Sindh Student Youth Organization- SSYO

Sindh Student Youth Organization- SSYO

Share

EDUCATE, AGITATE AND ORGANISE �

09/03/2025

اڄ پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي شاگردن پاران سنڌوءَ درياءُ مان ڇھ ڪئنالز ڪڍڻ واري معاملي تي اھم گڏجاڻي ٿي گُذري. گڏجاڻي ۾ شاگردن جو چوڻ ھو تہ سنڌوءَ درياءُ اسان جو جياپو آھي جيڪو پاڪستان جي رياست پاران سُڪايو پيو وڃي. اسين ان معاهدي کي ڪنھن بہ صورت ۾ قبولڻ لاءِ تيار نه آھيون.
تنھنڪري انھي ڳالھ کي نظر ۾ رکندي شاگردن پاران ڪئنالز خلاف سوشل ميڊيا تي ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي ۽ 10 مارچ سُومر واري ڏينھن بريڪ ٽائيم اسڪول جي اندر شيٽون کڻي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.
ان احتجاج ۾ اسان سڀني شاگردن ۽ اُستادن کي ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا!



Photos from Sindh Student Youth Organization- SSYO's post 02/02/2025

سنڌ اسٽوڊنٽس يوٿ آرگنائيزيشن طرفان پرنسپل پبلڪ اسڪول حيدرآباد سر اقبال ميمڻ جي تعاون سان پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۾ شاگردن ۽ استادن جي ڪوششن ۽ ڪاوشن سان ڪيريئر ڪائونسلنگ سيشن رکيو ويو جنھن جو عنوان ھو (یہاں سے کہاں جائیں ہم ) جنھن ۾ پرنسپل طرفان مختلف شعبن سان وابسته بھترين مقرر گھرايا ويا ھئا جنھن شاگردن جي ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪئي..!
پروگرام ۾ ڪمپيئرنگ جا فرائض روي ڪمار چارڻ ۽ ذوھيب حيدر زرداري سرانجام ڏنا جڏھن ته پروگرام جي شروعات تلاوت قرآن پاڪ سان ڪئي وئي جنھن جي سعادت غلام مرتضي حاصل ڪئي ۽ حمد شريف بروهي پڙھي جنھن کانپوءِ مختلف مقررين خطاب ڪيو جنھن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ناصرالدين شيخ،ميجر قاسم ،ڪيپٽن الناس لطيف ،ڊاڪٽر اظھر اڪبر،صوبيا علي شيخ،سيد شبر عباس،ڊاڪٽر منيب،مس جويريئا،سر سھيب صيال،ڊاڪثر رابيعه فاروق ،سلمان عارف ۽ آخر ۾ پرنسپل پبلڪ اسڪول حيدرآباد سر اقبال ميمڻ خطاب ڪيو..!
ان موقعي تي BOG ميمبر ميڊم رمشا ٽالپر ،وائيس پرنسپل پبلڪ اسڪول حيدرآباد سر فضل الدين ميمڻ،سر لال بخش سھتو سائين پير بخش جوڻيجو ۽ اسڪول جي سڀني استادن پڻ شرڪت ڪئي پرنسپل طرفان آيل بھترين مقررين کي شيلڊ ۽ اجرڪون جي تحفي سان نوازيو ويو آخر ۾ سنڌ اسٽوڊنٽس يوٿ آرگنائيزيشن جي اڳواڻن طرفان پرنسپل پبلڪ اسڪول حيدرآباد جا ٿورا مڃيا ويا انھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته شاگرد پروگرام آرگنائيز ڪن ته ڪيئي رڪاوٽون پيش اينديون آھن جڏھن اسان ھي سيشن رکرائڻ لاءِ سوچيو ته ان ڳالھ تي پريشان ھئاسين ته پرنسپل اجازت ڏيندؤ به صحيح يا نه پر جڏھن پرنسپل سان ملاقات ڪئي وئي ته اسان جا حوصله بلند ٿي ويا جڏھن پرنسپل سان شاگردن جو تعليمي سماجي ڪمن ۾ ڪردار ۽ پروگرام جي حوالي سان ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي ته نه صرف پروگرام ارينج ڪرائي ڏنو بلڪه تعليمي ۽ سماجي خدمتن ۾ ھر محاذ تي ساٿ ڏيڻ جي يقين ڌياني پڻ ڪرائي وئي جنھن جو اندازو ھن شاندار پروگرام مان لڳائي سگھجي ٿو...!

روي ڪمار چارڻ زوھیب حیدر زرداري حفيظ چانڊيو ، عبدالرزاق سٺيو ، نادر علي گشڪوري ، ارسلان جان ، ذوالقرنين خاصخيلي ،درشن ڪمار ، شريف بروھي ، ھيرا لال باگڙي ثناء الله ٿھيم ۽ انور چانڊيو جي ڪوششن سان ڪامياب پروگرام تي SSYO team کي واڌايون

29/01/2025

پرنسپل سر اقبال ميمڻ جي تعاون سان سنڌ اسٽوڊنٽس يوٿ آرگنائيزيشن جي پليٽ فارم تان خميس جي ڏينھن نياز ھال ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ سيشن رکيو ويو آهي..!

Photos from Sindh Student Youth Organization- SSYO's post 20/01/2025

سنڌ اسٽوڊنٽس يوٿ آرگنائيزيشن جي حيدرآباد ۾ اھم گڏجاڻيءَ ٿي گذري جنھن ۾ تنظيم جي ميمبرن طرفان سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سياري جي ڇوٽين دوران ڪيل ڪمن ڪارن جو جائزو ورتو ويو جنھن ۾ زوهيب حيدر زرداري، روي ڪمار چارڻ،محمد حفيظ چانڊيو، عبدالرزاق سٺيو، نادر علي گشڪوري، ذوالقرنين خاصخيلي، مرزا حق نواز ڊومڪي،ثناء الله ٿهيم ،وقاص چارڻ، ارسلان سومرو،امر لال باگڙي، نثار احمد سومرو، حسنين علي سمون، رميش ڪمار ڪڇي، زوهيب علي هاجاڻو ،ارشد عباس ملاح، رضوان علي جانوري، سونو نواز جتوئي، عاطف علي ٿهيم، شهباز علي مگسي،مظهر علي مگسي، هيرا لال باگڙي، رميش ڪمار ڀوجاڻي، نعيم اڪبر ابوپوٽو شرڪت ڪئي.
سڀني ميمبرن پاران پنھنجن پنھنجن علائقن ۾ ڪيل ڪمن ڪارن جي حوالي سان ٻڌايو جنھن جي ڪمن کي گڏجاڻيءَ ۾ شرڪت ڪندڙن طرفان خوب ساراهيو ويو مٽياريءَ ضلعي مان ھيرا لال باگڙي ۽ سندس ٽيم جي ڪمن ڪارن کي تنظيم جي اڳواڻن طرفان ساراهيو ويو سجاول مان ثناءُ الله ٿھيم ۽ ٽنڊو محمدخان مان ذيشان نظاماڻي ،عبدالرزاق سٺيو ۽ ھنن جي پوري ٽيم کي پڻ ساراهيو ويو ان کان علاوہ نواب شاهه ،ٺٽو،بدين ،ڄامشورو ۽ ٽنڊوالهيار وارن به وسان ڪونه گهٽايو خوب نڀايو ان کان پوء اڳواڻن طرفان اڳتي تنظيم جي ڪمن کي وڌائڻ جي حوالي سان پڻ ميمبرن کان رائي ورتي وئي جنھن تي سڀني ميمبرن پنھنجي خيالن جو اظهار ڪيو اظھار ڪندڙ ھر شاگرد پر اميد ھو اڳتي لاءِ ھر ڪم بھتر انداز ۾ سرانجام ڏيڻ جو عھد ڪيو ويو..!

10/01/2025

پريس رليز
08-01-2025

سنڌ اسٽوڊنٽ يوٿ اورگنائيزيشن يونٽ ٽنڊو محمد خان جي ميمبرن ذيشان نظاماڻي, سنيل ڪمار ۽ علي دوست ٿهيم پاران گورمينٽ بوائيز پرائمري اسڪول سومرڪي موري سيمس ڪوڊ 425010223 ايٽ ڊگھ موري جو وِزِٽ ڪيو ويو.وزٽ دوران تنظيم جي ميمبرن استادن سان اسڪول جي مسئلن بابت پڇيو ويو. هن اسڪول ۾ ٽوٽل 9 استاد آهن جن مان هڪ وولينٽيئر آهي. استادن جو چوڻ هو ته هي اسڪول 1993 کان هلي پيو, پر 32 سال گذرڻ باوجود اڄ تائين گورمينٽ طرفان بلڊنگ نه ملي آهي ۽ نه ئي ڪا بلڊنگ آهي. هن اسڪول ۾ ٽوٽل 402 شاگردن جي انرولمينٽ آهي. جنهن مان 310 ڇوڪرن سميت 92 ڇوڪريون وڻ هيٺيان تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن. واشروم نه هئڻ ڪري نياڻيون پريشان ٿينديون آهن ۽ اسڪول ۾ ڪا به سهولت نه آهي. استادن جو چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا درخواستون ڏنيون آهن ڪافي دفعا اعلا عملدارن کي به چيو آهي پر بلڊنگ نه ملي آهي. وسندڙ مينهن هجي يا تپندڙ سج جي گرمي يا وري لڱ ڪانڊاريندڙ سردي هجي اسڪول جا شاگرد انهي وڻ هيٺيان تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. استادن وڌيڪ چيو ته بلڊنگ جو ٽينڊر اڃا پروسيس ۾ آهي ڇاڪاڻ ته بلڊنگ جي لائي پلاٽ موجود ناهي. ڪيترائي دفعا لوڪل زميندارن ۽ ووٽ وٺندڙن عملدارن کي به پلاٽ جو چيو ويو آهي پر هر دفعي پلاٽ ڏيڻ جا ڪوڙا واعيدا ڪري پوئي ڪو به عملدار نظر ناهي ايندو. اسڪول جي لائي 12000 اسڪوائر فٽ زمين جي ضرورت آهي. جڏهن ته ڊگھ موري ۾ 16 ايڪڙ زمين ايريگيشن وارن جي خالي موجود آهي پر ان تي به زميندارن جو قبضو آهي. اسڪول جي ڪافي مسئلن ٻڌڻ کان پوئي تنظيم جي ميمبرن چيو ته اسان پنهنجي تنظيم طرفان ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ۽ سوشل ميڊيا تي ڀرپور آواز اٿارڻ سان گڏ هوم سيڪريٽري ۽ ڊي سي ٽنڊو محمد خان کي تنظيم طرفان اسڪول جي بلڊنگ لائي درخواست ڏني ويندي ۽ ان سان گڏ اسڪول جي پلاٽ لائي به وس وارن کي اپيل ڪبي.

Photos from Sindh Student Youth Organization- SSYO's post 07/01/2025

Press TandoMuhammadKhan

07/01/2025

Press NangarParkar

04/01/2025

*پريس رليز* -2024/01/04

قوم جي تعمير ۽ ترقيءَ جو اصل راز تعليم، شعور ۽ اتحاد ۾ لڪل آهي. ڪنهن به قوم جي باشعور ماڻهن تي فرض عائد ٿئي ٿو ته اهي پنهنجي علم ۽ سمجھه وسيلي قوم جي ٻين فردن تائين شعور ۽ پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو پيغام پهچائن. ان مقصد لاءِ مضبوط ۽ منظم پليٽفارم جو هجڻ انتهائي ضروري آهي.

جيئن ته اڄ تعلقي ننگرپارڪر ۾ محمد حفيظ چانڊيو جي اڳواڻي ۾ SSYO جي گڏجاڻي ٿي گذري جنھن ۾ ڪافي دوستن شرڪت ڪئي جنھن ۾ تعلقي ننگرپارڪر جي تعليمي ترقي بابت ڊگھي ڳالهه ٻولهه ٿي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ نالي محمد حفيظ چانڊيو
سائين عبدالغني سمون
ذڪاءَ الله سمون
شھاب الدين سمون
خالد حسين سمون
تارا چند ميگهواڙ
بھرام سمون
جن پنھنجي راء جو اظھار ڪندي چيو ته اسان جو علائقو تعليمي معيار سان ڪافي پٺ تي پيل آھي جتي سھولتن جي کوٽ آھي جنھن سبب ھتان جا ٻار معياري تعليم کان محروم آھن ھتي وڏي انگ ۾ سرڪاري اسڪول پڻ آھن پر انھن ۾ ڪجھ اھڙا اسڪول آھن جتي ڪو استاد حاضر ئي ڪونهي انھن جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ ھتي ايترن مسئلن جي ھجڻ جي باوجود بہ ڪو به سرڪاري عملو جانچ تي ڪون پھتو آھي

گڏجاڻي جي آخر ۾ سڀني ساٿين ھن پليٽ فارم تان تعليمي سڌاري لاءِ

Photos from Sindh Student Youth Organization- SSYO's post 03/01/2025

پريس رليز
03-01-2025
اڄ سنڌ اسٽوڊنٽ يوٿ آرگنائيزيشن يونٽ ٽنڊو محمد خان جي مرڪزي انچارج ذيشان نظاماڻي جي اڳواڻي ۾ شيخ ڀرڪيو ۾ گڏجاڻي ٿي گُذري جنھن ۾ معزز استاد سر زاھد شيخ، جرنلسٽ جيٺارام، جرنلسٽ رجب سمون، شاگردن مان ذيشان نظاماڻي، سُنيل ڪمار، وسيم سولنگي، اشوڪ ڪمار، ساگر ميگھواڙ، علي دوست ٿھيم رِتِڪ ڪمار ۽ ٻين شاگردن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ ذيشان نظاماڻي پاران تنظيم جي تعارف، منشور ۽ مقصد بابت آگاھ ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙن پنھنجي پنھنجي راءِ جو اظهار ڪيو.
گڏجاڻي ۾ شيخ ڀرڪيو ۽ ان جي آس پاس جي تعليمي مسئلن تي ڳالھ ٻولھ ٿي گُذري. سر زاھد شيخ تنظيمي مقصد کي ساراھي شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ چيو ته سنڌ اندر اھڙا پليٽفارم ھجڻ کپن جنھن جي ذريعي شاگرد سنڌ جي تعليمي مسئلن کي اجاگر ڪن ته جيئن سنڌ جي تعليم ۾ بھتري اچي سگھي.
گڏجاڻي ۾ شاگردن کي رٿابندي طور اسڪول وزٽ ڪرڻ ۽ اسڪولن ۾ درپيش مسئلن کي اجاگر ڪرڻ جو چيو ويو.
آخر ۾ شاگردن تنظيم جي ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو عھد ڪيو.

Photos from Sindh Student Youth Organization- SSYO's post 03/01/2025

پريس رليز
03-01-2025

قومن جي ترقي ۽ زوال جو دارومدار انھن جي تعليم، شعور ۽ اتحاد تي منحصر ھوندو آھي. ڪنھن بہ قوم ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ قوم جي باشعور ماڻھن تي لازم ٿئي ٿو تہ ھُو پنھنجي علم وسيلي قوم جي ٻين فردن تائين شعور ۽ پنھنجي حقن جي حاصلات جو پيغام پھچائن، پر ان جي لاءِ ڪنهن پليٽفارم جو ھجڻ بہ ھڪ اھم ضرورت آھي. انھي ڳالھ کي نظر ۾ رکندي ڄامشورو ۾ تنظيمي حوالي سان گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ ذوھيب ھاجاڻو، عبيدالله ڪلھوڙو، عبدالله عباسي، جانشير قريشي، فھيم سومرو، ڪاشف پيرزادو، سجاد مانجھند ، محمود ميمڻ، شفاعت ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
گڏجاڻي ۾ ڄامشورو جي تعليمي مسئلن تي ڳالھ ٻولھ ٿي ۽ مسئلن جي حل لاءِ سنڌ اسٽوڊنٽ يوٿ آرگنائيزيشن يونٽ ڄامشورو جو بنياد رکيو ويو.
گڏجاڻي ۾ شاگردن کي تنظيم جي منشور کان آگاھ ڪيو ويو ۽ ميمبرشپ وڌائڻ جو چيو ويو.
گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيندڙ شاگردن تنظيم سان نڀاء جو عھد ڪيو.

Photos from Sindh Student Youth Organization- SSYO's post 02/01/2025

اسٽوڊنٽ يوٿ آرگنائيزيشن امرڪوٽ جي آرگنائيزر نادر گشڪوري جون ڪاوشون ۔
#پريس امرڪوٽ

Want your school to be the top-listed School/college in Hyderabad?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Website

Address


Hyderabad