12/12/2025
پيرس (نمائندو خاص)
ڊاڪٽر ضياءُ الدين عرساڻيءَ پيرس جي مشهور لووْغ ميوزيم (Louvre Museum) جو دورو ڪندي عالمي شهرت يافتہ فن پاري مونا ليزا سامهون سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهائي تاريخي لمحو رقم ڪيو.
پيرائتي خبر موجب ڊاڪٽر عرساڻيءَ کي يونيورسٽي آف نانت فرانس ۾ ھڪ آرٽيفشل انٽيليجنس ڪانفرنس منجھ مقالو پڙھڻ لاءِ مدعو ڪيو ويو ھو. ڪانفرنس ۾ شرڪت کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب پيرس اچي لووغ ميوزيم جو دورو ڪيو. جتي ھنن دنيا جي عظيم فن پاري المعروف مونا ليزا سان گڏ سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو ملھائڻ جو فيصلو ڪيو. ان فيصلي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ پيرس ۾ مقيم سندن ڀائٽيي سرواڻ عرساڻي سندس ساٿ ڏنو.
ياد رھي تہ مونا ليزا سان ايڪتا جو ڏينهن ملھائڻ وارو عمل پنھنجي نوعيت جي پھرين ۽ منفرد ثقافتي سرگرمي آھي ۽ سنڌي ثقافت جي ڏھاڙي لاءِ هڪ نئين باب جي شروعات آھي.