22/04/2025
حيدرآباد تعلقي ٻهراڙي جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بهاول زئونر ۽ گورنيمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول بهاول زئونر سالياني امتحانن واري رزلٽ جاري ڪرڻ ۽ پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۾ انعام ورهائڻ واري شاندار تقريب ٿي گذري، جنهن ۾ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر (ٽي اِي او) اقبال احمد جمالي، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بهاول زئونر جي هيڊ ماستر نريش ڪمار، گورنيمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول بهاول زئونر جي هيڊ ماستر موهن ڪمار، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بهاول زئونر جي سابق هيڊ ماستر نثار احمد پهوڙ، گورنيمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول بهاول زئونر جي ريٽائر استاد شوڪت علي زئونر، يوسي 72 جي ڪائونسلر دلدار علي زئونر، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بهاول زئونر جي استادن جان محمد ڀرڳڙي، سجاول جانجهڻجو، محب علي خاصخيلي، اميش ڪمار، سيد مظفر شاهه، وقار احمد شيخ، ابرار احمد شيخ، شبير احمد زئونر، عبدالوهاب نظاماڻي، نويد نظاماڻي، مدثر نظر زئونر ۽ ٻين انعام ورهايا، ان موقعي تي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر (ٽي اِي او) اقبال احمد جمالي خطاب ڪندي چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو معيار شاندار آهي، اڄوڪي تقريب اُنهي ڳالهه جو واضح ثبوت آهي، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بهاول زئونر جي شاگردن جو ٽئلينٽ ۽ استادن جي محنت ڏسي خوشي ٿيندي آهي، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بهاول زئونر جي هيڊ ماستر نريش ڪمار خطاب ڪندي چيو ته پوزيشن کڻندڙ شاگردن کي ايوارڊ ملڻ بعد ٻين ۾ به مقابلي جو رجحان پيدا ٿئي ٿو، جيڪا خوش آئند ڳالهه آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته پنهنجي ٻارن کي قومي ۽ عالمي سطح جي چٽاڀيٽي جي مقابلن لاءِ تيار ڪريون، گورنيمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول بهاول زئونر جي هيڊ ماستر موهن ڪمار خطاب ڪندي چيو ته ٻهراڙي جا شاگرد ڪنهن کان گهٽ ناهن، سرڪاري اسڪولن جي ٻارن ۾ بي پناهه ٽئلينٽ موجود آهي، جيڪو نروار ٿيڻ گهرجي، گورنيمنٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول بهاول زئونر جي ريٽائر استاد شوڪت علي زئونر خطاب ڪندي چيو ته ريٽائر ٿيڻ باوجود اسڪول ۾ اچي ٻارن کي تعليم ڏيندو آهيان، اڄ انهن کي پوزيشن ماڻيندي ڏسي خوشي ٿي آهي، مون کي اميد آهي ته اِهي ٻار اڳتي هلي اڃا به پنهنجي اسڪول، استادن ۽ والدين جو نانءُ روشن ڪندا، يوسي 72 جي ڪائونسلر دلدار علي زئونر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، پوزيشن کڻندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٽرافيون، ميڊل ۽ ڪيش انعام ڏنا ويا، ڪمپيئرنگ جا فرائض اميش ڪمار سرانجام ڏنا، تقريب ۾ عامر علي ڪورائي، جمشيد ناريجو، سيد عزيز شاهه، سيد رضوان شاهه، ريحان عباسي، شير محمد شيخ سميت سوين شاگردن شرڪت ڪئي.
01/03/2025
Today, GBLSS BAHAWAL ZOUNR celebrated the farewell party of class 8. Students presented wonderful tableaus, poetry and speeches. Wishing them all the best in their studies ahead!
20/09/2024
🌹🌹پڙھندي سنڌ
وڌندي سنڌ 🌹🌹
🌺🌺 علم حاصل ڪريو پينگهي کان قبر تائين
ارشاد نبوي صہ 🌺🌺
🌹 تعليم ھر ٻار جو بنيادي حق آھي ان سلسلي ۾ اڄ بروز خميس 19.09.2024 تي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ٽنڊو حيدر کان ٿيندي مختلف روڊن تان گذرندي گورنمينٽ بوائز پرائمري مڊل اسڪول بھاول زئنور تائين ھڪ تعليم جاگرتا ريلي ڪڍي ويئي
تہ جيئن اسان جا ھي معصوم ٻارڙا گورنمينٽ جي محنت ڪش استاد صاحبان کان علم جھڙي زيور سان مالا مال ٿي ھن قوم جي خدمت ڪري سگھن
ھن تعليم جاگرتا ريلي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن محترم جناب سائين امير بخش سھتو صاحب ، تعلقہ ايجوڪيشن آفيسر ميل پرائمري رورل محترم جناب سائين اقبال آحمد جمالي صاحب ، ھيڊ ماستر سائين ذوالفقار احمد خاصخيلي صاحب ، نوجوان محنتي استاد فوڪل پرسن سائين نريش ڪمار ، ھيڊ ماستر سائين نثار احمد پھوڙ صاحب ، ھيڊ ماستر سائين موھن صاحب ، فوڪل پرسن سائين جمن ملاح صاحب ، ۽ وڏي تعداد ۾ عوام توڙي شاگردن شرڪت ڪئي
ھن تعليم جاگرتا ريلي جو مقصد تہ پنھنجي گلڙن جهڙن پيارن ھن قوم جي معمار ٻارڙن کي گورنمينٽ جي سينئر محنتي استاد صاحبان کان مفت تعليم ، مفت داخلا ۽ مفت ڪتاب تحت تعليم ڏياري ھن معاشري ۾ بلند مقام
31/05/2024
GBPS & GBLSS Bahawal Zounr has organized Result announcement & award distribution ceremony today on 31/05/2024. Awards were distributed to brilliant students who excelled in annual examination 2024.
We are honored to have our Chief Guests:
1.Respected Sir Iqbal Jamali sb. TEO (M) Primary Hyd.
2.Respected Sir Ali Ahmed Mangan Sb, President PTALF Distt. Hyd.
3.Respected Sir Younis Khaskheli sb, Ex. PTALF president.HM shafiqu Rahman.HM GBlss Mohan Kumar Focal person beet tando Hyder Naresh kumar and other teacher nisar ahmed.jan Muhammad waqar Hassan muzaffr Ali shah lajpat Kumar Mohsin shabir zounr mohib Ali sijuwal Naveed
Thank you our Chief guests teachers who made this program happen.
27/04/2024
GBPS & GBLSS Bahawal Zounr
08/04/2024
گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بھاول زئونر۾ فوڪل پرسن بيٽ ٽنڊو حيدر نريش ڪمار طرفان ھڪ عيد گفٽ پروگرام رکيو ويو جنهن ۾ اسان جي پياري مظھر سولنگي صاحب طرفان ڏنل غريب ۽ يتيم اسڪولي ٻارڙن ۾ ڪپڙا ورھايا ويا .ان پروگرام ۾مھمان خاص تعلقا ايجوڪيشن آفيسر سائين اقبال جمالي صاحب حاجن شورو صاحب چاچو يعقوب سولنگي صاحب۽ اسڪول جي استادن ھيڊ ماستر نثار احمد پھوڙ. سائين گل منير ملاح صاحب.موھن ڪمار.شبير زئونر مظفر شاھ وقار شيخ ۽ ٻين دوستن شرڪت ڪئي
08/04/2024
گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بھاول زئونر۾ فوڪل پرسن بيٽ ٽنڊو حيدر نريش ڪمار طرفان ھڪ عيد گفٽ پروaگرام رکيو ويو جنهن ۾ اسان جي پياري دوست نند لال صاحب (فنانس آفيسر) طرفان ڏنل محنتي غريب ۽ اسڪولي ٻارڙن ۾ بوٽ ورھايا ويا .ان پروگرام ۾مھمان خاص تعلقا ايجوڪيشن آفيسر سائين اقبال جمالي صاحب ۽ اسڪول جي استادن ھيڊ ماستر نثار احمد پھوڙ .موھن ڪمار.شبير زئونر مظفر شاھ وقار شيخ جان محمد محسن نظاماڻي ڪائونسلر دلدار زئور ۽ آيل مھمانن کي سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا