڳو رهيو، جنهن لاءِ اسين دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون۔
هي ٽوئر نه صرف تفريح جو ذريعو بڻيو، پر شاگردن جي ڄاڻ، اعتماد ۽ گڏيل ڀائپي کي به وڌيڪ مضبوط ڪيو۔
الله پاڪ کان دعا آهي ته اسان جا شاگرد هميشه اهڙي ريت سکيا سان گڏ خوشين جا لمحا ماڻيندا رهن۔ 🌸
18/05/2026
Focused minds, silent determination, and the chemistry of hard work in action — my Class IX scholars fully immersed in today’s test, proving that success is crafted through discipline and dedication.