14/12/2023
مذمت:
مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي انتظاميه طرفان 300 شاگردن کي سال پوئتي ڪرڻ ۽ 30 شاگردن کي ڪڍي ڇڏڻ خلاف ڪالھ کان مسلسل احتجاج جاري آهي جنهن تي انتظاميه هن وقت تائين معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ تحرڪ ناهي ورتو،نه ئي شاگردن جا مطالبا مڃيا ويا آهن،رھندو يونيورسٽي اندر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گھرائي ڪري حراسان ڪَيو پيو وڃي جيڪو نه صرف غير اخلاقي پر غير قانوني عمل آهي، ان سموري عمل جي سنڌي شاگرد سٿ مذمت ڪري ٿي ۽چتاءُ ڏئي ٿي ته سمورن شاگردن جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ ان مسئلي تي مهم هلائي ويندي...!
انفارميشن سيل، سنڌي شاگرد سٿ ڪراچي يونيورسٽي