23/09/2025
حڪومت سنڌ طرفان سڀني سرڪاري ملازمن سان ٿيندڙ ناانصافي ، ٻہ اکيائي ، پينشن ريفارمز جي نالي تي ٿيندڙ پينشن مان ڪٽوتي جي ڪاري قانون جي خلاف ، وفاق جيان سنڌ جي ملازمن کي ڊسپيئرٽي ريڊڪشن الائونس نه ڏيڻ ، پگھارن ۾ مناسب واڌ نه ڪرڻ ، گروپ انشورنس ۽ بينئول فنڊ رٽائرمينٽ جي وقت نہ ڏيڻ جي خلاف سنڌ ايمپلائيز الائنس ٿرپارڪر سڏ تي پوري سنڌ جيان GBLSS Bapuhar Bheel جي اسٽاف تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري، ڪلاسن جي تالابندي ڪري ، گسٽا ٿرپارڪر جي جنرل سيڪريٽري جيتيش راٺي جي سربراهي ۾ احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ۽ پنھنجي جائز حقن جي حاصلات جي لاءِ ڀرپور نعري بازي ڪئي . ملازمن سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ملازمن جا جائز مسئلا حل ڪري انھن سان ٿيندڙ ناانصافي ۽ٻہ اکيائي ختم ڪئي وڃي ۽ مھانگائي جي تناسب سان پگھارن ۾ واڌ ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ 06 آڪٽوبر 2025 تي ڪراچي ۾ بلاول ھائوس جي سامھون ڀرپور احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويندو