12/06/2022
ڪافي شاگرد جيڪي احساس ڪمتري جا شڪار ھوندا آھن، ڪافي ليڪچر سان موٽيوَيٽڊ ٿي ويندا آهن پر اڪثريت تي ليڪچر اثر نه ڪندو آهي. پنھنجي تجربي مطابق آئون پھرين پنھنجي پاڻ کي ڪنھن گيم جو وڏو رانديگر چئي وڏن رانديگرن کي شڪست ڏيڻ جون ڳالھيون ڪندو آھيان پوءِ ڪلاس ۾ چيلنج ڪندو آھيان ته "مون کان ڪير کٽي ڏيکاري! ان کي انعام ڏيندس! آئون چيلنج ٿو ڪريان ته توھان ھڪ به راند نه کٽيندا!" منھنجو ٽارگيٽ اھي ٻار ھوندا آھن جيڪي بلڪل احساسِ ڪمتري جا شڪار ۽ ڪنھن به ڪم ۾ دلچسپي نه رکندڙ ھوندا آھن..
پوءِ راند ڪجھ ڏينھن ھن ريت ھلندي آهي ۽ آئون ھڪ به راند نه کٽي سگھندو آھيان ۽ کيس چوندو آھيان، " واھ! توکان ڪير به نٿو کٽي سگھي، ھيءُ ته گيم آهي پڙھائي ۾ ته توکي ڪير به نه پھچي سگھندو!"
پوءِ پڙھائي ۾ ڪمزور ۽ شرميلو شاگرد پوري ڪلاس لاءِ چيلنج ٿي اڀرندو آهي..
نوراحمد رند (TEFL)