Test Pass Teachers Sindh

Test Pass Teachers Sindh

Share

استادن جي حقن جو آواز اٿارڻ

27/02/2026
13/07/2024

سنڌ جي ٽيسٽ پاس استادن جو اهم مسئلو
Regularization from date of appointment
مقرري واري تاريخ کان مستقلي
سائين منهنجا سنڌ جي تعليم کاتي ۾ 2001 ۾ پھريون ڀيرو استادن جي ڀرتي ٿرڊ پارٽي CBM through ٽيسٽ ذريعي نج Contract جي بنياد تي ٽن سالن لاء ڪئي ويئي۔ خيرن سان ٽي سال پورا ٿيا ته پگهارون بند ٿيڻ شروع ٿيون۔
استادن تحريڪون ھلائي، لٺيون ۽ ڳوڙھا گئس کائي پاڻ کي 2005 ۾ پڪو ڪرايو پر وري 2001 کان 2005 واري سروس کي حڪومت ڳاڻيٽي ۾ ئي نه آندو جنھن جي لاء اڄ ڏينھن تائين استاد جهدوجهدون ۽ احتجاج ڪري رھيا آھن.
ائين ئي IBA Sukkur test ذريعي 2008 ۾ استادن کي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيو ويو۔ احتجاجن لاٺي چارج کان پوء 2012 ۾ مستقل ڪيو ويو۔ڪانٽريڪٽ وارو عرصو ڪنهن کاتي ۾ ناهي۔
2010 ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيسٽ ذريعي ڀرتي ٿيل استادن کي 2013 ۾ ۽ اقرا يونيورسٽي ٽيسٽ ذريعي 2013 ۾ ڀرتي ٿيندڙ استادن کي 2016۾ مستقل ڪيو ويو۔
وري 2014 ۾ NTS Test ذريعي ڀرتي ٿيل استادن کي 2018 ۾ مستقل ڪيو ويو۔
۽ آخر 2018 ۾ IBA Test ذريعي ڀرتي ٿيل استادن کي 2022 ۾ پڪو ويو۔
مٿي ذڪر ڪيل استادن جو ڪانٽريڪٽ وارو عرصو ڪنهن به ڳاڻيٽي ۾ ناهي، جنهن ڪري ڪانٽريڪٽ دوران کنيل سالياني انڪريمنٽس جو ڏچو جيڪو ڪنهن وقت به وڏو بحران پيدا ڪري سگهي ٿو۔
ٽائيم اسيڪل، پروموشن، سروس ميچورٽي سميت پيشن، گريجوئٽي جي مسئلن کان سواء Death Claim انھن ملازمن کي ملي ٿو جن جي سروس 10 سال ھجي ٿي پر جيڪڏھن ھڪ استاد 10 سال سروس ڪري وفات ڪري ٿو وڃي ۽ ان جي بيوه ۽ يتيم ٻارن کي پينشن فقط انڪري نه ڏني ويندي ته ان جا 3 سال ڪانٽريڪٽ وارا ڪٽيا ويندا ۽ ان فوتي استاد جي سروس فقط 7 سال بچندي.ان کان علاوه ريٽائرمنٽ وقت مٿي ذڪيل سڀني مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ دوران سروس وفات تي وارثن کي ڪانٽرڪٽ دوران کنيل سالياني انڪريمنٽس جي ڪٽوتي ۽ ٽائيم اسڪيل واپسي کان پوء جيڪا رقم بچندي سا ملندي۔
مان سڄي سنڌ جي شعور کان فقط ھڪ سوال ٿو ڪريان ته اھڙي ويڌن فقط استادن سان ڇو ٿي ڪئي وڃي؟

11/07/2024

تعليم کاتي ۾ 2001 کان 2018 تائين ٽيسٽ پاس ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيندڙ استادن جي مقرري واري تاريخ کان مستقلي واري سمري سرد خانن حوالي آخر ڇو ؟
جڏهن ته Law Department ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيندڙ ملازمن کي 1994ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي بل ذريعي بل واري تاريخ کان مستقل / پڪو ڪيو ويو۔
پر ياد رهي ته انهن ساڳين ملازمن کي وري 2014 ۾ ترميمي بل ذريعي مقرري واري تاريخ کان مستقل ڪيو ٿو وڃي ته پوء آخر استادن ڪهڙو ڏوھ ڪيو آهي ؟؟؟؟؟
تعليم کاتي جي اسڪول سائيڊ تي بجيٽ بڪ واليم III ۾ مانٽرينگ اسسٽنٽ جي ڪا به پرمنٽ پوسٽ نه هئي انهن کي ڪنهن پروجيڪٽ ذريعي ڪانٽريڪٽ ڀرتي ڪيو ويو ۽ راتو رات بنا ڪنهن احتجاج جي مقرري واري تاريخ کان مستقل/ پڪو ڪيو ٿو وڃي۔
ته پوء استادن کي ڪنهن سمري تحت وزير اعلي جي صوابديدي اختيارن يا ترميمي بل ذريعي هيترن سالن ۽ مسلسل احتجاجن کان مقرري واري تاريخ کان مستقل / پڪو ڇو نه ٿو ڪيو وڃي ؟؟؟؟
جڏهن ته جن جاين ( Posts ) تي 2001 کان 2018 تائين ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيو ويون آهن، اهي سڀئي جايون ( Posts ) بجيٽ بڪ واليم III ۾ موجود آهن ۽ انهن جي بجيٽ به پيل هئي، وڏي ڳالھ ته سڀئي جايون ( Posts ) خالي پيل ۽ مستقل بنياد تي هيون، جن جاين ( Posts ) تي 2001 کان 2018 تائين ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيون۔
پوء اهڙي نوعيت جي خالي جاين ( Posts ) تي استادن کي مقرري واري تاريخ کان مستقل ڪرڻ ۾ آخر هرج ڪهڙو آ ؟؟؟
ڳالھ سمجھ کان ٻاهر آ۔... !
سنڌ جا استاد ساٿيو ۽ تنظيمي اڳواڻو !
ڪهڙي ڳالھ ٿورو غور سان سوچو جن جاين ( Posts ) تي 2001 کان 2018 تائين ڪانٽريڪٽ تي ڀرتيون ٿيون اهي سڀئي جايون ( Posts ) بجيٽ بڪ واليم III ۾ موجود آهن، مطلب انهن جون پگهارون به آهن تڏهن بجيٽ بڪ ۾ هيون۔پوء هي 2001 کان 2018 تائين ورلڊ بينڪ کان امداد وٺي ڪانٽريڪٽ وارا ڊراما ڪري مها ڪرپشن ذريعي ملين ڊالرس ڪنهن هڙپ ڪيا ؟؟؟
بحرحال ڪنهن هڙپ ڪيا اسان کي ان مان ڪو به حصو نٿو کپي پر اسان کي پنهنجو جائز حق مقرري واري تاريخ کان مستقلي گهرجي۔
سائين منهنجا ! هي اسان سنڌ جي متاثرن استادن جو زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي۔ هن مسئلي جي ڪري اسان ڪافي مسئلن جي ور چڙهيل آهيون۔ نه رڳو سروس دوران مسئلا هوندا پر ريٽائرمنٽ ۽ مرڻ تائين به جان نٿا ڇڏائي سگهون۔
*** ياد رکو سڀني مسئلن جو واحد حل مقرري واري تاريخ کان مستقلي ئي آهي۔*
تنهنڪري متاثرن استادن سميت پ ٽ الف سنڌ ۽ گسٽا سنڌ کي نه رڳو هن مسئلي کي اوليتي بنياد تي پنهنجي ذميواري محسوس ڪندي / نوعيت کي سمجهندي مستقل مزاجي ۽ سنجيدگي سان مسئلي جي حل ڪوششون وٺڻيون پونديون، الله پاڪ ڪاميابي نصيب ڪندو۔
ياد رکو ! استاد ساٿيو ۽ تنظمي اڳواڻو !
هن مسئلي جو حل ناممڪن ناهي، هن جائز مسئلي کي حل نه ڪرڻ جو تعليم کاتي سميت سنڌ حڪومت وٽ ڪو به قانوني ۽ اخلاقي جواز ناهي۔ڇاڪاڻ ته مٿي ذڪر ڪيل ۽ ان کان علاوه ڪافي ملازمن کي سنڌ حڪومت مقرري واري تاريخ کان مستقل / پڪو ڪري چڪي آهي۔
علي نواز پنهور

18/10/2023

وفاقي پيشن رولز ۾ تبديلي ۽ پنجاب جي سرڪاري اسڪولز جي نجڪاري

01/10/2023

Ready to elevate your academic journey?

Apply today for the Commonwealth Scholarships for Masters and PhD studies!

Application link: www.hec.gov.pk/site/CWGS

10/12/2021

سنڌ جو ٽيسٽ پاس ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استاد گهري ٿو۔
1.مقرري واري تاريخ کان ريگيولرائزيشن
2.پرائمري اسڪول ٽيچر پوسٽ اپ گريڊ 14
3. بند پيل تعليمي انڪريمنٽس جي بحالي

09/08/2020

ورسي جي مناسبت سان
پ ٽ الف جي متحرڪ، باهمت ۽ جاکوڙي اڳواڻ محترم لياقت ديدڙ سان پهرين ملاقات ڪراچي پريس ڪلب تي اسان جي ريگيولرائزيشن جي تحريڪ دوران 2005ع ۾ ٿئي۔
ياد رهي ته ان تحريڪ دوران پ ٽ الف Mother Orgnization هجڻ باجود اسان جي ڪا به مالڪي نه ڪري رهي هئي، پر سائين لياقت ديدڙ ۽ سائين محمد صديق ملغاڻي ميدان عمل ۾ سائين شفيع محمد سٺيو وانگر نوجوان استادن سان گڏ بيٺل هئا۔ توڙي جو سندن مرڪز مٿن انهي عمل جي ڪري ڪاوڙيل هو۔
ها مون کي چڱي طرح ياد آهي سائين تقرير ۾ پنهنجي مرڪز کي ميار ڏيندي چيو هو ته ! هنن ميرٽ تي آيل سنڌ جي نوجوان استادن جي مالڪي ڪيو حڪومت جا ساٿاري نه ٿيو۔ ان وقت سائين جي اکين مان لڙڪ لڙهي پيا هئا، انهن لڙڪن ۾ مون کي نوجوانن سان سچو پيار ۽ پنهنجائپ نظر آئي۔
اڄ سائين جي ورسي جون پوسٽس ڏسندي سائين جو نوجوان استادن سان پيار ۽ پنهنجائپ وارا جذبا ياد آيا۔ سائين کي خراج تحسين پيش ڪندي دعا آهي ته الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعلي عطا فرمائي.آمين
علي نواز پنهور
اڳوڻو مرڪزي نائب صدر
ريگيولرائزيشن ايڪشن ڪاميٽي سنڌ
(CBM Test Pass Primary Teachers 2001)

18/05/2020

OUR DEMAND IS TO REGULARIZE ALL CONTRACT TEACHERS FROM DATE OF INITIAL APPOINTMENT.

12/05/2020



ملڪ ۾ گذريل ٻن ٽن ڏھاڪن کان عام واهپي جي شين کان وٺي دوائن سميت هر شي آسمان سان ڳالهيون پئي ڪري ـ اهڙي صورتحال ۾ عوام جو جئڻ جنجال ٿي پيو آھي ـ خاص ڪري ننڍڙا سرڪاري ملازم گھٽ پگھارن ھجڻ ڪري ويتر پريشان حال زندگي گذاري رهيا آھن ـ
واضح رھي تـ ھن وقت پي اسڪيل 2017 لاڳو ٿيل آھي
( نوٽ۔حڪومت کي ھر ٽي سال پي اسڪيل روائيز ڪرڻو آهي ) جيڪو گذريل سال روائيز ٿيڻو هو پر تبديلي سرڪار نه ڪيو۔
هاڻ چوٿون سال آهي تبديلي سرڪار کي گهرجي ته پي اسڪيل روائيز ڪري ان ۾ عبوري الائونس ( 10 سيڪڙو 2016، 15سيڪڙو2017، 10 سيڪڙو 2018، 15سيڪڙو 2019 ) مجموئي طور 50 سيڪڙو جيڪو اڳ ئي سرڪاري ملازمن کي عبوري الائونس طور ملي رهيو آهي ان کي بنيادي پي ۾ ضم ڪري 2020 پي اسڪيل متعارف ڪرايو وڃي ، ان تي 2020 مهانگائي عبوري الائونس ڏنو وڃي۔
ان کان علاوه هائوس رينٽ 2008 وارو منجمند ٽوڙي نئي پي اسڪيل 2020 تي جاري ڪيو وڃي۔
ميڊيڪل الائونس به نئين پي اسڪيل مطابق ڏنو وڃي۔وفاقي توڙي صوبائي سيڪريٽريٽ / صدارتي توڙ وزير اعظم سيڪريٽريٽ/ گورنرز توڙي وزير اعلي سيڪريٽريٽ ملازمن کي ملندڙ يوٽيلٽي الائونس جيان سمورن سرڪاري ملازمن کي پڻ اسڪيل مطابق يوٽيلٽي الائونس ڏنو وڃي ـ
اهڙي قسم جو مطالبو هر سرڪاري ملازم سميت ملازم تنظيمن طرفان حڪومت وقت کان هر پليٽ فارم تي ٿيڻ گهرجي۔
توهان خير انديش علي نواز پنهور

30/03/2020

ڪرونا وائرس ٽيسٽ نيگيٽو اچڻ کان پوء وزير تعليم سنڌ سعيد غني صاحب کي ڊاڪٽرن پاران مڪمل طرح صحتياب قرار

Want your school to be the top-listed School/college in Hyderabad?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Website

Address


Hyderabad