27/01/2020
فرانسيسي اديب ۽ ڏاهي وڪٽر هيوگو جا ڪجهه خيال
ترجمو؛ شفقت قادري
• سمجهڻ ۽ مرڻ؛ لڳ ڀڳ ساڳيا ئي لفظ آهن.
• جڏهن عوام سمجهه ڀريو ٿئي ٿو، صرف تڏهن ئي هو پاڻ پنهنجو حڪمران ٿي سگهي ٿو.
• دوست لفظ ڪڏهن ڪڏهن معني کان وانجهيل جڏهن ته دشمن لفظ هميشه معني کان وانجهيل هوندو آهي.
• زندگي هڪ اڻپورو جملو آهي.
• مون برابري چيو آهي، هڪجهڙائي ناهي چيو.
• هڪ اهڙو پيار، عقل جنهن کان ڊڄي، سو پنهنجو اظهار هڪ ڇِرڪ جي صورت ۾ ڪندو آهي.
• اي عظيم انسانو! سڀاڻي بامقصد ٿيڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اڄ ئي مري وڃو.
• بُري سوچ، روح جي خودڪشي آهي.
• جيڪو پاڻ کي غربت ۾ گهارڻ جي قابل نه ٿو سمجهي، اهو پاڻ کي آزاديءَ جي قابل به نه سمجهي.
• اناپرستي: منهنجي وجود کي لڳل ڪٽ (زنگ) جو نالو آهي.
• دوزخ: سڄو سارو هڪ لفظ اندر سمويئل آهي، اڪيلائي.
• سچائي سج جيان آهي. ان جي روشني وسيلي اسان سڀ ڪجهه ڏسي سگهون ٿا پر اُها اسانکي پنهنجو پاڻ ڏسڻ نه ٿي ڏسي.
• استاد انساني سوچ جا مالهي (باغائي) آهن.
• وحشي جانور ته خدا جا پيدا ڪيل آهن پر وحشي پڻو ماڻهن جو پيدا ڪيل آهي.
• پيار ڪرڻ جي آزادي، ڪنهن به ريت، فڪر جي آزاديءَ کان گهٽ پوتر ناهي.
• ننڍڙا آزاد ماڻهو، وڏن غلام ماڻهن کان وڌيڪ وڏا ماڻهو آهن.
• ڪي ماڻهو آهن، جن وٽ ڪتاب (لائبريري) ائين هوندا آهن، جيئن (بادشاهن جي) حرم جا کدڙا.
• خوشي خالي خالي ٿيندي آهي ۽ ڏُک ڪامل ٿيندو آهي.
• عاشق ڪير آهي؟ جيڪي نوان ڄايا هوندا آهن.
• جنگيون سدائين ڪنهن نه ڪنهن بهاني ۽ صرف هڪ ئي سبب ڪري لڳنديون آهن. فوج. فوج کي ختم ڪريو، جنگيون ختم ٿي وينديون.
• جيئرا صرف اُهي ئي آهن، جيڪي جدوجهد ڪن ٿا.
• آزادي اُتان شروع ٿئي ٿي ، جٿان جهالت ختم ٿئي ٿي.
• مونکي ٻُڌاءِ ته تون ڇا سان پيار ٿو ڪرين، مان توکي ٻُڌائيندم ته تون ڇا آهين. (ڪهڙي قسم جو انسان آهين.)
• اُهو غريبن جو دوزخ آهي، جيڪو اميرن لاءِ بهشت ٺاهي ٿو.
• پڙهو، اُهو ئي کائڻ ۽ پيئڻ آهي. جيڪو روح پڙهي نه ٿو سو انهن ڪمزور ٿي ويل لاشن مثل آهي، جيڪي کائيندا پيئندا ناهن.
• اُهو ائين ناهي ته شيون ڏکيون آهن، تنهن ڪري اسان جرئت ناهيون ڪندا، پر اُهو ايئن آهي ته اسان جُرئت ناهيون ڪندا ۽ انڪري شيون ڏکيون هونديون آهن.
• روح انهن شين وسيلي شاهوڪار ٿيندو آهي. جيڪي ان کي ملنديون آهن، دل انهن شين وسيلي شاهوڪار ٿيندي جيڪي اُها ڏيندي آهي.
• جي توهان کي امن، آتشي کپي ته پوءِ عشق پيدا ڪريو.
25/01/2020
Bilingual Marxist Magazine Samajwad 36th.
ٽه ماهي مارڪسي ميگزين سماجواد جي 36 هين ڪڙي، جيڪا آگسٽ-آڪٽوبر 2019 ۾ شايع ٿي هئي، جي pdf ڪاپي هيٺ ڏنل لنڪ تان حاصل ڪري سگهجي ٿي..
https://drive.google.com/file/d/119janoJgtIlEH_GK0TdZQH2FiXTemAxf/view?usp=drivesdk
21/01/2020
جيڪو به دوست سماجواد 37 هين ڪڙي pdf ۾ پڙهڻ چاهي اهو هن لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪري سگهي ٿو:https://drive.google.com/file/d/1-zkKwtASYJricryd32XRWpP3rOPNlRMG/view?usp=drivesdk
12/01/2020
چونڊ قول
• مان پنهنجي ڏاهپ سببان دُک درسي ۽ پنهنجي ارادي سببان سُک درسي آهيان. (گرامچي)
• بيماريءَ کي شروع ۾ سڃاڻڻ ڏُکيو پر انجو علاج آسان هوندو آهي. جڏهن اهي ٻئي ڪم ناهن ٿيندا ته پوءِ بيماريءَ کي سُڃاڻڻ آسان پر اُنجو علاج ڏکيو ٿي پوندو آهي. (ميڪاولي)
• توهان جو ڪم پيار جي ڳولا ناهي، پر پنهنجي اندر ۾ انهن رڪاوٽن کي جانچڻ آهي، جيڪي اوهان اُن خلاف اڏيون آهن. (رومي)
• هم عصرائپ (simultaneity) کي ڪارڻيت (causation) سمجهڻ هڪ تمام وڏي غلطي هوندي. (ڊيوڊ هاروي)
• ڪابه اعلي شئي خطري کانسواءِ ڪڏهن به حاصل ناهي ٿي. (ميڪاولي)
• مان پکين وانگي ٻولڻ چاهيان ۽ بنا اِنهي چنتا جي ته ڪير ٻُڌي ٿو ۽ ڪير ڇا ٿو چئي. (رومي)
• سرمايو (قدرن جي گردش جو) هڪ عمل آهي ۽ بس. (ڊيوڊ هاروي)
12/01/2020
جي ايم سيد : هڪ عظيم درسگاهه
منظور ڪوهيار
سائين جي ايم سيد تي هوئين ته تمام گهڻن ماڻهن تمام گهڻو لکيو آهي. پر هيٺ ڏنل مضمون جي (منظور ڪوهيار جي ڪتاب “ڪي ڪي ماڻهو وديا ساگر” منجهان) چونڊ ان ڪري ڪئي وئي آهي ته اهو پڙهندڙ وٽ سائين سان گڏ هجڻ جو احساس پيدا ڪري ٿو. درحقيقت اهو ليک هڪ اُن نوجوان جي وارتا آهي جيڪو پهريون دفعو سائين سان ملي ٿو، اُن سان پورو ڏينهن گُذاري ٿو ۽ پنهنجي تجربي کي “ايڪ دن جيو ڪي ساٿ” کان به وڌيڪ ڪمال فن، سادگي ۽ سچائي سان محفوظ ڪري ٿو. اميد ته سنڌ جي نوجوان نسل کي هن مضمون ذريعي سائين جي ايم سيد جي شخصيت کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. ادارو
سال 1979ع جو هيو. پوريءَ طرح ياد ناهي ته مهينو جُـون جو هيو يا جولاءِ جو. بشير شاهاڻي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي صدر جي حيثيت سان، اڃان ڀڳل پسٽل رکڻ جي الزام ۾ جيل ياترا نه ڪئي هئي.
مان ۽ بشير شاهاڻي ذاتي دوست ۽ ڳوٺائي هياسين. اِن ڪري لاڙڪاڻي کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو اچڻ وڃڻ گڏ ٿيندو هو. بشير شاهاڻي ايندي ويندي عمومن ”سن جي سائين“ جي ديدار درشن لاءِ لهي پوندو هيو. ۽ مون کي به صلاح هڻندو هيو. پر مان نٽائي ويندو هيس.
هن هڪ ڀيري لاڙڪاڻي کان يونيورسٽي ايندي زوري سن لاهي وڌو ۽ چيائين : ”هر ڀيري حرامپائي ڪري نٽائين ٿو. اڄ نه ڇڏيندو سانءِ!“
اسٽاپ تي لٿاسين ته ڪو بگيءَ وارو به نظر ڪو نه آيو. ڏنڊا ڏوٽا هياسين، سو ڪنهن بگيءَ جي انتظار ڪرڻ بدران گوڏي گاڏي ڪئي سين. ائين پئي لڳو ته سنڌ وارو سن ۽ انگريزيءَ وارو SUN پاڻ ۾ ٻکجي ويا آهن. هلندي هلندي ٻنهي جو وات ال ڪانؤ وانگر پٽجي ويو هو. تيز روشنيءَ جي ڪري اکيون چنجهيون ٿي ويون هيون.
سن ڳوٺ جي گهٽين مان مڙندي، هڪ جڳهه جي دروازي ۾ داخل ٿي ٿلهي تي چڙهياسين. پوءِ دالان ۾ اچي جوتا لاٿاسين. بشير شاهاڻي ٻليءَ پير هلندي سامهون واري ڪوٺيءَ جو دروازو احتياط سان کوليو ۽ اندر داخل ٿيو. دروازي به ڄڻ آرام ۾ خلل محسوس ڪندي احتجاجن چيڪٽ ڪيو. اندر دريءَ جي سامهون هڪ جُنگ پوڙهو مڙس ڏير جي وڇايل تڏي تي رلي مٿان گهري ننڊ ۾ ستل هيو، مٿن کان 15 سالن جو هڪ ڇوڪرو ونجڻو هڻي رهيو هيس ۽ پيرن کان اڌ وهي همراهه زور ڏئي رهيو هيس. بشير شاهاڻي سڙٻاٽين ۾ ٻڌائيندي چيو:
”اهو ئي هيٺ ستل سائين جي ايم سيد اٿئي!“
مون هڪ نظر سائين تي وڌي، جيڪو محو خواب هيو. ضرور اِهو خواب سنڌ جي آجپي جو ئي هوندو، اسان ٻنهي ڄڻن پنهنجا ٿيلها ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ رکيا.پوءِ سامهون رکيل ڪرسين تي ڦانءِ ٿي ڪري پياسين. جو گهڻي پگهر وهڻ ڪري جسم ساڻو ٿي چڪو هيو.
منهنجين اکين ڪمري جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو. جيتري قدر ياد آهي ته ڪمري جي ڏاکڻين پاسي ڀت تي اوني ٽوپ ۽ سويئٽر سان، سائين جي ايم سيد جي قد آدم ٺاهوڪي تصوير لڳل هئي. اُن جي ڀر ۾ پر ٿورو مٿيرڪو ڪنهن مصور جي منظرڪشي واري تصوير ٺهيل هئي، جنهن ۾ نه کٽندڙ ساون کيتن جو سلسلو، کيتن ۾ بيٺل متارا ڍڳا، وٽر سٽر هاري ۽ چيلهه چهبڪ ناريون ڏيکاريل هيون. ائين پئي لڳو ڄڻ مصور سائين جي ايم سيد جي اکين ۾ پيهي سنڌ جي روشن مستقبل جي تصوير ڪشي ڪئي هجي .
اولهائين ڀت تي ڳاڙهي سنڌي ٽوپ ۽ ريشمي اجرڪ سان سائين جو پورٽريٽ ٺهيل هو. جنهن ۾ جي ايم سيد جي لازوال مرڪ شامل هئي. جنهن ۾ مون کي موناليزا جي مرڪ کان وڌيڪ گهرائي ۽ گيرائي نظر آئي. (بهرحال هرهڪ جي پنهنجي اک آهي.) اولهه ــ اتر واري ڀتين جي ڪنڊ ۾ ڪارنر ٽيبل مٿان پلاسٽر آف پيرس جو سندس ئي سفيد رنگ جو بت رکيل هو. ڪمري ۾ ٻه اولهه ۽ ٻه اوڀر کان کٽون پيل هيون. ڪمري جي اتر ۽ ڏکڻ پاسن کان چار چار ڪرسيون رکيل هيون، جن تي سفيد چادرن جا گاديلا پيا هيا.
بشير شاهاڻي جَهلي ڇڪڻ شروع ڪئي، جهليءَ جي جُهلڪن ڪجهه پگهر سڪايو ته اُٿي مَٽ مان پاڻيءَ جا ٻه ٽي گلاس ڀري ڏوگهياسين. هڪ ننڍي ٽيبل تي ٽري Tray رکيل هيو. جنهن ۾ قسمين قسمين ميوا پيل هيا. خاص ڪري مشهدي صوف، چتري ڪيلا ۽ لاڙڪاڻي جا ڳاڙهه سرا چيها ۽ ٻاوا زيتون (زيتونن جا قسم) وغيره. دل ڪڍيو ته جيڪر هڪ اڌ شيءِ کڻي کائجي. پر سڄو ڪم زيتونن خراب ڪري وڌو جو منجهن سياري جي مند ۾ پڪل زيتونن واري لالاڻ هئي جڏهن ته لاڙڪاڻي جي گرمين واري زيتونن ۾ ڳاڙهاڻ ناهي هوندي.
بشيرشاهاڻي منهنجي گهور کي سمجهي ويو ۽ ڏاڍي مهمانوازي واري انداز ۾ چيائين:
”ڀلي کاءُ، سائين جي ايم سيد مهمانن لاءِ گهرائي رکيا آهن. چتري ڪيلا ته زبردست ٿي.“
مون وراڻيو، ”ڪيلا کائيندا اُهي، جن سڄي عمر ڪيلن تي گذارو ڪيو هجي.“
”پوءِ ڀلا صوف ؟“ هن صوفن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”سنڌ يونيورسٽي جي صوفن، سان، مشهدي صوفن جي ڪهڙي ڀيٽ ... جن اُهي صوف چکيا هوندا ته اُنهن کي هي صوف ڪٿان وڻندا؟“
”وڏو لاهه آن ... سمجهين وئين!“ بشير مشڪندي وراڻيو. پوءِ بشير شاهاڻي ويهي ڪيترن دوستن جا قصا ٻڌايا، جن ڀل ۾ اچي اِنهن مٽي مان ٺهيل ميون کي چڪ هنيا هيا. خاص ڪري مرتضيٰ مهيسر جو قصو ٻڌائي ڏاڍو کلايائين. سائين جي ايم سيد ايڏي گهري ننڊ ۾ هيو جو ڄڻ کيس ڪنهن به شيءِ جي پرواهه نه هئي، نه گرمي جي، نه جهولي جي، جيڪو در جي وٿين مان زوڪاٽ ڪندي پئي آيو، نه وري اسان جي سڙٻاٽن ۽ کک کک جي.
سائين جي ايم سيد اندازن ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ اکيون پٽي رڙ ڪئي:
”ڇوڪرا پاڻي!؟“
ڇوڪرو اُٿيو ۽ مٽ مان پاڻي ڀري آيو. سائين اُٿي پاڻي پيتو ۽ پوءِ اسان ڏانهن ڏٺائين. اسان اٿي سائين سان ملياسين. سائين آهستگيءَ سان خوش وخير عافيت ڪئي. اُن کان پوءِ اسان ٻنهي کي گهوريندو ۽ مشڪندو رهيو ۽ آخر ۾ بشير شاهاڻي سان مخاطب ٿيندي چيائين:
”آءٌ سمجهان ٿو ته هاڻ منهنجو حافظو ختم ٿيندو ٿو وڃي. ڇوڪرا! مون توکي چاليهه دفعا ڏٺو آهي. پر ڪوشش جي باوجود به نالو ياد ڪري نه سگهيس.“
”سائين، مان بشير شاهاڻي،“ بشير باادب ٿي چيو.
”ها،ها، هاڻ ياد اچي ويو... ۽ هن جو؟“ مون ڏانهن اشارو ڪندي چيائين
”منظور حسين...! سائين منهنجو ذاتي دوست ۽ ڳوٺائي آهي.“
”اڇا، لاڙڪاڻي جو آهي... هاڻي اوهان ڇا پڙهندا آهيو ؟“
”مان جاگرافيءَ جو فائنل سيمسٽر ڏنو آهي ۽ هن سوشيالاجي جو.“ بشير جواب ڏنو
پوءِ ٻنهي کان جاگرافي ۽ سوشيالاجي جا سبجيڪٽ پڇيائين. اسان واري وٽي ٻڌاياسين ۽ پوءِ بشير ڏانهن منهن ڪري چيائين:
”ها تون جاگرافي پڙهندو آهين نه ... ٻڌ، مون هڪ ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ سنڌ جي جاگرافي تي بحث ٿيل آهي. جنهن ۾ انگن اکرن سان آبادي، مٺي پاڻي، جابلو علائقن، ڍنڍن ڍورن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني آهي. هر سال ڪيتري مٽي سمونڊ ۾ پئي ٿي ۽ ڊيلٽا ٺهي ٿي.اُن جا انگ اکر شامل آهن...توکي ڊيلٽا جي خبر آهي؟“
”نه سائين،“ بشير لڄي ٿي وراڻيو.
”ڊيلٽا چئبو آهي، اُن زمين کي، جنهن جو ڪجهه حصو پاڻي ۾ هجي ۽ ڪجهه ٻاهر... ڀلا هڪ ايڪڙ ۾ چورس فوٽ گهڻا؟“
”6666 فوٽ “ بشير شاهاڻي ڌڪو هنيو، اِهو سوچي ته ڦٻي ويندو.
اِهو جواب ٻڌي، سائين ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو:
”خدا جو غضب پويـوَ... سمجهائي سمجهائي بيٺو آهيانؤ ته پڙهو... پڙهو پر پڙهو ئي نٿا.“
مون هڪدم وراڻيو: ”سائين 43560“
”شاباس، توکان عهدو کسي هن کي ٿا ڏيون.“ سائين بشير تي ڪاوڙجندي چيو.
”پر سائين هي ته ميمبر ئي ناهي.“
”باقي ڪنهن کي ٿا ميمبر ڪيو. لوفرن ۽ اڻ پڙهيلن کي .... خدا جو غضب پويو!“
”سائين هن کي ته چوان ٿو ته ميمبر ٿيءُ، پر ٿي ئي نه ٿو.“
بشير کي اڃا وڌيڪ ڇنڊ پٽڻ جو ارادو هيس ته هڪ نوجوان اندر آيو. سائين سان مليو، جنهن ڏانهن سائين جو ڌيان ٿي ويو. لڳي پيو ته خاص ڪارڪن ۽ گهڻ گهريو هو. سائين اُن کي پئي ٻڌايو ته ناز سنائيءَ جو خط آيوآهي، جنهن ۾ لکيو اٿائين:
سائين دعا ڪجو...آءٌ توهان جي رستي تي قائم رهان ۽ اِنهيءَ امتحان ۾ پار پوان، جيڪو سر تي اچي پيو آهي. اوهان کي منهنجي جرئتمندي جي پوري ڄاڻ آهي. مهرباني ڪري هيٺين سوالن جا جواب ڏيندا ته مهرباني ٿيندي
1.اوهان جناح ڪيپ ڇو پائيندا آهيو؟
2.رسول بخش پليجو چوي ٿو ته ماڻهوءَ جي شخصي ڪردار کي ڇڏي، سندس قومي ڪردار کي پرکڻ گهرجي.
3.ٻڌئون ٿا ته اوهان ڀٽي جي موت تي رُنا هيئُو؟
سائين جواب ڏيڻ لڳو:
’پهريان ته آءٌ اِن ڪيپ کي جناح ڪيپ مڃڻ لاءِ تيار ناهيان. ڇو ته اها ڪيپ اسان وٽ ايران ۽ افغانستان کان پهتي آهي. جيڪا بنيادي طور تي قراقلي ڪيپ يا ٽوپي سڏبي آهي. جيڪا فارس جي ڪاري رڍ جي ليلي جي کل مان ٺاهي ويندي آهي. ٻيو جنهن جو شخصي ڪردار نه هوندو، اُن جو قومي ڪردار نه هوندو. ان جو وڏو مثال حضرت محمد ﷺآهي. جنهن جو عربن وٽ پهريان شخصي ڪردار اڀريو ۽ پوءِ قومي ڪردار. يعني رسول عربي. ٽيون ڀٽو ڪهڙو به هيو، پر هيو ته سنڌي ڳالهائيندڙ نه ... شڪايتون به پنهنجن سان ڪبيون آهن ۽ روئبو به پنهنجن لاءِ آهي.
مون هڪڙو ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ هڪ خواب جو ذڪر آهي ته خدا وٽ سنڌ فريادي آهي. ۽ جوابدار ذوالفقار علي ڀٽو آهي. سنڌ جي طرف کان
وڪيل آءٌ آهيان ۽ ڀٽائي ذوالفقار علي ڀٽي جو وڪيلِ صفائي بڻيو آهي.“
انهيءَ دؤران هڪڙو ٻيو همراهه به اِن گفتگوءَ جي دؤران اچي چڪو هيو. جيڪو سائين جي گفتگو ڌيان سان ٻڌي رهيو هيو، تنهن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: ”هڪڙي طرف وڪيل شاه عبدالطيف ڀٽائي ۽ ٻيءَ طرف سيد غلام مرتضيٰ،
وڏي ڳالهه آ، وڏي ڳالهه آ، سائين اِهو ڪتاب جلد از جلد اچڻ گهرجي.“
سائين جي ايم سيد ٻڌائڻ لڳو:
”ڪتاب ته پورو ٿي ويو آهي. پر منهنجو خيال آهي ته ان ڪتاب کي مختصر ڪري ٻارنهن سوالن ۾ ورهائجي پوءِ اُنهن سوالن جا جواب ڏجن. اِهي سوال ۽ جواب رڪارڊ ڪيا وڃن تنهن کان پوءِ ڪئسٽ جي ذريعي تشهير ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿين. ائين جيئن آيت الله خميني ايران ۾ ماڻهن سان رابطو رکيو هو.“
اِنهيءَ گفتگو دؤران شربت آيو، جيڪو سڀني واري وٽيءَ سان پيتو.
مون هڪ ڳالهه نوٽ پئي ڪئي ته اُهو همراه وڏو غلم جو توبچي هيو هيڏانهن هوڏانهن جا اجايا سجايا گفتا پئي ڪيائين. مثلن اِهو پئي چيائين ته بيگم ڀٽو، اڄڪلهه جنرل ٽڪا خان جي ڪڍ لڳي آهي. جنهن تي سائين جي ايم سيد جو رد عمل ڏاڍو سخت ٿي پئي ويو. غصي ۾ پئي چيائين:
”خدا جو غضب پوين... اڃا اِنهن جي ڪڍ.“ مون کي اِهو احساس شدت سان پئي ٿيو، ته اهي غلم جا توبچي ۽ خوشامندي ماڻهو ڪيڏا نه خطرناڪ آهن، جيڪي هروڀرو ماڻهن جي وچ ۾ وٿيون ۽ گمان پيدا ڪندا آهن. اُن وقت حضرت سليمان جي چوڻي ياد آئي، ته ”چغل خور ۽ خوشامندي ماڻهن جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون هونديون آهن ۽ اهي پيٽ جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ لهيو وڃن ٿيون.“
3 وڳي ڌاري ماني آئي. ورانڊي ۾ گلم تي ٿي ويٺاسين. ڀاڄيءَ ۾ پلو، گوشت ۽ واڱڻن جو ٻوڙ هو. بصر، انب جي کٽاڻ، ڏوڏيون ۽ سنڌڙي انب به رڪابين ۽ ٿالهين ۾ سجايل هيا. ڪڻڪ جي ماني ۽ چانور به دسترخوان ۾ شامل هئا. جيڪا ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي هئي، سا اِها هئي ته سائين کي وڃڻو هڻندڙ ڇوڪرو ۽ زور ڏيندڙ اڌ وهي همراه به اسان سان گڏ ماني پئي کاڌي. ڳالهين مان معلوم ٿيو ته اُهو اڌ وهي همراه سائين جو مريد ۽ هاري هيو، ۽ ڇوڪرو هاريءَ جو پٽ هيو. اِهو منظر زندگي ۾ مون پهريون دفعو ڏٺو هو ته مريد ۽ مرشد، هاري ۽ وڏيري گڏ ويٺي ماني پئي کاڌي. نتيجي ۾ سائين جي ايم سيد لاءِ اِهو تاثر جڙيو ته سائين روايتي پيرن مرشدن يا وڏيرن منجهان نه هيو، منجهنس نه ڇوت ڇات هئي ۽ نه وري ڪا احساس برتري ۽ گهمنڊ.
کائڻ جي دؤران مون اِهو به ڏٺو ته سائين پلي کي هٿ نه پئي لاتو. جيتوڻيڪ گوشت ۽ انب واپريائين پئي. بشير ۽ مان نه ڇڏيو سين پلي کي، نه گوشت کي ۽ نه وري واڱڻن کي.انبن ۽ ڏوڏين سان به ڏاڍي ڪئي سين. ماني کائڻ کان پوءِ سائين چيو: ”بابا هاڻي ڪجهه آرام ڪيو.“
سائين، اُتي ورانڊي ۾ ڏير جي مخصوص تڏي تي، وهاڻي تي مٿو رکي آهلجي پيو. ۽ اسان ٻئي وري ٻئي ڪمري ۾ وڃي ستاسين. ڏاڍي ڪوشش جي باوجود به ننڊ نه آئي. نيٺ 5 وڳي ڌاري ٻاهر نڪتاسين ته سائين جاڳي رهيو هيو. ڪو همراه کائنس اسلام جي باري ۾ پڇي رهيو هيو . سائين ٻڌائي رهيو هيو:
”ملان جي اسلام ۽ اسان جي اسلام ۾ فرق آهي. ملي وٽ رب رڳو مسلمانن جو ۽ ڏاڍو قهار آهي. اسان وٽ رب سڄي عالم جو ۽ راحمين آهي. ملو چوي ٿو ته هڪڙو جهان هت آهي ۽ ٻيو جهان قيامت کان پوءِ آهي. پر آءٌ چوان ٿو ته هڪڙو جهان هيءُ آهي، جيڪو هلي ٿو ۽ ٻيو جهان ايندڙ مستقبل آهي، بهشت ۽ دوزخ قومن کي هتي ئي ملندو. جيڪا قوم سست ۽ جاهل رهندي اُها عذاب ۾ هوندي. جيڪا چست ۽ ڄاڻ واري هوندي، اُها سڪون سان زندگي گذاريندي.“
”سائين هندو ته الله کي نه ٿا مڃن، اُهي بتن جي يا غير الله جي پوڄا ڪن ٿا؟“ اُن همراه جو ٻيو سوال هيو.
”هندن جي پراڻن مذهبي ڪتابن ۾ به وحدت الوجود جو نظريو ڏنل آهي. اهڙي ڪا به ڳالهه ڪونهي ته وحدت الوجود جو نظريو رڳو مسلمانن وٽ آهي. هر مذهب وارا الله کي مڃن ٿا. اُن هستيءَ جا صرف نالا الڳ الڳ آهن. ڪو ايشور چوي، ڪو گاڊ چوي، ڪو خدا سڏيس ٿو. هرڪو سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح مڃي ٿو. پر الله کي اُهو سمجهي، جيڪو پهريان زمين وارن کي ته سمجهي نه؟
ٻڌ کان ڪنهن پڇيو، ”خدا ڇا آهي؟“ ته اُن جواب ۾ چيو، ته هڪڙو ستارن جو علم رکندڙ شخص اُڀ کي ڏسندي ڏسندي کوهه ۾ وڃي ڪريو. ماڻهن جڏهن پڇيس ته کوهه ۾ ڪيئن ڪرين ته چيائين زمين ماپڻ کان اڳ هليو هيس اُڀ ڪڇڻ. اِها ڳالهه قاضي قادن به پنهنجي شعر ۾ چئي آهي.
ڪنز قدوري قافيه، پڙهي پروڙين سڀ
ته ڪر منڊي ماڪوڙي، کوه ۾ پئي ڪڇي اُڀ
جيڪو ماڻهو دنيا جي سڀني مذهبن کي نه ٿو پڙهي، اُهو الله، خدا ،گاڊ ۽ ايشور کي نه ٿو سمجهي سگهي.“
سائين ائين چئي خاموش ٿي ويو. ته سڄو ماحول سانت ٿي ويو. ٿوري دير کان پوءِ سائين ڪرسيون ٻاهر اڱڻ تي ڪڍايون. ٻاهر ٿي ويٺاسي ته ڪجهه ماڻهو ٻيا به آيا. سڀني لاءِ چانهه آئي. سائين نون آيلن کان حال احوال وٺڻ شروع ڪيا. اُنهن مان هڪڙي همراه سائين سان نويڪلائي ۾ ڳالهائڻ لاءِ چيو. ٻيو ڪو اسان کي تخليه لاءِ چئي، ان کان اڳ بشير شاهاڻي مون کي اٿڻ جو اشارو ڪيو. اسان ٻاهر نڪري وياسي. سن جي گهٽين مان گهمي ڦري موٽياسي ته سائين، بشير کان پڇيو:
”بابا! جميعت طلبا جي ڪنهن شاگرد کان، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪن ڇوڪرن ڦــر ڪئي آهي ڇا؟“
”خبر ڪونهي،“ بشير وراڻيو.
”اِها جلدي خبر وٺ ۽ پوءِ جلدي تدارڪ ڪري، اِنهن کي فيڊريشن مان ڪڍي ڇڏيو. خدا جو ڪو غضب ڪِـرين. مون کي علڻ خان ٿيٻي به لسٽ ڏني آهي. اُها لسٽ ڏسي، تحقيق ڪري اُنهن کي به ٻي ميٽنگ ۾ ڪڍي ڇڏيو.“
بشير شاهاڻي اُن همراه کان نالو پڇيو، جنهن دانهيو هيو ته ٻڌايائين:
”محمد خان پٺاڻ!“
”چڱو مان هاڻي حويلي ڏانهن وڃان ٿو، وري رات جو ملنداسي.“
سائين سڀن کان موڪلائي هليو ويو.
اسان ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪتاسين ته جيئن ڪا هوا جهٽيون. ٻاهر به هوا گرم پئي لڳي. پر منهنجي من ۾ ٿڌڪار هئي، هڪ اهڙي عظيم هستي سان ملندي دل ٺري پئي هئي، جنهن جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه هُلايل هيو. ته سيد سنڌ جي شاگردن کي کاري خراب ڪيو آهي. پر حقيقت اها هئي ته هو اُنهن کي سڌارڻ لاءِ ڪوشان هيو ته سنڌ جو مستقبل سپورنج ۽ ساڃاهه وند جوانن جي هٿن ۾ اچي. پر ڪجهه شاگردن سندس رقيق القلبي مان ناجائز فائدو ورتو هو يا وري سائين جي مسلسل نظر بندي جي ڪري مٿائن نظرداري نه پئي ٿي سگهي.
رات جو جڏهن سيد سان ملاقات ٿي ته اُن وقت گلم تي ويٺي هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ تاريخ طبري پئي پڙهيائين. اسان کي ڏسي چيائين، ”ڪيڏانهن ويا هيئه؟“
بشير وراڻيو ، ”چڪر تي!“
”مان اوهان جو انتظار پئي ڪيو، جو منهنجي ماني کائڻ جو وقت ٿي ويو آهي. ڇوڪرا ماني آڻ.“
سائين اتي بيٺل هڪ ڇوڪري کي چيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڇوڪرو کير، چانور ، دال ۽ انب کڻي آيو. ماني کائڻ وقت اُهي ٻئي همراه هڻ کڻ به موجود هيا. جن اجايا سجايا سماچار پئي سڻايا. سائين ڪن کي اڻ ٻڌو ۽ ڪن کي ٻڌو پئي ڪيو. جن کي ٻڌو پئي ڪيو، اُن تي ڪاوڙ وچان پئي چيائين:
”خدا جو ڪو غضب پوين“
ماني کائڻ کان پوءِ ، بشير شاهاڻي ۽ مون ڏانهن منهن ڪري چيائين:
” ٻِيو ڪو علمي حوالي سان سوال يا مونجهارو هجي ته پڇو؟“
مون کي ڄڻ وارو ملي ويو:
” سائين، ڇا شاه عبداللطيف ڀٽائي شري ڪرشن کان متاثر هيو؟“
”ڪيئن نه متاثر هوندو. هيڏو سارو گيتا جو گيان شري ڪرشن ڏنو آهي. هندو ڌرم ۾ گيتا جي وڏي اهميت آهي.“
مون چيو، ”سائين شري ڪرشن ته ڇل ڪپٽ جو ماهر هيو، مها ڀارت ۾ جڏهن ڌريوڌن زخمي حالت ۾ هيو ته هن ڪرشن کي چيو، ته ’اڙي ڪنس داس جا پتر! ڇا تو ۾ ذرو به شرم ڪونهي. تنهنجي چوڻ تي مون ڀيم کي اڌرم ۽ انيتي سان ماريو. هن سنگرام کي ڌرم يد ڄاڻي گهڻا ئي راجا هن ۾ شريڪ ٿيا. پر اُهي اڌرم ۽ دغابازي سان ماريا ويا آهن .... ڇا توهان کان وڌيڪ مها پاپي، نٺر ۽ نرلڄو به ڪو ٿي سگهي ٿو؟‘
ڪرشن چيو، ’مترو! هن دشمن جي وڦلڻ تي ڪو ڌيان نه ڏيو. دروڻ ۽ ڪرڻ ڏاڍا پراڪرمي وير هئا. سڌي سنواٽي نموني جيتڻ ناممڪن هو. اُن لاءِ ڪا نه ڪا رمز رکي کين ماريو ويو. پنهنجي بچاءَ لاءِ ڌرم، نيتي جي رکيا لاءِ ڇل ڪپٽ ڪرڻ ۾ ڪو وهم ڪونهي.‘ ۽ ٻيو ته هن سنڌ جي راجا جئدرٿ کي به چوڏهين ڏينهن تي ڇل ڪپٽ سان ماريو هو.“
”تون اهو ڪٿان پڙهيو؟“ سائين سوال ڪيو.
مون وراڻيو: ”شري مها ڀارت، لوڪ رام پيسو مل ڏوڏيجا جو ڪتاب.“
”اڇا، گهڻو ڪري ته اهو 1967ع جو ڇپيل آهي!؟“ سائين سوچيندي چيو .
”جي سائين!“
”تو نالو ڇا ٻڌايو پنهنجو؟“
”منظور حسين“، مون جواب ڏنو.
سائين سمجهائيندي چيو،” منظور...! توهان هن زماني جي اخلاقيات کي اُن زماني جي اخلاقيات سان ڇو ٿا ڀيٽيو؟ جي اوهان ڀيٽيندءُ ته پوءِ دنيا جي مڙني شخصيتن جا اخلاقي قدر اڄوڪي اخلاقي قدرن سان نه ٺهڪندا. ان ڪري ڪنهن به شخصيت کي اُن زماني جي اخلاقي قدرن جي تحت ڏسو .... تو گيتا پڙهي آهي؟“
”پڙهي آهي!“
”ڪيئن لڳي؟“
”روحانيت جا سڀ مارڳ بيان ٿيل اٿس، جن ۾ گيان، ڌيان، يوگ ڪرم ۽ ڀڳتي بابت زور ڏنل آهي.“
”ان جو مطلب ته تو گيتا به پڙهي آهي. لطيف به سر رامڪلي ۾ جڏهن پورب جو ذڪر ڪري ٿو ته شري ڪرشن جي ڏنل گيتا واري فلاسافيءَ طرف اشارو ڪري ٿو.
پوڄا ڪرم پاڻ کي، پل پوڄا کان پاڻ
لاهوتي لطيف چئي، سڌ نه کڻن ساڻ
تعلق ڇڏڻ تڪيا، ايءُ آديسين اهڃاڻ
ڄاڻي ڇڏي ڄاڻ، پريا پورب پنڌ ڏي“
اِهو پورب پنڌ دوراڪا جي طرف هوندو هيو.
يا ٻيو به شعر به اُنهن نانگن فقيرن جي حوالي سان آهي. جيڪي شري ڪرشن جي شهر دوراڪا کي پنهنجو مرڪز ۽ منزل سمجهندا هيا.
ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نيهن جي
سُک نه ستا ڪڏهن، لاهي لانگوٽي
جهڙا آئيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي
تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
ڇوڪرا، تو منهنجو ڪتاب ’پيغام لطيف‘ پڙهيو آهي؟“
”جي سائين!“ مون وراڻيو.
”ڇا سمجهيو ٿي؟“
”توهان لطيف کي هڪ نئين رخ يعني قومي شاعر جي حوالي سان پيش ڪيو آهي.“
”پوءِ ان ۾ ڪامياب ويو آهيان يا نه؟“
”بالڪل اوهان شاهه جي بيتن جي حوالي سان ثابت ڪيو آهي ته شاهه قومي شاعر آهي.“
”خدا جو شڪر آهي ... ٻيو ڪو سوال؟“
مون وري ٻيو سوال ڪيو،
”سائين شاه عبداللطيف جو آئيڊيل يا مرشد ڪير هيو؟“
سائين جي ايم سيد ٻڌايو:
”حضرت علي...! شاهه صاحب اهل تشيح صوفي هيو. پر اِهو ذهن ۾ رکو ته اڄوڪن شيعن جهڙو نه هيو. صوفي لاڪوفي هيو. سر رامڪليءَ ۾ جنهن انداز ۾ تعريف ۽ توصيف ڪري ٿو. جن ۾ ويراڳي، نانگا، جوڳي، بيکاري، آديسي، ڪاپڙي، سامي وغيره اچي وڃن ٿا. پر جڏهن حضرت عليءَ جي ڳالهه ڪري ٿو ته اُن کي پنهنجو رهبر سمجهي ٿو:
” نانگا نانيءَ هليا، هنگلا جان هلي
ديکي تن دوارڪا، مهيسن ملهي
آڳهه جن علي، آءٌ نه جئندي ان ري“
يا
”گذر گئي گذران ڪين قبولج ڪاپڙي
عليءَ جو ميدان سڳر سنياسين کي.“
يا وري
”عليءَ جي ميدان ۾ ويٺا ڌوڻ ڌُڻي
ترڪ ڪيائون تڪيا، پريون پنڌ سڻي
ڪندي ڪوه ڌڻي، طعنا ڏيئي تن کي.“
ٻيو ته شاهه عبدالطيف محرم ۾ ڪارا ڪپڙا پهريندو هيو ۽ سر ڪيڏارو ڪربلا جي واقعي جي حوالي سان ڄڻ سنڌيءَ ۾ لکيل عظيم نوحو آهي. هاڻي توهان ڀلي وڃي آرام ڪيو!“
اسان اٿياسين ته سائين وري چيو:
”منظور توسان ملي خوشي ٿي. بشير هن کي ميمبر ضرور ڪجانءِ!“
”ها سائين ها“، بشير زور سان وراڻيو، ۽ پوءِ آهستگي سان چيائين، ”مان ته ڏاڍو زور ٿو ڀريانس، پر حرامي ٿي ئي نه ٿو. پر هاڻي ميمبر ضرور ڪندومانس.“
بشير ۽ مان اُتان نڪري اوطاق جي اڱڻ تي جڏهن کٽن تي آياسين ته مون وٽ “سن جي سائين“ لاءِ مجموعي طور تي اهو تاثر جڙيو ته لاشڪ سائين جي ايم سيد هڪ عظيم علمي درسگاهه آهي. جنهن جي قدر ۽ قيمت جو اسان کي اڃا احساس ڪونهي. تڏهن ته ڪيترائي هن عظيم درسگاهه جي حاضري ڀريندي به ڪجهه ناهن سکيا. بقول ڀٽ ڌڻيءَ جي:
محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا
چڙيءَ جي چنهج جيان، لڏيائون لئا
حباب ئي هئا، انهيءُ وادي وچ ۾.
12/01/2020
شخصيت
سنڌ جو دورساز قومي سرواڻ: سائين جي ايم سيد
بخشل ٿلهو
“ڇو ادا، اسانجي ليڊر اوهانجي منهن ۾ ......آهي ڇا جو سڄي جهان تي لکو ٿا پر سائين تي نه ٿا لکو” سائين بشير شاهه جا لفظ اندر ۾ کُپي ويا. ڳالهه برحق هُئي، سو مون به ٿڏي تي واعدو ڪيو. حقيقت اها آهي ته سائين تي لِکڻ جو ارادو به عرصي کان هو پر جڏهن به ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪئي ته اردو جو محاورو ٿي ياد آيو ته “ڇوٽا مُنه بڙي بات” ۽ ڇو نه اچي. اسانجي سڄي ڄمار کان تهان گهڻو سائين جو سياسي تجربو ۽ اڻ توريو پورهيو هيو. سائين کي ۽ سائين بابت پڙهيو ۽ ٻُڌو به گهڻو آهي پر جڏهن هي مضمون لکڻ جي نيت ڪيم ته لڳو اڃا گهڻو پڙهڻ ۽ ٻُڌڻ جي ضرورت آهي. ڪو وقت ايندو جڏهن محقق سيد تي پي ايڇ ڊيز ڪندا پر هاڻي جو مامرو اِهو آهي ته جنهن ملڪ ۾ ان جي باني تي پي ايڇ ڊي کي ننديو (discourage) وڃي، اُتي جي ايم سيد جهڙن “غدارن” تي ڪير ڪم ڪندو يا ڪرڻ ڏيندو. بهرحال سائين جي ايم سيد جي 117 هين سالگرهه جي موقعي تي سنڌ جي سياسي شعور جي خدمت ۾ هي ونڊ شل قبول پئي”
زماني ڪارگُذاري ۽ اهم واقعا
1904 جنم
پنهنجي تعلقي جي اسڪول بورڊ جو چيئرمين بڻجڻ1919
1921 گانڌي سان ملاقات ۽ هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو
1928 ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ڪراچي جو صدر، ڳوٺ سُڌار سماج سُڌار تحريڪ، سنڌ جي بمبئي کان آزادي جي تحريڪ ۾ ڪردار
1930 ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد ۽ اُن جو سيڪريٽري ٿيڻ
1931 سنڌ پيپلز پارٽي (سنڌ سطح جي پارٽي) جو بنياد
1936 سنڌ اتحاد پارٽي جي جوڙجڪ
1937 سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊجي اچڻ
1938 مسلم ليگ ۾ شموليت. جناح سان ملاقات ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ جي تشهير
1940 تعليم جو وزير ٿيڻ ۽ تعليمي سُڌارا آڻڻ
1943 مسلم ليگ سنڌ جو صدر ٿيڻ
1943 (20 مارچ) پير پاڳاري سيد صبغت الله شاهه راشدي کي ڦاسي
1943 (14 مئي) الله بخش سومرو جي شڪارپور شهر ٻاهران شهادت
1946مسلم ليگ کان عليحدگي (پروگريسو مسلم ليگ جو قيام)
1948 خان عبدلغفار جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان عوامي پارٽي
1954 سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين
1955 نعپ جي قيام ۾ ڪردار
1955 اينٽي ون يونٽ محاذ تان سرگرمي
1966 بزِم صوفيائه سنڌ جو قيام
1969 سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ (متحده محاذ)جي جوڙجڪ
1972 جيئي سنڌ محاذ جو بنياد ۽ نظربندي
1987 خان غفار کان مزاج پُرسي لاءِ هندستان روانگي، سنڌ جو سياسي دورو ۽ گرفتاري
1988 سنڌ قومي اتحاد جو ٺهڻ
1989 گرفتاري
1992 ڪراچي نشتر پارڪ وارو جلسو ۽ نظربندي
1995 نظربندي دوران ئي وفات
سُتي سيج هياس، مونکي آهه اُٿاريو:
13 اپريل 1919 تي امرتسر جي جليان والا باغ ۾ هڪ پُرامن جلسي تي جنرل ڊائر گوليون هلائي 389 ماڻهو شهيد ۽ 1200 ماڻهو زخمي ڪيا. ان واقعي سن شهر جي سورنهن سالن جي هڪ حساس ٻار جي روح کي به رهنڊي زخمي ڪري ڇڏيو هو. خلافت تحريڪ جا به اثر هيا، ايئن 7-8-9 فيبروري 1920 ڌاري اُهو ٻار لاڙڪاڻي ۾ سڏايل ٽن ڏينهن واري “خلافت ڪانفرنس” ۾ شريڪ ٿئي ٿو ۽ مولانا ابوڪلام آزاد جهڙن جوشيلي مقررن کان متاثر ٿئي ٿو (1). غلام مرتضي شاهه نالي ان ٻار کي اڄ اسان جي ايم سيد طور سڃاڻون ٿا. لاڙڪاڻي کان واپس اچي جي ايم سيد تَرَ جي خلافت ڪاميٽي سان رابطي ۾ اچي ٿو ۽ پنهنجي شهر ۾ پهرين خلافت ڪانفرنس سڏائڻ جو اعلان ڪري ٿو، جيڪا 17 مارچ 1920 ڌاري حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي صدارت ۾ سن اندر ٿي گذري ٿي. سيد سائين جون خانداني زمينون “ڪورٽس آف وارڊس” جي قانون هيٺ سرڪار جي ضابطي ۾ هيون ۽ اُتان گذر سفر لاءِ ڪجهه معاوضو به ملندو هو. تنهنڪري گوري سرڪار، جي ايم سيد کي هلندڙ تحريڪ کان الڳ ٿيڻ جو چيو. پر سيد ٺُپ جواب ڏئي ڇڏيو. ايئن نوجوانيءَ واري اصول پسندي (جيٺي سپاهيملاڻي جي لفظن ۾ ڪٿي ڪٿي ضديپڻو) پڇاڙي تائين سائين جي شخصيت جي خاصيت رهي. سيد سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ کي پنهنجو مقصد بڻائي عملي سياست ۾ جيڪو پير پاتو سو وري ڪڏهن کنيو ڪونه.
جڏهن ڪر ٿيام، ساڃاه سپرين جي.
تڏهن کان تِر جيترو، ويل نه وسريام.
اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون ڪري.
اها سڄڻ ۽ سپرين سنڌ هُئي. ۽ سيد سنڌ کي سياسي اصول سان هڪ ڪري سنڌ کي سياسي وجود بڻايو. ايئن جي ايم سيد قومپرست سياست جو سڀ کان سگهارو نانءُ ٿي سامهون آيو. جڏهن جڏهن به سنڌ مٿان قهر ٽُٽو ۽ سازشي هوائين جو زور وڌيو تڏهن تڏهن سيد ئي لڪي جي پهاڙن ۽ خليفي نبي بخش جي سٽن “ويا اُڏامي ڪک، پِڙ تان پهڻ نه چُري” جيان اڏول بيٺو رهيو. جڏهن جڏهن سنڌ تي ڏکيو وقت آيو تڏهن تڏهن سيد ئي پنهنجو سينو سهايو. سيد جي اوٽ ۾ ئي ڏاڍا ڏريا پئي. ون يونٽ جي پنجوڙ ۾ جڏهن سنڌ کي ڦاسايو ويو ته اُن خلاف رشيد ڀٽي جهڙا نوجوان کُهڙن کانوٺي قاضين تائين سمورن سينئر سياستدانن ڏانهن ڀڳا پر “ڀڳو آءُ نه چوان” جي سٽ تي سيد ئي پورو لٿو ٿي.بيٺڪي دور ۽ ان کانپوءِ جي ڪاموراشاهي هميشه هُن کي (اڪثريت ۽ حق هوندي به) حڪومت کان ٻاهر رکڻ کي ئي پنهنجو ڪم سمجهندي رهي. هُو ئي هو جنهن سڄي ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان اڳ پاڪستان لاءِ قرارداد منظور ڪرائي ۽ هن کي غدار قرار ڏئي ڪري 28 سال قيد ۽ بند ۾ رکيو ويو. هو شايد دنيا جي تاريخ جو واحد غدار آهي جيڪو پاڻ مٿان الزامن جي پاڻ تصديق ڪرڻ ۽ پنهنجي سزا ٻُڌڻ لاءِ پاڻ کڻائي منصفن وٽ پُهچندو هو ۽ بورجوا انصاف کان ڳري هن سادي سچي منش کي ڪٽهڙي ۾ ڏسي، منصف پنهنجي منصب کي ڇڏي ڀڄي ويندا هيا. اهڙن منصفن لاءِ سيد جا به اُهي لفظ هوندا هيا جيڪي اولهه ۾ سچ ۽ سائنس جي پهرين قيدي گيارڊينو برونو وقت جي عدالت کي چيا هُئا “منهنجي سزا ٻڌڻ جي ڊپ کان وڌيڪ شايد تون سزا ٻڌائڻ کان ڊڄين ٿو”.هن وٽ اميد، عزم ۽ حوصلو هيو، هُن جي چيلهه ۾ ڪڏهن ور نه پيو. هن جي صحبت ۾ ته ڪُٻا سڌا ٿيا، محروم ماهر بڻيا ۽ ڏُکيا ڏِک (تخت) ويٺا. هن کي جيترو ڇانگيو ويو، هو تيڏو سائو ٿيندو رهيو. ڇاڪاڻ ته هُن جون پاڙون سندي ڌرتيءَ ۾ گهڻيون گهريون هيون. هو سنڌ جي مٽي ۽ مهڪار جي مجسم صورت ۽ انهن سمورين فڪري ۽ عوامي روايتن جو امين هو جنهن کي سنڌ صدين کان سانڍيو ٿي. هاري ڪاميٽي کانوٺي سنڌ يونيورسٽيءَ جهڙن اداران جي قيام تائين اڻ ڳڻين سماج ۽ قوم دوست حاصلاتن پُٺيان سائين جي ايم سيد جو پورهيو، واضح نظر اچي ٿو. سائين جي کوڙ سارن سياسي فيصلن ۽ ان فيصلن پٺيان نظرياتي بنيادن (2)سان اختلاف جي گنجائش پنهنجي جاءِ تي پر سيد جي ثقافتي ۽ علمي سياسي پورهيي سان شايد ئي ڪو ڏاهو يا رهنما ڪلهو هڻي سگهي. ماڻهو انسان ساز ٿي ڪري ڪمال بڻجي ويا، جي ايم سيد ته دور ساز ماڻهو هو. هُن پاڻ کان گهڻي ننڍي حشو ڪيولراماڻي کان وٺي ڪنهن اڻپڙهيل ڌنار کان سکڻ ۾ ڪڏهن ڪونه ڪيٻيايو. اهو ئي سبب آهي جو هن آخر ساهه تائين نوجوانن کي متاثر پئي ڪيو. اهڙي مڻيا انتهائي گهٽ ماڻهن ۾ هوندي آهي.
نٽشي چيو هو “هر قوم پنج اٺ ماڻهن چوڌاري هڪ انبوهه هوندي آهي” ۽ اسان ڏسون ٿا ته سنڌ هر دور ۾ اهڙا پنج اٺ جُنگ جوان جنميندي آئي آهي. سويت اشتراڪي انقلاب جي اثرن ۽ ٻي مهاڀاري جنگ وارو دور ٽين دنيا جي پورهيتن ۽ قوم دوستن لاءِ نيئن سُڄاڳي وارو دور هو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ واري سنڌ انهن ڏينهن ۾ انيڪ ڪمال ڪردار ڄڻيا جن ۾ صبغت الله شاه، الله بخش سومرو، علامه آءِ آءِ قاضي، عبيدالله سنڌي، سوڀو گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي، حيدر بخش جتوئي، ابراهيم جويو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي ايم سيد ڳڻائڻ جهڙا ماڻهو هيا. عبدلواحد آريسر پنهنجي ڪتاب “جي ايم سيد ” (3) ۾ سائين کي دنيا جي ٻين انقلابين سان گڏ چين جي مائوزي تنگ سان ڀيٽيو آهي. ڀيٽڻ مان مراد ڪنهن کي ننڍو يا وڏو ثابت ڪرڻ نه پر ٻنهي اڳواڻن جي مختلف سياسي سماجي حالتن جو ڇيد ڪرڻ هو. جڏهن ته منهنجي خيال ۾ جي ايم سيد پنهنجي سمجهه ۽ سياست جي حوالي سان وڌيڪ ويجهو چيني قوم ۽ قومپرستيءَ جي “ابي” سن ياتسين سان هو. بعد جي چيني سياست جا سمورا رنگ ۽ اهم ڪردار (جهڙوڪ چيانگ ڪائي شيڪ، مائوزي تنگ، لن پيائو، چواين لائي وغيره) سن ياتسين جي پورهيي جا ئي گونچ هئا، بس ڪميونسٽن جي معاملي ۾ ان ۾ ڪمنٽرن (ڪميونسٽ انٽرنيشنل) جي پيوندڪاريءَ ٿيل هُئي. سن ياتسين ۽ جي ايم سيد ٻنهي جي سياست ويهين صديءَ جي شروعات ۾ شروع ٿئي ٿي ۽ ٻنهي جو بنيادي مقصد پنهنجي قوم کي سامراجي غُلامي منجهان آزاد ڪرڻ هو. ٻئي قومپرست هُئا ۽ ٻئي ڄڻا ان فڪر جي عوامي (نه ڪي جاگيرداراڻي) پاسي جي ترجمان هُئا ۽ ان سبب ڪري پنهنجي دور جي ترقي پسند رجحان سان ويجها رهيا.
عام طور سنڌ جي قومپرست سياست کي ٽن دورن ۾ ورهايو ويندو آهي. هڪ بمبئي کان سنڌ جي عليحدگي وارو دور، ٻيون ون يونٽ جي مخالفت وارو دور ۽ ٽيون ستر ۽ اسي کانپوءِ جو دور جيڪو هڪ حد تائين هلندڙ به آهي. سائين جي ايم سيد منهنجي ڄاڻ موجب اُهو واحد ماڻهو آهي، جنهن جي ڇاپ انهن ٽنهي دورن تي ٿوري گهڻي فرق سان موجود رهي. ڪانگريس کان مسلم ليگ ۽ مسلم ليگ کان جيئي سنڌ جو سفر ۽ تقريبن هڪ صديءَ تائين ڦهليل سندس شخصيت جي تعارف ۽ ڀيٽا سان هڪ مضمون ۾ انصاف ڪرڻ لازمي طور ڏکيو ته ڇا پر هڪ ناممڪن ڪم آهي پر ضروري آهي ته قطعي عقيدت ۽ قطعي رد جي انتهائن کان بچندي (4)، سائين تي عام طور لڳندڙ الزامن ۽ تنقيدن جو تنقيدي جائزو وٺجي. پر اُن کان پهرين ٻه اکر ان سياسي ثقافت بابت جيڪا تنقيد کان ڇرڪي ٿي.
جي ايم سيد سان ناانصافي:
جڏهن سائين جي ايم سيد جي وفات جي خبر پئي، تڏهن آءُ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ جساف جو ميمبر هيس. پوءِ زرعي جي شاگردن جو قافلو ڄام شوري وٽ اڳ کان بيٺل اُن عوام جو حصو ٿي ويو ، جيڪو ڪراچي کان نڪتل پنهنجي محسن ۽ محبوب اڳواڻ جي مڙهه جو انتظار ڪري رهيو هيو ۽ ائين اسان ڄامشوري کان سن تائين سائين سان پنهنجو پهريون ۽ آخري سفر گڏ ڪيوسين. سائين جي موڪلاڻي هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي جڏهن کاٻي ڌر (5) جي سياست هر ڏسا سوڙهي ٿي رهي هئي. سائين جي هوندي ئي جيئي سنڌ مختلف ڌڙن ۾ ورهايل هُئي. سيد انهن سڀ جو تنظيمي نه پر نظرياتي رهنما هُيو. سائين جي موڪلاڻيءَ گهڻن تڻن ڌڙن کي هڪ تنظيم (جسقم) ۾ گڏ ته ڪيو پر عوامي سياست جي لاٿ واري دور ۾ پُراڻين تنظيمي بيمارين ۽ بي راهه روين ڪجهه ئي عرصي ۾ وڃي هڻي هنڌ ڪيو . ڪجهه عرصي کان پوءِ جسمم جي نالي سان هڪ نئون ڌڙو پنهنجي انتهاپسند ۽ نسل پرست ايجنڊا سان اڳيان آيو ۽ باقي جسقم به ٿورو اڳيان هلي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي نون ڌڙن ۾ ورهائجي وئي. جسمم جي پُرتُشدد سياست کي بنياد بڻائي رياست تهان وڌيڪ تشدد ۽ ڏهڪاءُ پيدا ڪري، خاص طور قومي مزاحمتي سياست کي تقريبن ٻن ڏهاڪن لاءِ مذمتي بيان ڏيڻ جهڙو به نه ڇڏيو. توڻي جو ابراهيم جويي کان وٺي عرفان مهدي تائين سيد انيڪ نسلن جي فڪري ۽سياسي آبياري ڪئي ۽ جن موٽ ۾ پنهنجي محنت سان سنڌ کي ساڃاهه ۽ سيد کي مان پِڻ ڏنو پر ان سڀ باوجود مان سمجهان ٿو سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ شايد ئي ڪنهن سياسي اڳواڻ سان سندس چاهيندڙن جي اڪثريت ايتري ناانصافي ڪئي هجي جيتري جي ايم سيد سان ٿي آهي. جنهن شخص جي دوا ۽ دعا بقول ابراهيم جويو امن جي جهجائي، اندر اُجار ۽ آزادي جي عنصرن تي آڌاريل هجي، جيڪو اڳواڻ پنهنجي قومپرست سياسي فڪر کي ڀل يوٽوپيائي پر “امنِ عالم، اتحادِ انساني، ترقيءَ بني آدم” جهڙن اصطلاحن ۾ اظهاري، جيڪو پاڻ کي مارڻ لاءِ ايندڙ ماڻهو (گلستان خان) کي به معاف ڪري ڇڏي، تنهن عدم تشدد جي داعي اڳواڻ جي نالي ۾ تشدد جي تبليغ ۽ ترويج کان ٻيو وڏو قهر ڪهڙو ٿي سگهي ٿو (6). هر وڏو اڳواڻ نه صرف تنظيم، انقلابي فڪر پر انقلابي ثقافت جو به سرجڻهار هوندو آهي ۽ ايئن سيد به هميشه صالح ڪارڪن ٿيڻ لاءِ صلاحيو پر ٻي دور ۾ڪارڪنن جي گهڻائي جي صلاحيت اها رهي ته لفظ “صالح ۽ ڪامريڊ” پنهنجي پوئين معني به وڃائي ويٺا. جڏهن 50 کان وڌيڪ ڪتاب لکندڙ هڪ عالم اڳواڻ جا (گهڻا تڻا) جاهل جانثار علم ۽ ڪتاب دوستي کي طعنو بڻائي ڇڏين ، تڏهن اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته سيد کي تنقيد جي ٽياس تي ٽنگڻ ۾ نه ته ٽنگرائڻ ۾ ، سيد جا پيروڪار ۽ ڏنگا ٻار شايد رياست کي به کُٽائي ويٺا. اهو سچ آهي ته (ڪجهه اهم مامرن کي ڇڏي ڪري، جنهن جو ذڪر مضمون ۾ هيٺ ايندو) جيڏانهن سنڌ جو مفاد هو تيڏانهن سيد هو. پر عقيدتمندن ان ترتيب کي به ابتو ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته جيڏانهن سيد هوندو اوڏانهن ئي سنڌ جو مفاد هوندو. سياست ۾ عقيدت جي اهڙي انتها ڪنهن رهنما کي جڏهن بُت بڻائي ڇڏيندي آهي ته پوءِ بُت جي قسمت ۾ ڀُرڻ هوندو آهي. اهڙي ريت سيد سان عقيدت ۽ عشق جي نالي ۾ سائين جي نفي سندس حياتي ۾ به ٿيندي رهي ته اڄ تائين به جاري آهي. پنهنجي حياتي ۾ اهڙن ڪارڪنن کي سائين ڄڻ ته چوندو رهيو ته جي اوهين جيئمسٽ آهيو ته پوءِ آءُ جيئمسٽ ناهيان (7).
ننڍي کنڊ جي کاٻي ڌر جي سياست ۽ ثقافت منجهه اڄ به کوڙ سارا رجحان اهڙا آهن جيڪي ساڄي ڌر جيان رجعتي ۽ نقصانڪار آهن. انهن منجهان هڪ آهي پنهنجي تنظيم ۽ اڳواڻ تي تنقيد ڏانهن غير تنقيدي رويو. عام خلق جيڪڏهن پنهنجي تربيت ۽ ڄاڻ جي گهٽتائي کي عقيدت جي عنصر سان ڀري ته اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي پر سياست کي سائنس ۽ معروضي منطق ڪري مڃيندڙ به اها غلطي ورجائين ته چئبو مرض هڏن جي مِک تائين پهتل آهي. حقيقت اها آهي ته هر طبي آپريشن وانگي تنقيد تڪليف ڏيندڙ آهي پر اها ئي سچ ۽ صحت کي سانڍيندي ۽ بچائيندي آهي. اسان تنقيد ڪندڙ ننڍا ماڻهو ٿي سگهون ٿا پر ڇا جي ايم سيد تنقيد کان مٿانهون هو؟ حالت اها آهي ته جي ايم سيد جهڙن وڏن ماڻهن بابت سس پُس ۽ نجي ڪچهرين ۾ گهڻو ڪجهه ڳالهايو وڃي ٿو ۽ ايئن خبر ناهي ته ڪيتريون اهڙيون خبرون به گردش ڪن ٿيون جيڪي جيڪڏهن کُلي ڪري رکجن ته گهڻيون تڻيون بي بنياد حوال ٿي جيڪر هوا ٿي وڃن. پر ايئن ٿئي نه ٿو ۽ سول سوسائٽي جي اخلاقيات، سياسي دائري ۽ سنڌ جي ويهين صديءَ جي هڪ وڏي سياسي ماڻهوءَ کي به مونجهاري جي منڊ ۾ منڊي ڇڏي ٿي. اهو ساڳيو ڪم ڪميونسٽ سياست جي حوالي سان به ٿيو. اسان پاڻ جڏهن پنهنجي تاريخ ۽ غلطين کي غير ضروري وضاحتن ۾ ڍڪڻ شروع ڪيو ته دشمن انهن وضاحتن جي اُکيڙ ڪري اسانجي حاصلاتن مٿان به هٿ ڦيري ڇڏيو. اهڙين حالتن ۾ نٽشي بلڪل صحيح چيو هو ته “ڪنهن به سچ سان ان کان وڏي ناانصافي نه ٿي ٿي سگهي ته ان جو انتهائي غلط دليلن سان دفاع ڪيو وڃي.”
جي ايم سيد جو پنهنجي نقادن ڏانهن رويو:
جي ايم سيد ان معني ۾ به ڪمال ماڻهو هيو ته هُن پاڻ مٿان تنقيد کي هميشه پنهنجي اصلاح لاءِ استعمال ڪيو ، پنهنجي غلطين کي قبول ڪيو ۽ پنهنجي نقادن کي انتهائي احترام ۽ سچائي سان پنهنجي لکڻين ۾ رقم ڪيو. هيٺ ڪجهه مثال سائين جي پنهنجي لکڻين منجهان ڏجن ٿا.
سيد صبغت الله شاهه :
“هتي آئون اھا گفتگو درج ڪرڻ چاھيان ٿو جيڪا منھنجي ۽ پير صاحب جي وچ ۾ ٿي ھئي ، ۽ جيڪا سنڌ جي مشھور ليکڪ مرحوم عثمان ڏيپلائي پنھنجي تاريخي ناول “سانگھڙ ” ۾ شامل ڪئي آھي:
“پير صبغت الله شاھ ثانئَ وٽ سنڌ مسلم ليگ جو روح روان جي ايم سيد وفد وٽ آيو ته “ اوھين مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو.”
پير صاحب مُرڪي چيو “ ڇالاءِ؟”
سيد صاحب چيو “ ھن لاءِ ته 1940ع جي ٺھراءُ موجب وطن آزاد ڪرائجي.”
پير صاحب ٽھڪ ڏئي چيو ، “ مسلم ليگ ۽ وطن آزادي ڪرائيندي؟ شاھ صاحب ! مون ته اوھان کي وڏو سياستدان سمجھيو ھو، پر شايد اوھين سياست جي ابجد مان به واقف نه آھيو.”
سيد صاحب پير صاحب سان بي تڪلف ھو، ھن مُرڪي چيو: “ اوھين شايد مختلف جيلن ۾ رھي ، مختلف سياسي قيدين سان ملي ، سڄي سياست ازبرباد ڪري ويٺا آھيو.!”
اسين سياست جي ازبريءَ جي دعوا ته ڪونه ٿا ڪريون ،پر جيڪا جماعت سڀ ڪجهه انگريزن جي مشوري سان ڪري، جنھن ۾ سمورا سر، خانبھادر ، وڏيرا ۽ سيٺيون ھجن، سان به ڪري آزدي جي دعوا، ته پوءِ ته ڍاڪئون ئي پڪو! ” شاھ صاحب سنجيده ٿي چيو، “ ڏسو! اسين ته اسيمبليءَ ۾ به تُرت پاڪستان جي آزاديءَ جو ٺھراءُ بحال ڪرائينداسين.”
پير صاحب ٽھڪ ڏئي چيو: “ بس ! اوھان ٺھراءُ بحال ڪرايو ۽ انگريزن اوھان کي آزادي ڏيئي ڇڏي! شاھ صاحب ، ياد رکو! انگريز اول ته پاڪستان ڏيندا ئي ڪونه پر جي ھندو ٺاھ تي نه آيا ته ڪجهه ڏنائون کڻي ته اھو پاڪستان اھڙو وڍيل ۽ چچريل ھوندو، جنھن جي واڳ ڪيترائي ورھيه ته وري به انگريزن جي ھٿ ۾ ھوندي.”
سيد صاحب ٿورو جوش ۾ اچي چيو: “ اسان ھنن ( انگريزن) کي پنھنجي آزاد وطن ۾ ڪو به دخل ڏيڻ نه ڏينداسون.”
پير صاحب ٽھڪ ڏيئي چيو، “ ۽ اوھين ھوندئو ڪٿي ؟ شاھ صاحب! ڀُليل آھيو وڙھڻ لاءِ اوھين ھوندوء ۽ فتح وقت واڳون انھن جي ھٿ ۾ ھونديون ، جي انگريزن جا ازلي غلام ھوندا. اوھان کي کير جي مک وانگر ڪڍي ڦٽو ڪيو ويندو. بلڪ شڪ ناھي جو جيل ۾ به رکيا وڃو! جيڪڏھن زندگي آھي ۽ اسان جي پيشنگوئي سچي نڪري ته پوءِ ٻڌائجو ته سياست مان گھڻو ڪير ٿو ڄاڻي اوھين يا اسين.. انشا الله تعالي ، اسين ته “ وطن يا ڪفن ” حاصل ڪنداسون، پر اوھين پيا ڏکين ڏوراپن وارا ڪتاب ڪڍندا.”
شاھ صاحب چپ ٿي ويو ۽ ھو خاموشئَ سان خدا حافظ ڪري پوئتي روانو ٿيو.” ( (1998) حوالو: ناول سانگھڙ، عثمان ڏيپلائي ، ص 93-95)
بحرحال ، پير صاحب جون ڪڙيو ڳالھيون اڪثر اڄ حقيقت ثابت ٿيون آھن. ھو سچو ديش ڀڳت، پڪو سامراج دشمن ۽ مذھبي رواداريءَ جو قائل ٿي چڪو ھو، باقي “ نئين سنڌ ” لاءِ سندس ذھن ۾ جيڪڏھن ڪو خاڪو ھو، ته به اھو ھن اسان تي ظاھر نه ڪيو ھو ۽ نه وري وقت ھن کي ايترو عرصو زنده ڇڏيو جو ھو اڳتي ھلي ظاھر ڪري سگھي ھا، پوءِ به اسان جي نظر ۾ ھن سنڌ تي ڪنھن به قسم جي ڌارين جي بالادستي پسند نه ٿي ڪئي. افسوس آھي جو اڄ سندس جاءِ نشين ۽ وڏو پُٽ پنھنجي پئُ جي صفتن کان عاري نظر اچي ٿو ۽ انگريزن جي جاءِ نشين پنجابي سامراج جي صفن ۾ ويٺو آھي.” (08)
الله بخش سومرو
“تون (جي ايم سيد) سمجهين ٿو ته پاڪستان قائم ٿيڻ سان سنڌ جي سڀني مشڪلاتن، مصيبتن ۽ خرابين جو حل حاصل ٿيندو. اِهو تنهنجو خيال غلط ۽ ملڪي حقيقتن کان پري آهي. اڳتي هلي توکي معلوم ٿيندو ته اسانجي مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي شروعات پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ٿيندي...... هن وقت توکي هندو عامل جي دماغ ۽ هندو سيٺيي جي لوٽ کسوٽ توکي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، پر اڳتي هلي توکي پنجاب جي سول سرونٽ، سولجر ۽ يوپيءَ جي دماغ جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ پتو پوندو ته ملڪ جو ورهاڱو مفيد هو يا مضر”
شهيد الله بخش سومرو جي ايم سيد سان مخاطب ٿيندي. (9)
الله بخش سومري جي شهادت بابت ڳالهائيندي جي ايم سيد پاڻ لکي ٿو “اسان جا مرحوم سان سياسي مسئلن تان ڪافي اختلاف هئا. پر هي سنڌ جو مُحب وطن سياستدان ۽ سچو دوست هئو. پر اسان کيس زندگيءَ ۾ صحيح طرح ڪونه سُڃاتو. (10)
علي محمد راشدي:
“آءُ توکي فقط اِهو چوندس ته جنهن رستي تان تون وڃي رهيو آهين، تون به دلشڪستو ٿي شايد مري وڃين ۽ تنهنجي قبر تي هي قطبو هوندو ته “ هن جڳهه تي اُهو انسان رکيل آهي، جنهن شِر جي ذريعي خير هٿ ڪرڻ گهريو ٿي، جنهن جي ابتدا انقلابي هُئي ته جنهن جي انتها رجعت پسندي هُئي، جنهن جي ملڪ جي مامري ۾ جدوجهدن، چٽائي عيوض گمراهي پيدا ڪئي.”
پير علي محمد راشدي جو جي ايم سيد ڏانهن خط (11)
(جيتوڻيڪ جي ايم سيد سميت سڀ ڄاڻين ٿا ته علي محمد راشدي پاڻ اسٽيٽس ڪو ۽ شر جي نمائيندگي ڪندو رهيو. پر سيد ان جي تنقيد کي به جاءِ ڏئي ٿو)
قصو سائين جي نقاد قربان بگٽي جُو:
جي ايم ڀڳت هڪ اهڙي ڪچهري جو ذڪر ڪري ٿو جنهن ۾ جماعت اسلامي جا ڪجهه ماڻهو سائين سان ملڻ آيا ۽ کين سندس ڪتاب “جيئن ڏٺو آهي مون” تي قربان بُگٽي جو هڪ تنقيدي ڪتاب ڏنو. سائين اهو ڪتاب ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ته ڪنهن ايتري محنت ڪئي آهي جو نه صرف پڙهيو اٿس پر تنقيد به ڪئي اٿس سو پنهنجي ماڻهن کي چئي پنهنجا ٻيا ڪتاب به گهرايائين ۽ اهي جمعيت وارن کي ڏنائين ته ليکڪ جي منهنجي طرفان مهرباني مڃجو ۽ منهنجي طرفان هي تحفو به اڳيان ڪجو.
اهڙا ڪيترائي واقعا ۽ حوالا ڏئي سگهجن ٿا پر انهن جي تفصيل ۾ اڃا وڌيڪ وڃڻ بدران اچو ته سائين مٿان عام طور لڳندڙ ڪجهه اهم الزامن کي (12) وري نئين سِر ۽ مختصر طور جانچيون.
(وڏن خيالن کي سوچيندڙ ماڻهو ئي وڏيون غلطيون ڪندا آهن: مارٽن هيڊيگر)
1. سائين ساداتن کي منظم ڪيو ۽ مسجد منزل گاهه واقعي ۾ ڌر بڻيو:
ماڻهو سياست خلا ۾ يا تجريدن آڌار ناهي ڪندو. هر ماڻهو پنهنجي تاريخي حالتن ۽ سياسي سکيا جي ڏاڪي پٽاندڙ سياست ڪندو آهي. ان معني ۾ جيڪڏهن ڪو جاگيردار طبقي ۽ مذهبي گهراڻي جو سيد ماڻهو پنهنجي شروعاتي ڏينهن ۾ سيدن کي منظم ڪري ٿو ته اها ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي. وڏي ڳالهه اِها هجي ها ته هو ان ئي قسم جي سياست کي جاري رکي ها. جيسيتائين مسجد منزل گاهه وارو واقعو آهي ته اُهو به جي ايم سيد هو جنهن مسلم ليگ جي صوبائي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ مذهبي مامرن کان پاسي رهڻ تي زور ڏنو پر اُهو به جي ايم سيد هو جنهن مسجد منزل گاهه تي وڃي قبضو ڪرايو جڏهن ٻي سموري قيادت يا ته گرفتار ٿي چڪي هُئي يا هيسجي وئي هُئي. سيد پنهنجي پوئين زندگي ۾ پنهنجي ان عمل تي افسوس جو اظهار ڪري ٿو. سيد جي عظمت جا جيڪي بنياد آهن تن ۾ اهم عنصر اهو آهي ته هو پاڻ پنهنجي غلطين جو نقاد هو. بدقسمتي آهي جو سائين جا پوئلڳ سائين منجهان به سکڻ لاءِ تيار ناهن ۽ سيد کي مٿس لڳل انهن سمورن ڏوهن کان به بچائڻ چاهين ٿا. جيڪي سيد پاڻ قبولي به چڪو هُيو. ايوب کُهڙي جي اڳواڻيءَ ۾ مسجد بحال ڪيو تحريڪ درحقيقت الله بخش سومري جي حڪومت کي غير مستحڪم ڪري ختم ڪرڻ لاءِ هُئي. اِهو چوڻ ته سيد مسجد بحال ڪيو تحريڪ سان متفق نه هو پر کيس زوري خط لکي اقتداري سياست ۾ ڦاسايو ويو ۽ هُن سکر اچي ان تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ حيدرآباد جيل ۾ پوءِ نظربند ڪيو ويو (13) هڪ غير ضروري جواز آهي. هڪ پاسي اسان سيد کي ملڪ ۽ ننڍي کنڊ جو وڏو سياستدان چئون ٿا ۽ ٻي پاسي پنهنجي سادگي ۾ کيس ايترو ته ننڍو ڪري ڇڏيون ٿا جو ڪجهه ماڻهو کيس نه صرف استعمال ڪري وڃن ٿا پر ان جي نئين سياست جا نقش به چٽين ٿا. سو اهڙي روش کان بچجي جنهن ۾ سڀ چڱايون الله جي کاتي ۾ سڀ برايون عبدالله جي حصي ۾ اچي وڃن.
2. سائين ٻه قومي نظريي جي سياست ڪئي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪري پاڪستان ٺهرايو:
هي پڻ هڪ اهڙي تنقيد آهي جيڪا سيد پاڻ قبولي ٿو. سائين پنهنجي سياست جي شروعات ڪانگريس کان ڪئي. پر ڪجهه ڪانگريس جي کوٽن ۽ ڪجهه سائين جي غلطين جي نتيجي ۾ سائين مسلم ليگ جو ميمبر بڻيو. صحيح ٿو چئي حسن مجتبي ته خان غفار (سرحد جو گانڌي) وانگي سيد به سنڌ جو گانڌي سڏجي ها، جيڪڏهن هو مسلم ليگ ۾ شموليت نه ڪري ها. جيسيتائين ٻه قومي نظريي کي قبولڻ جو سوال آهي ته ان حوالي سان ٻئي پاسا دليل ملن ٿا. مثال طور هڪ پاسي سائين پاڻ قبولي ٿو ته “پاڪستان جي گُهر مسلمانن جي جُدا قوم هُئڻ جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي”. (14) ٻي پاسي جيئن ابراهيم جويو لکي ٿو ته سيد پاڪستان جي حق ۾ 1940 واري قرارداد کي سامهون رکي ٿيو هو. جويي صاحب مطابق (انهن ڏينهن ۾به) اول کان آخر تائين سيد جي سمجهه، سڀاءُ يا سياست جو مرڪز سنڌ هُئي. ساڳي وقت اهو به سچ ته سيد مسلم ليگ ۾ هوندي به سن ۾ شانتي نڪيتن جهڙو ادارو ٺاهڻ لاءِ سرگرم ٿيو هو ۽ ان ڏس ۾ سندس ڳالهيون ٻولهيون سنڌ جي ٻين اُنهن ٽن اهم ماڻهن (علامه آءِ آءِ قاضي، مولانا عبيدالله سنڌي، شهيد الهه بخش سومرو) سان به ٿيون هيون جيڪي مسلم ليگ مخالف هيا (15). بهرحال سنڌي قوم ۽ مسلمان قوم جي مختلف ۽ متضاد تصورن کي پنهنجي انهن ڏينهن جي سياست ۾ سيد ڪيئن هڪ ڪيو؟ ان سوال ۽ تاريخي منڌل مامري کي مستقبل جي محققن لاءِ ڇڏيندي، جيڪڏهن پاڪستان کي ٻه قومي نظريي جي بنياد تي قبولڻ واري سوال کي ڏسجي ته ان دور جي ڪميونسٽ پارٽي جيڪڏهن اِها غلطي ڪري سگهي ٿي ته پوءِ جي ايم سيد نالي هڪ فرد تي اُها معيار گهڻو ڪانه بيهندي (16). اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪميونسٽ پارٽي پنهنجي ٿيسز کي هڪ سال کان پوءِٰ (1948 جي ڪانگريس) ۾ بدلايو پر سائين کي پنهنجو بدليل نقطه نظر سياسي طور رکڻ ۾ 25 سال ٻيا لڳا.
3. سائين ايم آر ڊي کي ڪفن چور تحريڪ چئي اُن جي مخالفت ڪئي ۽ ضياءُ کي شريف النفس چئي هڪ آمر جي ثنا ڪيائين:
هي هڪ اهڙو مامرو آهي، جنهن کي سائين پاڻ پوئين حياتيءَ ۾ ۽ سندس گهڻا تڻا سلجهيل ساٿي اڄ تائين درست نقطه نظر طور ورجائيندا رهيا آهن. دليل طور ايم آر ڊي جي جاگيردار قيادت ۽ اُن جي تاريخي موقعي پرستي، خود سائين کي ايم آر ڊي جي دعوت نه ڏيڻ، تحريڪ پاران 73 جي آئين (جنهن کي سائين پوءِ سنڌ دشمن قرار ڏنو) جي نفاذ واري مطالبي ۽ رياست کي مظبوط ڪندڙ نظام طور جمهوريت کي اڳيان ڪيو ويندو آهي.
سنڌ جا ئي مفاد، سائين جي سياست جو محور ۽ بنيادي اصول رهيا پر جيئن هر لازميت منجهه اتفاق جي گنجائش هوندي آهي. تيئن ٻه مامرا خاص طور اهڙا آهن جتي منهنجي خيال ۾ سيد جي سرگرمي ۽ سنڌ جامفاد الڳ الڳ هيا. هڪ مسجد منزل گاهه وارو واقعو ٻيو ايم آر ڊي جي مخالفت. سيد به هڪ ماڻهو هو ۽ هر ماڻهو جيان کُٽندو به هو ۽ هُن غلطيون به ڪيون. اهو سچ آهي تحريڪ جي قيادت جاگيردارن جي هٿ ۾ هُئي ۽ انهن پنهنجي قيادت پنهنجي طبقاتي ڪردار پٽاندڙ موقعي پرستي به ڪئي پر ڇا اهو سچ ڪونهي ته سياست امڪانن جي راند هوندي آهي؟ جيڪڏهن سائين ان تحريڪ جي حمايت ڪري ها ته هوند موقعي پرستي جا امڪان گهٽجي وڃن ها ڇو ته ان تحريڪ ۾ پيپلز پارٽي سان گڏ ٻيون به عوامي سياسي قوتون موجود هيون ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته عام ماڻهو به ان تحريڪ ۾ متحرڪ هيو . ان ڏس ۾ پُراڻو مثال اين ايس ايف جو (جيڪو ساڄي ڌر جو جوڙيل شاگرد فرنٽ هو ۽ جيڪو عام شاگردن جي شموليت کانپوءِ کاٻي ڌر جو شاگرد فرنٽ ٿي ويو) ۽ تازو مثال وڪيلن جي تحريڪ جو آهي جنهن کي شروع ته مشرف خلاف ايڪس سروس مين (رٽائرڊ فوجين) ڪيو هو پر عوامي شموليت کانپوءِ ان جو ڪردار عمومي طور تي فوج مخالف بڻجي ويو. مٿين مثالن منجهان اهو نتيجو ڪڍڻ انتهائي غلط هوندو ته انٽرزم جي پاليسي هميشه انقلابي هوندي آهي يا ٻيو اِهو ته جيڪا به تحريڪ يا مزاحمت رياست يا طاقت جي مرڪز خلاف پيدا ٿئي تنهنجون اکيون ٻوٽي، بنا ڪنهن شرط جي حمايت ڪرڻي آهي. (جيڪڏهن ايئن هجي ها ته پوءِ اسان سڀ ڪنهن حڪمران طبقي جي جماعت ۽ طالبان جي حمايت ۾ بيٺا هجون ها) پر مطلب اهو آهي ته هڪ اهڙي تحريڪ جيڪا اسٽيبلشمينٽ مخالف هُجي، جنهن ۾ سنڌ جو عوام، سون جي تعداد ۾ جانين جو نظرانو ڏئي، قربانين جا نوان مثال رقم ڪري رهيو هُجي، تنهن تحريڪ جي قيادت رسمي دعوت نه به ڏي تڏهن به ان تحريڪ جي واضح حمايت (17)، سيد جي قومي، جمهوري، سيڪيولر سياست ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ئي هُئي. عوامي تحريڪون قطع نظر پنهنجي آخري نتيجن جي، پنهنجي عمل ۾ ئي آزادي بخش هونديون آهن. باقي اهو ته سمجهڻ جوڳو آهي ته ڇو ايم آر ڊي جي هلڪڙي ۽ موقعي پرست قيادت، جي ايم سيد جهڙي ڳري ۽ بااصول ماڻهوءَ کي پري رکيو ٿي. آخر سائين جهڙي ڏور نظر ماڻهو ايئن ڇو ڪيو؟ مان سمجهان ٿو ان جا نظرياتي سان گڏ تاريخي ۽ نفسياتي ٻيا به سبب هئا. سائين ته شاهنواز ڀُٽي جو دوست هيو ۽ پهرين پيپلز پارٽي جوڙي ان جو کيس صدر بڻايائين. سائين ته ذوالفقار جي طهرن ۾ به شريڪ ٿيو هو ۽ پوءِ ان جي سياست کي ڀوڳيائين به. آخري مهرباني ذوالفقار ڀُٽي اها ڪئي ته 72 ۾ عبوري آئين جي جوڙجڪ ۽ منظوريءَ ۾ (18) سائين جي اهم ڪردار باوجود،آئين قبول ٿيڻ کانپوءِ سائين کي نظربند ڪيائين. اهڙي ريت توڻي جو سائين کي ڀُٽن جا هٿ سوايا لڳل هئا پر ڀُٽن ۽ جمهوريت جي سوال کي هڪ ڪري ڏسڻ سائين جي غلطي هُئي. اهو سچ آهي ته سائين ۽ ضياءُ جون جيڪي ٻه ٽي مختصر ملاقاتون ٿيون سي سڀ مختلف موقعن تي ضياءُ جي پنهنجي ڪوششن (انيشيئٽو) سان ٿيون (19) نه ته سيد هميشه لنوائيندو ئي رهيو ۽ انهن ملاقاتن ۾ سيد صفا سڌو ۽ کرو ئي رهيو. ٻيو ته ايم آر ڊي جي تحريڪ هلندي ماڻهن ۽ صحافين جو سيد ڏانهن وڃڻ ۽ رهي به پوڻ گهڻو ٿيندو هو ۽ اهڙي ڪنهن نجي ڪچهري ۾ سيد ضيا کي شريف النفس چيو ۽ ان ڳالهه کي کنيو ويو. (20) پر تنهن هوندي به هڪ اهڙي آمر کي (جنهن جو ڪيتو اڄ به اسان لوڙيون ٿا) شريف النفس چوڻ ڪنهن به ريت ٺيڪ نه هو. ڇو ته بقول نٽشي وڏن ماڻهن جا ڪوڙ (يا غلطيون) ننڍن ماڻهن جي سچ کان وڌيڪ اهميت رکندا آهن.
سائين جي ايم سيد کي ڪيئن سمجهجي؟
کوڙ سارا ماڻهو پاڻ کي سيڪيولر سمجهندي، سيدن کان پيا خار کائيندا آهن. پر ڇا اِهو سچ ڪونهي ته سنڌ جي تاريخ جي تارازي ۾ هڪ پاسي ٻيا سڀ ڪردار پر ٻي پاسي جيڪڏهن ٻه سيد ( ڀٽ ڌڻي ۽ جي ايم سيد) رکجن ته اُهو پُڙ وڌيڪ ڳرو هوندو. ٿي سگهي ٿو ڪنهن حقيقت پسند کي اها ڳالهه ٺيڪ نه لڳي پر ان ڳالهه ۾ ڪو شڪو ڪونهي ته سائين جي ايم سيد اسان سڀ جي مڙني تجزين يا راين کان تهان وڏو ماڻهو آهي ۽ شايد ويجهي متسقبل ۾ رهي به. سائين بابت هڪ ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بلڪل ٺيڪ چيو هو ته “ جي ايم سيد کي پوري طرح پروڻ ۾ شايد وقت لڳندو. اڃا اسان مخالفت ۽ مزاحمت (يا قطعي حمايت) واري ماحول ۾ آهيون. شايد اسان انصاف نه ڪري سگهون. وقت لڳندو..”
ڪل اور آئينگي نغمون ڪي
کِلتي ڪليان چُنني والي
مجهه سي بهتر ڪهني والي
تم سي بهتر سنني والي. ساحر
ايئن سنڌ جا لافاني ڪردار نئين قدرسازي ۽ نيئن دور ۾ نئين معنيٰ ۽ سونهن سان پيا کڙندا رهندا ۽ ايندڙ نسلن کي پنهنجي اثر ۾ وٺندا, بلڪل ائين جيئن سائين پاڻ قومي ڪردارن جي پنهنجي دور جي حساب سان نئين اُکيڙ ڪري ڪيو. ان لاءِ ضروري آهي ته ڪو ادارو جوڙي سائين جي ايم سيد تي تحقيق ڪئي وڃي. ان ڪم لاءِ بنيادي ۽ ضروري ڪم سائين پاڻ ئي ڪري ويو هو. يعني هو هر ڪم جو ڪاغذ، پنو ۽ چٽ به سنڀالي رکندو هو. اها گُهر سنڌ جي هر سُڄاڻ ماڻهو جي آهي ته اهو سڄو مواد سنڌ جي آرڪائيوز ٿي ظاهر ٿئي. ايئن نه ٿئي ته سائين جو سمورو سهيڙيل مواد به حيدر منزل وانگي هوا ٿي وڃي. سائين جي ايم سيد بابت پنهنجي مضمون کي سنڌ جي هڪ ٻي وڏي نانءُ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي هڪ ليک جي اختتامي لفظن سان ختم ڪيون ٿا ته “اهڙا به ڪي آهن، جيڪي سيد جي غلطين کي معاف ڪري نه سگهيا آهن، جن جو ذڪر هو پنهنجي خلاصين محفلن ۾ وڏي فراخدليءَ سان ڪندو آهي، پر مان ان راءِ جو آهيان ته سيد جو ڏاڻ (contribution) هن جي غلطين کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي. (21)
حوالا ۽ تشريحون
1. خلافت تحريڪ ۽ جي ايم سيد (آزاد قاضي)
2. سياست کي اخلاقيات سان هڪ ڪري سادو ڪرڻ، ستر کان پوءِ جهموريت کي سنڌ جي خلاف ۽ آمريت کي سنڌ جي عليحدگيءَ جي حق ۾ ڏسڻ، قومي ۽ طبقاتي سوالن جي هيڪڙائي بدران انهن کي بنيادي ۽ ثانوي سوال طور ڏسڻ، تنظيمي مامرن کان ڇڄي ڌار بيهڻ، ايم ڪيو ايم ۽ اردو آبادي کي هڪ ڪري ڏسڻ (اها ساڳي غلطي رسول بخش پڻ ڪري ٿو . سيد جيڪڏهن اردو آبادي جي ڪري ايم ڪيو ايم کي به پنهنجو ڪري ٿو ته پليجو وري ايم ڪيو ايم جي ڪري اردو آبادي کي به سنڌ دشمن سمهجي پيو) وغيره
3. جي ايم سيد (عبدالواحد آريسر 1988 ) صفعو نمبر (166)
4. سائين جي حوالي سان خود قومپرست سياست جون ٻه انتهائون ته اسان سامهون اڳ کان ئي آهن. هڪ جيئي سنڌ جي جنهن ۾ سائين تنقيدن کان مٿانهون سنڌ جو هڪ پيغمبر آهي ۽ ٻيو عوامي تحريڪ (خاص طور رسول بخش پليجي) جي جنهن ۾ سائين سنڌ جي ساڃاهه جو سرواڻ نه پر پنهنجي سادگي ۽ روايتي سمجهه سبب سنڌ جي تباهي جو سامان ئي ثابت ٿيو.
5. اڄ جي سياسي لغت، گهڻي تڻي فرانسيسي انقلاب جي سرجيل آهي. لفظن ۽ اصطلاحن جون معنائون ساڳيون نه ٿيون رهن ۽ وقت سِر تبديل به ٿين ٿيون. پر اسان وٽ عام طور تي کاٻي ڌُر منجهان مُراد سوشلسٽ يا ڪميونسٽ سياست ورتي ويندي آهي، اُن جي اُبتڙ اهو اصطلاح، هڪ وسيع معني ۾ هميشه ساڄي ڌُر جي نسبت سان استعمال ٿيندو آهي ۽ پاڻ منجهه ڪميونسٽ، قومپرست، جمهوريت پسند، ٽريڊ يونينسٽ، سُڌارپسند ۽ انقلابين سميت سمورين انهن ڌُرين کي سانڍي ٿو جيڪي جاري وهنوار (اسٽيٽسڪو) تي عوامي ۽ حال تي ماضي بدران مستقبل جي سياسي اک سان تنقيدي ٿين ٿيون ۽ پاڻ پتوڙين ٿيون)
6. انقلابي تنظيمن وٽ تشدد يا عدم تشدد جي چونڊ، حڪمت عملي جو سوال هوندوآهي. پر سنڌ جي قومپرست سياست اندر اهو پاليسي جو سوال بڻجي قطعي عدم تشدد يا قطعي تشدد جي لائين ۾ اظهاربو رهيو آهي.
7. مارڪس جڏهن ڪجهه اهڙن نوجوانن سان مليو جن هيگل کي پڙهڻ کان نابري واري ته مارڪس کين هڪ مشهور جملو چيو هو ته “جي اوهين مارڪسسٽ آهيو ته پوءِ آءُ مارڪسسٽ ناهيان”.
8. سنڌ ڳالھائي ٿي (عدالتي بيان) ص 39 ـ 40
9. ساڳيو.... (ص 62)
10. (ساڳيو . ص 61)
11. (ساڳيو ص 63)
12. سائين جي خوبي چئجي يا خامي پر سائين عام طور تي غالب جي شعر وانگي ته
غالب بُرا نه مان جو واعظ بُرا ڪهي
ايسا ڀي ڪوئي هي ڪه سڀ اڇا ڪهين جسي،
پاڻ مٿان لڳندڙ سچن ڪوڙن الزامن جا جواب يا ترديدون ڪونه ڏيندو هو. توڻي جو رياست سان گڏ قومي مزاحمتي ڪيمپ منجهان به سائين تي تنقيدن ۽ الزامن جون چوپڙيون ۽ ڪتاب ڇپبا رهيا. جوابن ۽ وضاحتن جو ڪم سائين جا ساٿي ڪندا رهيا.
13. سنڌ ڪهاڻي ۽ جي ايم سيد. 2015. ص 71
14. سنڌ ڳالهائي ٿي. ص 53
15. جڏهن ته ڪجهه حوالن مطابق مسلم ليگ ۾ شموليت لاءِ صلاحيندڙ ماڻهو به ٻيو ڪير نه علامه آءِ آءِ قاضي هو
16. توڻي جو رئوف ملڪ جهڙا ڪامريڊ آخر تائين پارٽي جي پاڪستان قبوليت واري لائين کي ئي درست فيصلو ڪري مڃيندا رهيا.
17. ڪجهه پُراڻن قومپرست سياسي ڪارڪنن جو خيال آهي ته سائين جي ايم سيد، ايم آر ڊي جي واضع مخالفت ۽ مزاحمت ڪانه ڪئي، اُن جي اُبتڙ ڪٿي ڪٿي خاموش حمايت ڪئي.
18. خالق جوڻيجو
19. جڏھن جنرل ضياءُ سائين جي ايم سيد سان ملاقات ڪئي (ذوالفقار قادري)
20. ايم آر ڊي تحريڪ، قومپرستن ۾ ڀڃ ڊاهه جو ڪارڻ (علي نواز ٻُٽ)
21. سائين جي ايم سيد: سنڌ جو عظيم اڳواڻ (سوڀو گيانچنداڻي)