2K18 University Of Sindh

2K18 University Of Sindh

Share

Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from 2K18 University Of Sindh, Community College, Latifabad Hyderabad, Hyderabad.

04/09/2022

*صوبي ۾ ٻوڏ سبب انڊس ھاءِ وي توڙي قومي شاهراهه جي پاڻي گهٽ اچڻ، ڪيترائي شھر ۽ ڳوٺ ٻڏڻ ۽ ماڻھن جي بي گھر ٿيڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي سمورن ڪئمپسز ۾ تعليمي سرگرميون 9 سيپٽمبر تائين ملتوي، تعليمي ۽ انتظامي عملو معمول موجب ڊيوٽين تي حاضر رھندو، رجسٽرار نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو*

ڄامشورو (پ ر) سنڌ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ٻوڏ جي تباهين سبب ڪيترائي ماڻهو بي گهر ٿيڻ ۽ انڊس ھاءِ وي توڙي قومي شاهراهه بند ٿيڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي سمورن ڪئمپسز ۾ تعليمي سرگرميون 9 سيپٽمبر تائين معطل ڪيون ويون آھن، جنھن جو رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي.

نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ سڀ کان وڌيڪ رڪارڊ ٿيل چوماسي جي برساتن جي نتيجي ۾ آيل ٻوڏ ناقابل تصور تباھي آندي آھي ۽ هن وقت صوبي جا ڪيترائي حصا ٻوڏ جي پاڻيءَ هيٺ آهن، موجوده ٻوڏ ماضيءَ ۾ ڏسڻ لاءِ مليل هر حد ۽ معمول کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي.

نوٽيفڪيشن موجب ٻوڏ سبب انڊس ھاءِ وي توڙي قومي شاهراهه، مختلف شهر ۽ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ ھئڻ ۽ منڇر ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌڻ کانپوءِ دٻاءُ گھٽائڻ لاءِ ڍنڍ کي ڪٽ لڳائڻ سبب سفر ۾ وڏي پئماني تي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي تہ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسيلر پاران پرو وائيس چانسيلرن، فوڪل پرسنز ۽ فيڪلٽيز جي ڊينز سان صلاح مشوري کانپوءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي درپيش تڪليفن جي پيش نظر يونيورسٽي ۽ ان جي سمورن ڪئمپسز ۾ 9 سيپٽمبر 2022ع (جمعي) تائين تعليمي سرگرميون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي.

نوٽيفڪيشن موجب ھڪ ھفتي تائين تعليمي سرگرميون معطل ھئڻ باوجود سمورو تعليمي ۽ انتظامي عملو معمول موجب پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رھندو، جڏھن ته سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جي ڪيمپسز ۾ هاڻي سومر 12 سيپٽمبر 2022 کان ٻيهر تعليمي ۽ تحقيقي سرگرميون شروع ٿينديون.

01/09/2022

After This order on dated 31/8/2022 Sindh University Bound h Each & every Student ko Answer Sheet/Ans Copy retrun k liye... after deceleration any Result of Annual/Semester or Any Subject...

19/08/2022

Sindh university extended summer vacation till 30th August:

Photos from 2K18 University Of Sindh's post 22/07/2022

Result of BA pass part ii

Photos from 2K18 University Of Sindh's post 22/07/2022

جامعہ سندھ جامشورو نے بی اے (پاس) پارٹ ون فاعل سالانہ امتحان 2020 کے نتائج کا اعلان کر دیا ہے۔

Photos from 2K18 University Of Sindh's post 13/07/2022

The Schedule Of 1st Semester Examination Of BCS For 2021 To Held From 20 July 2022 At various Public Colleges Affiliated With The University of Sindh Jamshoro..

19/03/2022

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي سمورن ڪئمپسز ۾ زير تعليم شاگردن جي اڳئين ڪلاسن ۾ داخلائن بابت پڌرائي

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي سمورن ڪئمپسز ۾ زير تعليم شاگرد ۽ شاگردياڻيون اڳئين ڪلاسن ۾ داخلائن لاءِ داخلا فارم 21 مارچ کان 31 مارچ تائين جمع ڪرائي سگھن ٿا. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب آن لائن داخلا فارم ۽ چالان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي اي پورٽل تي جاري ڪيا ويا آھن، جتان ڊائون لوڊ ڪري سگھجن ٿا. پدرائي موجب مقرر تاريخ کانپوءِ داخلا فيس جمع ڪرائيندڙ شاگردن کان ھڪ ھزار رپيا ليٽ فيس طور وصول ڪيو ويندو.

12/12/2021

سنڌ يونيورسٽي ۾ بيچلرس ۽ ماسٽرز ڊگري پروگرامن ۾ تعليمي سال 2022 لاءِ داخلائن جو عمل شروع، اميدوارن کي سڀاڻي 13 دسمبر کان 10 ڏينھن اندر پنھنجن اي پورٽل تي آن لائن فارم مڪمل ڪري آن لائن جمع ڪرائڻ جي ھدايت

ڄامشورو (پ ر) حيدرآباد سميت مختلف تعليمي بورڊن پاران انٽرميڊئيٽ جي امتحاني نتيجن جي اعلان بعد سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ بيچلرس ء ماسٽرز ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن جو عمل سڀاڻي 13 ڊسمبر کان شروع ٿي رھيو آھي، جنھن لاءِ بيچلرس ۽ ماسٽرز ڊگري پروگرام تعليمي سال 2022 لاءِ اھل اميدوارن کي سڀاڻي 13 ڊسمبر کان پنھنجن اي پورٽل تي وڃي پنھنجا تعليمي سرٽيفڪيٽ، ڪيٽيگري ۽ داخلائن لاءِ چوائيسز ڏيڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي. سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو پنھنجي ھڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو ته بيچلز ڊگري پروگرامن ۾ داخلا جا خواهشمند اھڙا اميدوار جن انٽري ٽيسٽ ۾ گھٽ ۾ گھٽ 25 مارڪون ۽ مٿي اسڪور حاصل ڪيو، اھي پنھنجا گھربل تعليمي سرٽيفڪيٽ سڀاڻي 13 ڊسمبر کان 23 ڊسمبر تائين پنھنجي اي پورٽل تي اپ لوڊ ڪن، گڏوگڏ پنھنجا داخلا وارا چوائيسز ۽ ڪيٽيگري به لکن ۽ آن لائن فارم کي ھر طريقي سان مڪمل ڪرڻ بعد آن لائن جمع ڪرائين. پڌرائي موجب ماسٽرز ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن جا خواهشمند پڻ سڀاڻي سومر کان ايندڙ 10 ڏينھن تائين ھر لحاظ کان پنھنجا آن لائن فارم ڀري سبمٽ يا جمع ڪرائين ته جيئن سندن داخلائون ڪري سگھجن. ڊائريڪٽر ايڊميشنز موجب جيڪڏھن بيچلرس يا ماسٽرز ۾ داخلائن جي خواھشمند اميدوارن سڀاڻي کان 10 ڏينھن اندر پنھنجا آن لائن فارم ھر لحاظ کان مڪمل ڪري آن لائن جمع نه ڪرايو ته ھو پنھنجي ميرٽ لسٽ ۾ داخلائن کان رھجي سگھن ٿا.

02/11/2021

...
بي اي، بي ايس سي ۽ بي ڪام ٻہ سالا پاس شاگردن لا۽ سٺي خبر..
ھائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان يونيورسٽيز ۽ انھن سان ايفيليٽڊ ڪاليجن ۾ ٻه ساله ڊگري پروگرام بى۔اي ۽ بي۔ايس سي ۽ بي ڪام ٻن سالا پروگرامن ۾ پاس ٿيل اميدوارن کي ھڪ سال جي رعايت ڏيندي اجازت ڏني آھي تہ ھو 30 جون 2022 تائين ايم اي، ايم اي سي ۽ ايم ڪام ۾ داخلا / انرول ٿي سگھن ٿا. جڏھن تہ اھا رعايت ڪورونا وبا ۽ شاگردن پاران احتجاج سبب ڏني وئي آھي.
جڏھن تہ 14 سالا بي اي، بي ايس سي، بي ڪام ۽ ايسوسيئيٽ ڊگري رکندڙ شاگرد يونيورسٽين يا تعليمي ادارن ۾ بي ايس ريگيولر يا برابر واري پروگرام ۾ سڌو پنجين سيمسٽر ۾ داخلا وٺي سگھن ٿا.
ياد رھي تہ ھيڪ پھرين ٻہ سالا پروگرام بعد ٻن سالن واري ماسٽرز واري پروگرام کي ختم ڪري چڪي آھي پر ان ۾ ھاڻي ھڪ سال تائين داخلا ۾ واڌ ڪئي آھي.

01/11/2021

On Behalf of a Girl
A Vacancy available at Hyderabad For Girl if Any have needed then Contact By behalf of Admin..

28/10/2021

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا جي خواهشمند اميدوارن لاءِ آن لائن رجسٽريشن ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 2 نومبر تائين واڌ جو فيصلو

جامشورو: ڊيڊ لائين ۾ واڌ جو فيصلو شاگردن جي سھولت لاءِ ڪيو ويو آھي: ڊائريڪٽر ايڊميشنز ڊاڪٽر اياز ڪيريو

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي پاران بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ ٻن مرحلن ۾ انٽري ٽيسٽ وٺڻ جو اعلان

پھرين مرحلي ۾ انٽري ٽيسٽ 30 ۽ 31 آڪٽوبر تي ورتي ويندي، جنھن لاءِ اميدوارن کي ايڊمٽ ڪارڊ به اي پورٽل ذريعي جاري ڪيا ويا

ٻئين مرحلي ۾ انٽري ٽيسٽ 6 ۽ 7 نومبر تي علامه آء آء قاضي ڪيمپس جامشورو ۾ منعقد ٿيندي، ٻئين مرحلي جي اميدوارن کي ايڏمٽ ڪارڊ بعد ۾ جاري ڪيا ويندا: ڊائريڪٽر ايڊميشنز

Want your school to be the top-listed School/college in Hyderabad?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Telephone

Website

Address


Latifabad Hyderabad
Hyderabad