Laique Sindhi School of Wisdom.

Laique Sindhi School of  Wisdom.

Share

تعليم سڀني جو حق آهي

14/05/2026

حسنين شيخ ڪلاس ڇهين جو هوشيار ۽ محنتي شاگرد آهي۔ اڄ سندس Topic “Daily Routine” تي هو، جنهن ۾ هن پنهنجي روزاني معمول بابت تمام سٺي نموني سان ڳالهايو۔ هن ٻڌايو ته هو صبح سوير اٿي نماز پڙهي ٿو، پوءِ اسڪول جي تياري ڪري وقت تي اسڪول اچي ٿو۔ اسڪول کان پوءِ هو گهر جو ڪم مڪمل ڪري پڙهائي تي ڌيان ڏئي ٿو۔
حسنين شيخ تمام اعتماد سان Topic پيش ڪيو ۽ سندس اندازِ گفتگو به ساراهه جوڳو هو۔ اهڙيون سرگرميون شاگردن ۾ اعتماد، ڳالهائڻ جي صلاحيت ۽ علم ۾ واڌارو آڻين ٿيون۔ اسان دعاگو آهيون ته حسنين شيخ مستقبل ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪري۔

Photos from Laique Sindhi School of  Wisdom.'s post 07/04/2026

لائق سنڌي اسڪول آف وزڊم موري منگر حيدرآباد پاران سالياني رزلٽ جو اعلان وڏي خوشي ۽ سادگي سان ڪيو ويو۔ هن موقعي تي شاگردن کي سندن محنت ۽ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي نتيجا ٻڌايا ويا۔ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي انعامن سان نوازيو ويو، جڏهن ته سڀني شاگردن ۾ رزلٽ ڪارڊ پڻ ورهايا ويا۔
تقريب دوران اسڪول انتظاميه شاگردن جي همت افزائي ڪندي کين وڌيڪ محنت ڪرڻ جي تلقين ڪئي، ته جيئن هو پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائي سگهن۔

Photos from Laique Sindhi School of  Wisdom.'s post 07/04/2026

لائق سنڌي اسڪول آف وزڊم موري منگر حيدرآباد پاران سالياني رزلٽ جو اعلان وڏي خوشي ۽ سادگي سان ڪيو ويو۔ هن موقعي تي شاگردن کي سندن محنت ۽ ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي نتيجا ٻڌايا ويا۔ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن کي انعامن سان نوازيو ويو، جڏهن ته سڀني شاگردن ۾ رزلٽ ڪارڊ پڻ ورهايا ويا۔
تقريب دوران اسڪول انتظاميه شاگردن جي همت افزائي ڪندي کين وڌيڪ محنت ڪرڻ جي تلقين ڪئي، ته جيئن هو پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائي سگهن۔

06-04-26

21/03/2026

🌙✨ Eid-ul-Fitr Mubarak ✨🌙

May this blessed occasion bring peace, happiness, and prosperity to you and your loved ones. May Allah accept our prayers, forgive our sins, and fill our hearts with joy and gratitude. 🤲💫

Warm regards,Laique Sindhi School of WisdomMori Manger, Hyderabad

18/03/2026

ڪلاس نرسري ۽ ڪي جي ننڍڙن ٻارن جون ڪميرا جي اکين ۾ قيد ٿيل تصويرون سندن معصوميت، سادگي ۽ خوشين سان ڀرپور دنيا جو حسين عڪس پيش ڪن ٿيون۔ انهن معصوم چهڙن تي مرڪ، روشن اکين ۾ خواب، ۽ ننڍڙن دلين ۾ سکيا جو شوق صاف نظر اچي ٿو۔ هر تصوير ڄڻ هڪ ڪهاڻي ٻڌائي ٿي—بي فڪري، محبت ۽ پاڪيزگي جي ڪهاڻي۔
اهي ٻار مستقبل جا روشن تارا آهن، جن جي هر ادا ۾ سچائي ۽ هر حرڪت ۾ معصوم خوشبو محسوس ٿئي ٿي۔ سندن کلڻ، کيڏڻ ۽ سکڻ جا اهي پل نه صرف والدين لاءِ پر استادن لاءِ به يادگار بڻجي وڃن ٿا۔ ڪميرا انهن لمحن کي هميشه لاءِ محفوظ ڪري ٿو، جيئن اهي خوبصورت يادون وقت سان گڏ به زنده رهي سگھن

12/03/2026

Write
اڄ ڪلاس ڪي جي ون جي ننڍڙن شاگردن جو امتحاني پيپر ورتو ويو. ٻار تمام سٺي نموني سان پنهنجا پيپر حل ڪندا نظر آيا. هن خوبصورت لمحي کي يادگار بڻائڻ لاءِ پيپر ڏيندي شاگردن جون تصويرون پڻ ڪڍيون ويون.
اسان کي پنهنجن پيارن شاگردن تي فخر آهي. الله پاڪ کين علم ۽ ڪاميابي سان نوازيندو رهي. 🌟

Photos from Laique Sindhi School of  Wisdom.'s post 09/03/2026

لائق سنڌي اسڪول آف وزدم موري منگر تعلقي حيدرآباد جا شاگرد امتحان ڏيندي.

Photos from Laique Sindhi School of  Wisdom.'s post 15/01/2026

Students received their first term result cards.

15/01/2026

With Mushtaque Mustafa Kori – I just got recognized as one of their top fans! 🎉

Want your school to be the top-listed School/college in Hyderabad?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Website

Address


Hyderabad