19/06/2026
درود شريف ۽ پير سائين روضي ڌڻي :
---------------------------------
اَلصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلَیْکَ یَاسَیَّدِیْ یَارَسُوْلَ اللّٰہﷺ
امام العارفين حضرت پير سائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي قدس سره جن فرمايو ته: ”اسان ظاهري علم جي حصول لاء سفر جي تڪليف برداشت ڪري، ڪوٽڙي ڪبير واري مدرسي ۾ حضرت مخدوم يار محمد رحمت الله عليه وٽ آياسون۔
مسافري جي تڪليف طبيعت تي ڏاڍي سخت لڳي هئي۔
پوء ھڪ رات هڪڙي پير تي بيهي پنج هزار (٥٠٠٠) درود شريف پڙھي، حضرت محبوب نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي روح مبارڪ کي نذرانو ڪيو سون ۽ پوء نهايت ادب ۽ عاجزي سان حضور سيد عالم صلي الله عليه وسلم کان مدد گهري سون ته؛
” يارسول الله صلي الله عليڪ وسلم ! سفر جي تڪليف ۽ ملولائي اسان تان دفع ٿئي ۽ علم مان به فيضياب ٿيون۔ “
پوء درود پاڪ پڙھڻ جي برڪت سبب سفر جي تڪليف ختم ٿيڻ سان گڏ، اهڙي ته قلبي روشنائي حاصل ٿي وئي جو سمورا اڻ پڙھيل علم به پڙھيل ٿي ويا۔“
{اللَّهُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكَ عَلَى سَيِّدِنَا ومولٰنا
مُحَمَّدٍ النَّبِيِّ الأُمِّيِّ الْحَبِيبِ الْعَالِي الْقَدْرِ الْعَظِيمِ الْجَاهِ
وَعَلَى آلِهِ وَصَحْبِهِ وَبَارِكَ وَسَلِّمْ}
{الله پاڪ پنهنجي حبيب ڪريم صلي الله عليه وآله واصحابه وسلم جي ذڪر ۽ درود شريف جي صدقي اسان سڀني کي دين، دنيا ۽ آخرت جون برڪتون ۽ سعادتون عطا فرمائي ۔ آمين }
(جمعه مبارڪ ۔ التماس دعا)
طالب دعا؛
يوسف ڀنڀرو سڪندري
17/06/2026
حضرت سيدنا عمر فاروق جي اولاد مان
سنڌ جا سرهندي بزرگ:
---------------------------
سونهاري سنڌ جا سرهندي بزرگ حضرت امام رباني، مجدد الف ثاني، شيخ المشائخ احمد فاروقي سرهندي قدس سره (٩٧١ھ ۔ ١٠٣٤ھ) جو اولاد آھن ۽ امام رباني حضرت امير المومنين سيدنا عمر فاروق رضي الله عنه جو اولاد آھي۔ سنڌ ۾ مٽياري، ٽنڊو سائينداد، گلزار خليل سامارو، شڪارپور، ماتلي ۽ ڪراچي وغيره ۾ سرهندي بزرگ آباد آھن ۽ سنڌ جي سرهندي بزرگن ۽ خانوادن جي ديني، روحاني، علمي ۽ ادبي خدمتن جي هڪ طويل تاريخ آھي۔
انهن بزرگن مان مجاهد اسلام پير غلام مجدد سرهندي ولد پير ضياء معصوم سرهندي رحمه الله زبردست واعظ ۽ عاشق رسول عالم هيو۔ پاڻ شڪارپور ۾ ڄائو ۽ ١٩٧٠ء ۾ ماتلي ۾ وفات ڪيائين، سندس مزار به ماتلي ۾ آھي۔
پير غلام مجدد سرهندي صاحب هر سال خانقاھ شريف پیر ساٸین پاڳاره (پير جو ڳوٺ) دامت فيوضاته تي باقاعده حاضري ڏيندو هو ۽ پير سائين شاھ مردان شاھ ڇٽ ڌڻي بادشاھ قدس سره کين وڏي عزت ڏيندا هيا.
استاذي سائين مفتي عبدالرحيم سڪندري رحمه الله جي دستاربندي (٢٧ رجب ١٣٨٦ھ/ ١٩٦٦ء) ۾ کين پهريون ور به پير صاحب غلام مجدد سرهندي ڏنو هو ۽ دعا ڏنائونس ته ”مان جهڙو ٿيندين۔“
استاد مفتي صاحب جن پنهنجي استاد مهتمم جامعه راشديه حضرت مولانا فقير محمد صالح مهر رحمه الله جي روايت سان اڪثر بيان ڪندا هيا ته پير غلام مجدد ننڍپڻ ۾ مولانا سائين محمد هاشم انصاري نوابشاھي رحمه الله وٽ پڙھندا هيا۔
هڪ دفعي مدرسي ۾ ڪنهن طالب علم جي چوري ٿي ۽ معمول موجب پير غلام مجدد سميت سڀني شاگردن جي تلاشي ورتي وئي هئي۔ بزرگ مولانا محمد هاشم انصاري فرمايو ته ان رات مون کي خواب ۾ حضرت سهڻي سيدنا عمر فاروق رضي الله عنه جي زيارت ٿي ۽ پاڻ مونکي فرمائي رهيا هيا: ”محمد هاشم! غلام مجدد اسان جو اولاد آھي ۽ اهو چوري نٿو ڪري سگهي۔“
ڳوليان ۽ ڳنڌيان، وئا ويراڳي نڪري
صحبت جا سنديان، آء نه جيئندي ان ريء
طالب دعا؛
يوسف ڀنڀرو سڪندري
16/06/2026
مخدوم حاجي ابوالحسن ڏاهري:
----------------------------------
ساهتي جو وڏو عالم، عارف، فارسي شاعر ۽ مصنف حضرت مخدوم حاجي ابوالحسن ڏاهري سنڌي رحمه الله ولد بادل ڏاهري ١١١٦ھ ۾ ڄائو ۽ ١٢ ربیع الاول شريف ١١٨١ھ ۾ وصال ڪيائين۔
پاڻ تعليم لاء سونهاري سنڌ کانسواء ھند ۾ سورت، گجرات ۽ احمدآباد جا سفر ڪيائين۔
نقشبندي طريقي ۾ احمدآباد جي شيخ عبدالرسول صديقي رحمه الله کان بيعت ٿيو، جنهن جو سلسلو امام رباني شيخ احمد سرهندي قدس سره سان ملي ٿو۔
مخدوم حاجي ابوالحسن ڏاهري کي هڪ پٽ جو اولاد ھيو ۽ ان جو نالو به مرشد جي نسبت سان ”عبدالرسول“ رکيائين۔
مخدوم ابوالحسن ڏاهري وڏو مصنف هيو۔ نماز جي تفصيلي مسئلن تي (ساڍا ڇھ ھزار جي لڳ ڀڳ) فارسي شعرن ۾ سندس لکيل ڪتاب ”سراج المصلي“ تي پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد ڏاهري پي۔ايڇ۔ڊي ڪئي۔
تصوف، طريقت ۽ نقشبندي سلسلي جي اذڪار و تعليمات تي ٻيو اهم ڪتاب ”ينابيع الحيات الابديه“ ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو جي تحقيق ۽ تقديم سان ٽن جلدن ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آھي، جيڪو حضرت امام غزالي جي ”ڪيمياء سعادت“ جون سڪون لاهيندڙ آھي۔
مخدوم ابوالحسن ڏاهري فارسي گرامر ۽ ادبيات جو ماهر هو ۽ ان ضمن ۾ ”نبراس تصاريف فارسيه“ پڻ شايع ٿيل آھي۔ تصوف بابت هڪ ٻيو رسالو ”ڪچڪول نامه“ آڳاٽو شاھ ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد ڇاپيو هو، جڏهن ته ”نور محمديه صلي الله عليه وسلم“ جو ترجمو بلبل مدينه، مصنف ڪثير ڪتب، الحاج علامه سائين محمد ادريس ڏاهري صاحب مدظله جن ڪيو هو۔
مخدوم حاجي ابوالحسن ڏاهري سنڌي جي مزار ۽ مقبرو شريف (ديھ 69 نصرت، تعلقه دوڙ) اسان حر جماعت/ چونڪي کتو جي معزز ۽ مهربان فقير محمد اشرف ڏاهري، حافظ مفتي اسلم ڏاهري سڪندري ۽ ڏاهرين فقيرن سان گڏ حاضري جو شرف حاصل ڪيو۔
دونهان جن دکائيا، هلي مٿي هٽ
خاڪ جنين جي کٽ، هلو تڪيا پسون تن جا!
طالب دعا؛
يوسف ڀنڀرو سڪندري
15/06/2026
حضرت نوح بکري قدس سره :
------------------------------
سنڌ ۾ ”سهروردي سلسلي“ جي پهرين صوفي ۽ بکر جي باڪمال بزرگ حضرت نوح بکري قدس سره حضرت شيخ شھاب الدين سهروردي قدس سره (صاحب ”عوارف المعارف“) کان بيعت ۽ خلافت جو شرف حاصل ڪيو هو، انھي نوراني نسبت سان پاڻ حضرت غوث بهاء الحق ملتاني قدس سره جو وڏو معاصر ۽ پير ڀائي هو۔
حضرت غوث ملتاني قدس سره جڏهن بغداد شريف ۾ پنهنجي مرشد خواجه شھاب الدين سهروردي عليه الرحمه جي زيارت ۽ صحبت مان مشرف ٿي، ملتان لاء موڪلايو ته خواجه شھاب الدين فرمايو ته ”سنڌ ۾ اسان جو يار ”نوح بکري“ رهي ٿو، جيڪو اسان وٽ ارادت ۽ طلب جو تيل، وٽ ۽ ڏيئو کڻي آيو هو ۽ اسان رڳو اهو فيض جي چڻنگ سان ٻاري ۽ فيضياب ڪري کيس واپس بکر موڪليو هو، تنهنجو بکر وٽان گذر ٿئي ته ساڻس ملاقات ڪجان ۽ سلام پهچائجان۔“
حضرت غوث ملتاني قدس سره جڏهن بغداد کان سنڌ اچي بکر ۾ حضرت نوح بکري عليه الرحمه جي آستاني شريف تي پهتو ته کيس خبر پئي ته پاڻ چند ڏينهن اڳ وصال ڪري ويو آھي۔
استاد سائين ٻڌائيندو هو ته سندن وصال واري بلڪل اها گهڙي هئي جنهن وقت سندس مرشد سلام پئي موڪليا۔
حضرت غوث ملتاني سندس مزار شريف تي اچي سلام عرض ڪيا، قل شريف بخشيا ۽ آھ زاري ۽ حسرت جو اظھار ڪندي اڳتي ملتان شريف روانو ٿي ويو ۔۔!
رَھئا اَٿَئي راتِ، صُبح وِيندءِ صابِري،
لَئُون لَئُون منجهِہ لَطيف چئي، ڪَر تَنِي جي تاتِ،
سَندي جوڳيان ذاتِ، ٻِئي ڀيري ڀاڳ مِڙي!
طالب دعا؛
يوسف ڀنڀرو سڪندي
13/06/2026
”عارف ۽ عشاق“ : سلطان الاولياء قدس سره
---------------------------
عارف ۽ عشاق ، پسڻ گهرن پرين جو
جنت جا مشتاق ، اڃان اورانهان ٿيا
(حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لواري شريف قدس سره)
طالب دعا؛
يوسف ڀنڀرو سڪندري
12/06/2026
”ادب“۽ ”آداب“ :
------------------------
السلام عليڪم وحمت الله
{جڏهن ”ادب“ ختم ٿي وڃي، تڏهن ”فيض“ رڪجي ويندو آھي۔}
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ادبو النفس ایھا الاصحاب
طرق العشق کلھا آداب
اي دوستو! پنهنجي پاڻ کي آداب سيکاريو۔ انڪري جو عشق جا سڀيئي رستا ادب ئي ادب آھن۔
حضرت علي سائين ڪرم الله وجهه جو فرمان آھي :
‘‘هر شيء جي ڪا قيمت ٿيندي آھي، انسان جي قيمت ان جو علم ۽ ادب آھي۔
حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جو فرمان آھي :
پهريان ادب سکو، پوء علم سکو۔
حضرت سيدنا شیخ عبدالقادر جیلاني قدس سره فرمايو:
”بي ادب شخص خالق ۽ مخلوق ٻنهي جو معتوب ۽ مغیوب هوندو آھي۔“
ڪشف المحجوب ۾ حضرت داتا گنج بخش علي هجویري رحمه الله فرمائي ٿو:
‘‘تارڪ ادب اخلاق محمدي ﷺ کان گهڻو پري هوندو آھي۔’’
(جمعه مبارڪ۔ التماس دعا)
طالب دعا؛
يوسف ڀنڀرو سڪندري
11/06/2026
عطر، عطار ۽ فيض جي خوشبو :
-----------------------------------------
امام العارفين حضرت پير سائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي قدس سره فرمايو:
”جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن عطر فروش/عطار جي دوڪان تي وڃي ۽ اهو عطار خالص عطر مان هڪ قطرو کيس مکي ته سندس سارو جسم خوشبودار ۽ معطر ٿي پوندو۔ پر جيڪڏهن اهو شخص خوشبوء حاصل ڪرڻ بعد، وڃي پنهنجي جسم کي ڪنهن غلاظت ۽ گندگي ۾ اڇلائي بدبوء پيدا ڪندو ته ان جو ذميوار اهو پاڻ ھوندو، عطر فروش هرگز نه هوندو۔
اي عزيز! ”عطار“ مان مراد ”مرشد ڪامل“ آھي ۽ ”عطر“ مان مراد ”روحاني ۽ معنوي فيض“ آھي، جنهن سان ھڪ ”مريد“ جو جسم، قلب ۽ روح سڀ معطر ۽ خوشبودار ٿين ٿا۔
هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي مرشد وٽان اها روحاني ۽ عرفاني فيض واري خوشبو ۽ سرهاڻ وٺي، وري دنيا ۽ دنيا دارن جي غلاظت ۽ بدبوء ڏانهن رجوع ڪندو ۽ ان محبت ۾ محو ٿي پنهنجي جسم، قلب ۽ روح کي خراب ڪندو ته ان ۾ سندس مرشد ۽ رهبر ذميوار نه هوندو۔ “
-------------------------------------------
طالب دعا؛
يوسف ڀنڀرو سڪندري
08/06/2026
سخت گرمي ۾ دعا:
-------------------------------
اڪثر بزرگ سخت گرمي جي ڏينهن ۾ هي دعا پڙھندا هيا:
لَا إِلٰهَ إِلَّا اللهُ، مَا أَشَدَّ حَرَّ هٰذَا الْيَوْمِ-
اَللّٰهُمَّ أَجِرنِا مِنْ حَرِّ جَهَنَّمَ۔
ترجمو:
الله تعالیٰ کان سواء ڪو به معبود ناهي، اڄ ڪيڏي سخت گرمي آھي، اي الله! اسان کي جهنم جي گرمي کان نجات عطا فرماء۔ آمين
حضرت ابوهریرہ رضي الله عنہ کان روایت آھي ته حضور سرور ڪونين ﷺ ارشاد فرمایو ته: ’’جڏهن سخت گرمي جي ڏينهن ڪو شخص اها دعا پڙھندو رهي:
لَا إِلٰهَ إِلَّا اللهُ، مَا أَشَدَّ حَرَّ هٰذَا الْيَوْمِ-
اَللّٰهُمَّ أَجِرْنِا مِنْ حَرِّ جَهَنَّمَ۔
ته الله تعالیٰ جهنم کي فرمائيندو آھي ته منهنجي هڪ ٻانهي تنهنجي گرمي کان منهنجي پناھ گهري آھي، تون شاهد رهجان ته مان ان ٻانهي کي نجات ٿو عطا فرمايان۔
(عمل الیوم واللیلۃ؛ لابن السنی حدیث: ٣٠٦)
طالب دعا؛
يوسف ڀنڀرو سڪندري
07/06/2026
” ديوان گُل“ ۔ خليفو گُل محمد هالائي
----------------------------------------
گُل تنهنجي ذات جو پينون ۽ صورت جو گدا
آ ان لئي گنج گوهر، تنهنجي ساره تنهنجي مدح
حضرت آخوند خليفو گُل محمد ”گُل“ هالائي رحمت الله عليه، حضرت قدوت العاشقين پير سائين پاڳاري سيد علي گوهر شاھ اول ”اصغر سائين“ قدس سره جو فيض يافته خليفو ۽ سنڌي ٻولي جو پھريون عروضي ”صاحب ديوان“ شاعر آهي۔
خليفي گل محمد هالائي جي سنڌي غزلن جو ناياب ديوان نامياري محقق ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي تحقيق ۽ جامع مقدمي سان ڊاڪٽر اين ۔اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ ڄامشورو سهڻي نموني شايع ڪيو آھي ۽ آخر ۾ ”ديوان گل“ جا ٻه مڪمل ناياب ۽ خوبصورت نسخا پڻ ڏنا ويا آھن۔
حضرت خليفو گل محمد ولد حافظ ولي محمد هالن پراڻن جي سانوڻي آخوندن مان هو. ١٨١١ء ۾ ڄائو ۽ ١٢٧١ھ ۾ وفات ڪيائين. پاڻ حضرت پير صاحب پاڳاري دوم پير ساٸین سيد علي گوهر شاھ بنگلي ڌڻي عرف ”اصغر سائين“ جو ويساھ وارو مريد ۽ باڪمال خليفو هو.
خليفي صاحب حضرت امام العارفين پير سائين سيد محمد راشد روضي ڌڻي قدس سره جي باڪمال خليفي؛ عارف بالله سائين محمود فقير نظاماڻي ڪڙيو گنھور واري عليه الرحمه جي ملفوظات ”ڪنوز المعرفت / توفيق الطالبين“ فارسي ۾ لکيائين، جنهن جو سنڌي ترجمو ڇپيل آهي۔ پاڻ فارسي جو به ماھر عالم ۽ انشاپرداز هو؛ پر سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي غزلن جي ديوان ۽ غزل جي انوکي رنگ ڪري وڌيڪ مشهور آهي، سندس ڪلام تي تصوف ۽ عرفان جو گهرو رنگ آھي۔
”ديوان گُل“جي پهرين غزل :
پيالو مَئي سندو ڏي پُر ڪري محبوب متوالا
ته مستيءَ ۾ محبت جي ڪڍون هِن هوش کي حالا
ڀَٽوُن آهِن ايذائڻ ۾ دنيا جا مڙيئي مٽ ۽ مائٽ
توڻي ڀائر، سڳا چاچا ، توڻي ڪي سؤٽ ۽ سالا
اٿيئي اي دل ڌڻيءَ جي دوستي ۽ شوق جي محبت
دنيا جي عيش عشرت کي ڀري هڻ تون کڻي ڀالا
اندر ۾ عشق جنهنجي جاءِ پنهنجو ٿو وهي جوڙي
وسن برسات جيئن دائم، تنين جا نيڻ ٿيا آلا
جنين کي سڪ دلبر جي، سدا ڏونگر وتن ڏوريون
پٿوُن ٿيا پير پهڻن ۾، ڇَپَرَ ۾ پيا ڇلي ڇالا
محبت جهڙو ناهي ڪو مٺو ٻيو ٽول عالم ۾
خدا تنهنجي درد ۽ دُک جو دل ۾ شوق هئي شالا
ڏسڻ مان تنهنجي اي باغ حسن مون کي سرئا ٽي ”گُل“
تنهنجو مک گُل، زلف سنبل، منهنجي دل جيئن گُل لالا۔۔!
طالب دعا؛
يوسف ڀنڀرو سڪندري
06/06/2026
طالب راھ حق:
------------------------------------
سيد نور علي شاھ رحمه الله کان نقل آھي ته هڪ ڏينهن حضرت پير سائين پاڳاره اول تجَر ڌڻي قدس سره جن حضرت عارف رومي قدس سره جي ”مثنوي شريف“ جي شغل دوران فرمايو ته هڪ شخص حضرت مخدوم سائين محمد اسماعيل پريان لوئي قدس سره جي خدمت ۾ الله پاڪ عزوجل جي طلب واري واٽ بابت هڪ سنڌي بيت عرض ڪيو:
سِڪڻ سِپُ کراء، سِک منهنجا سپرين
آسائتيون اڀن ري پون نه پاتارا
جني هن جراء، من رکيو مينهن سين۔
يعني: سمونڊ جي سِپُين کان مالڪ ڪريم جي سِڪ ۽ طلب سِک، جيڪي برسات/ مينهن جو فقط هڪ ڦڙو/ قطرو جهٽڻ خاطر ڪيئن نه وات کولي سمونڊ جي مٿاڇري تي انتظار ۾ آھن ۽ هيٺ پاتار ۾ نٿيون وڃن۔
حضرت مخدوم سائين محمد اسماعيل پريان لوئي قدس سره جواب ۾ فرمايو:
سِپُون م ساراھ، هيڄ جن جو ههڙو
سڄڻ ۽ ساڃاھ، اتي ويڙن وسري۔
اي يار!حق جي طلب ۾ انهن رڳو هڪ قطري جي طلب وارين سِپُين کي ڪهڙو ٿو ساراهين؟ جيڪي سچا ۽ صادق عاشق آھن، اهي ته وحدت جي سمونڊ ۾ اهڙا مستغرق ٿي ويا آھن جن کي نه پنهنجي وجود جي خبر ۽ نه طلب ۽ تات جي! عارف جيڪڏهن سڄي سمونڊ کي هڪ سرڪ ڪن ته به سندن اڃ، تڙپ ۽ تشنگي ختم ناهي ٿيندي۔
(خزانت المعرفت/ ملفوظات پير سائين پاڳارو اول ”تجر ڌڻي“ قدس سره مان ماخوذ )
طالب دعا؛
يوسف ڀنڀرو سڪندري