23/07/2020
دوستو
قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد ۾ سنڌ ڊومسائيل تي داخلا لاء سنڌي ٻولي ۾ قائدين سنڌ فورم پاران منعقد ٿيندڙ ويبنار ۾ سڀني خواهشمندن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي. اڄ شام فيسبوڪ تي قائدين سنڌ فورم جي پيج تي لائيو اچون پيا. اوهان جا سوال به وٺنداسين.
www.facebook.com/QSFSINDH/
04/06/2019
پيارا دوستو
اسلام عليڪم
اسان جي سنڌ ڌرتي اڄ ڪلھ سخت گرمي جي لپيٽ ۾ آهي، مختلف ضلعن ۾ گرمي جو درجو 53-54 ڪراس ڪري ويوآهي ۽ هر سال وڌندو پيو وڃي. انسان، جانور ۽ پکي گرمي ۾ مري رهيا آھن۔
عالمي ماحولياتي ادارن جي مطابق، هڪ ملڪ يا ڪنهن خطي کي بهتر ماحول ۽ پائدارمعيشت جي لاء گهٽ ۾ گهٽ %25 ٻيلو هئڻ گهرجي ۽ سنڌ ۾ ٻيلا يا وڻ بلڪل گهٽ آهن يا نه هئڻ برابر آهن۔
افسوس سان توهان سڀني کي ياد ڏياريندو هلان ته، سنڌ ۾ ٻيلن جي هن منظم تباهي ۾، گذريل 30 سالن کان بي دردي سان وڻن جي ڪٽائي ٿي آهي.دريا جي پيٽ مان، واهن جي ڪپن تان، سمنڊ ڪناري تان ۽ ٿر جي ريگستان مان لوڪل وڻن جي واڍي جا وڏا ظلم جا داستان آهن۔ اهو درست آهي ته حڪومت ٻيلا ۽ وڻ پوکڻ جي ذميدار آهي پر ڇا اسان جو ڪوانفرادي ڪردار ڪونهي؟
5 جون تي اسان جي ملڪ ۽ صوبي ۾ عيد آهي ۽ بين الاقومي ماحولياتي ڏينهن به آهي. اوهان سڀني دوستن کي اپيل آهي ته اچو ته عيد ۽ ماحول جو ڏينهن گڏ ملهايون۔
Allah created the Trees, plants and fruits not only for their known vital benefits as food, they are also a source of delight to the eyes and a means of purifying the air we breathe. The Quran tells us not only that we are the stewards of this Earth, but that we should not waste.
This World Environment Day, let us all be faithful to the teachings of the Quran and do what we can to fight air pollution.
سیدنا انس بن مالک رضی اللہ عنہ سے روایت ہے کہ نبی کریم صلی اللہ علیہ وسلم نے فرمایا: ”جس مسلمان نے کوئی درخت لگایا اور اس کا پھل آدمیوں اور جانوروں نے کھایا تو اس لگانے والے کے لیے صدقہ کا ثواب ہے (گویا کہ یہ صدقہ جاریہ ہے)۔“(صحیح بخاری)
اسان سڀني جي اخلاقي ۽ مذهبي ذميداري آهي ته اسان وڻن جي حفاظت ڪريون، وڻ پوکيون، جيڪي اسان ۽ اسان جي ٻچن جا محافظ آهن۔ اچو ته عيد ڏهاڙي عيدگاه، پنهنجي گهر، پنهنجي زمين يا رستي ڪناري سنڌ جا لوڪل وڻ پوکيون، جن ۾ نم، املتاس، پپل، ٽالهي يا ٽاري، ڄمون، سرينھ، بڙ، ڪنڊي يا خبڙ شامل آهن. اچو ته شديد گرمي ۾ اڃايل وڻن کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ بالٽي پاڻي ڏيون.
جتي مسجد ۾ نماز پڙهڻ وڃو پيا ته اتي مولانا يا خطيب کي درخواست ڪريو ۽ ياد ڏياريو ته اڄ ماحول جو به ڏينهن آهي، عيد جي خطبي ۾ وڻن جي اهميت تي به روشني وجهي ۽ نمازين کي وڻ پوکڻ ۽ ماحول جي تحفظ جي هدايت ڪن.
اچو ته پنهنجي ڌرتي جي گرمي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪريون، پنهنجي حصي جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڻ پوکيون. اچو ته عيد واري ڏينهن تي وڻ پوکيون۔ پنهنجي سهڻي سنڌ ۾ گرمي جي درجي کي گهٽائڻ ۾ پنهنجو حصو وجهون۔
دعاگو
شاهنواز جسڪاڻي
چيئرمين قائدين سنڌ فورم
08/06/2018
ایک اندازے کے مطابق ایک انسان اپنی زندگی میں 9کروڑ روپے کی آکسیجن استعمال کرتا ہے
Plant a tree
16/11/2017
A walk in Islamabad to create awareness about the misuse and side effects of Antibiotics. Handle Antibiotics with Care.
17/10/2017
International Day for the Eradication of Poverty
17 October
13/08/2017
Please take care during Eid ul Azha. Congo Virus can be FATAL