03/09/2022
02-09-2022 تي ٽنڊو ڄام روڊ راھوڪي,ويجهو راول ھائوس ۾ حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي آئي-بي-اي پاس نوجوانن جي گڏجاڻي ٿي گُذري.
آئي-بي-اي پاس اميدوارن جي گڏجاڻي جو افتتاح محترم اعجاز سومرو صاحب جن الله تعالي جي حمد ۽ ثناء سان ڪيو, تنهن کانپوء گڏجاڻي ۾ شريڪ سڀني دوستن کي ڀليڪار چيو ويو, سڀني دوستن ڀليڪار جو جواب پاٻوھ مان ڏنو جن جو انگ چاليهه کان پنجاھ جي وچ ۾ ھو.
گڏجاڻي جي باقاعدا شروعات يوسف ميربحر , حاجن شورو , جاويد کوسو ۽ ايوب ھنڱورو پنهنجن جوشيلي تقريرن سان ڪيو, جن تقريرن نوجوانن ۾ عزم ۽ حوصلي جو نئون روح ڦوڪي ڇڏيو.
سڀئي مقرر ۽ آيل نوجوان جن ڳالهين تي سهمت ٿيا اُھي ھن ريت آھن:
1 - ھي وقت عزم ۽ حوصلي سان ثابت قدم بيٺي رھڻ جو آھي.
2 - موجودا برساتي سيلاب ھيٺ آيل دوستن جي سار لهڻي آھي, جيڪي اميدوار نراس آھن انهن کي آٿت ڏيئي اميد جاڳائڻي آھي.
3 - گڏجاڻي جي مُک ماڻهن ۽ شريڪ پُرعزم دوستن اھو مشترڪا طور فيصلو ڪيو ته ايندڙ ھفتي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري جناب خالد حُسين ٻٻر سان ملاقات ڪري کائنس حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي ۾ پي-ايس-ٽي جي جاين جو اصل ۽ حقيقي انگ اکر معلوم ڪبو ته سيڪنڊ فيز ۾ ڪيترا اميدوار سوڀارا ٿي ڀرتي ٿيندا ۽ ڪيترا وري ٿرڊ فيز لاء انتظار ۾ ويهندا.
4 - سمورن نوجوانن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي نوجوانن جو آواز پرنٽ ميڊيا,سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي وسيلي ارباب اختيار ماڻهن تائين پهچائبو.
5 - تمام آئي-بي-اي پاس اُميدوارن,جن جو تعلق حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي سان آھي,انهن اھو پڻ پڪو پھ ڪيو ته عيوان بالا ۾ ويٺل عوامي نمائيندن جي توجو بيروزگار ۽ بيوس نوجوانن ڏانهن ڇڪرائڻ لاء ضرورت آھر احتجاجي رستو پڻ اختيار ڪيو ويندو,جيڪو احتجاج حيدرآباد پريس ڪلب کان ويندي ڪراچي پريس ڪلب تائين ڪيو ويندو جنهن ۾ حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جا سمورا آئي-بي-اي پاس نوجوان اُميدوار ڀرپور شرڪت ڪندا.
گڏجاڻي جي آخر ۾ ٽي ڪميٽيز تشڪيل ڏنيون ويون,جيڪي ھن ريت آھن:
1- سياسي طور متحرڪ ڪميٽي
2 - احتجاجي طور متحرڪ ڪميٽي
3 - ميڊيا سيل طور متحرڪ ڪميٽي
گڏجاڻي ۾ شريڪ ڪجهه دوستن جا نالا:
حاجن شورو, اعجاز سومرو,يوسف ميربحر,جاويد کوسو,منصور نظاماڻي,طارق کوسو, مظفرعلي شاھ, ايوب ھنڱورو ۽ ٻيا سرگرم ساٿي.