Maroof Haider Sayed sannai academy

Maroof Haider Sayed sannai academy

Share

Jo apni pic bhjana jata wo msg kara

14/03/2023

زندگی میں اچھے دوست بھی بنا لینا 🖤 :)

ہر وقت محبت ساتھ نہی دیتی..🙃
💔💔
💥💥
Sayedzada555🇵🇰⚔️

11/03/2023
24/02/2023

My czn Sayed shman Ali Shah Sayed Zahid shahkazmi

14/01/2022

Mola Hussain Farmaya ❤️🙏

14/01/2022

Mola Ali Farman❤️🙏

11/01/2022

*روس جي ڳجهي اداري جي هڪ سربراه تي الزام لڳو ته هو آمريڪا لاء ڪم ڪري رهيو آھي ۽ لکين ڪروڙين ڊالر ڪمائي رهيو آھي، روسي ايجنسين ۾ ٿرٿلو پئجي ويو، وڏي وٺ پڪڙ ۽ جاچ شروع ٿي، پر ڪو ثبوت هٿ نه اچي سگهيو،*
*سروس پوري ڪري جڏھن همراه روس ڇڏي ٻئي ملڪ ۾ وڃي رهيو ته انٽرويو ڏيندي چيائين، مون نه نقشا، نه فهرستون نه، ڳجها راز، آمريڪا حوالي ڪيا،*
*پر مونکي ٽاسڪ اهو مليل هيو ته چونڊي چونڊي اداري اندر نااهل ماڻھو مقرر ڪريان سو مون اهو ڪيو ۽ روس ٽٽي ويو،*
*يقين مڃو، سنڌ جي تعليم سان به ساڳي حالت آھي، چونڊي چونڊي نااهل ماڻھو سنڌ جي تعليم کاتي ۾ مقرر ڪيا ويا، ٻيو ته ٻيو نثار کهڙي جهڙا موالا به سنڌ جي تعليم جا وزير ٿي ويا،*
*(ڪو دور هيو عرفان الله مروت به سنڌ جي تعليم جو وزير هيو)،*
*نتيجو !!!*
*چونڊي چونڊي مقرر ٿيل نااهلن وري پاڻ کان به وڏا نااهل (بيوروڪريٽ) چونڊي چونڊي انتظامي پوسٽن تي مقرر ڪيا، جن وري جيڪي پاليسيون جوڙيون ۽ سنڌ جي تعليم جي جيڪا خدمت ڪئي، دنيا کي ڏندين آڱريون اچي ويون !!!*
*هنن ته تعليمي ميدان ۾ اهي طريقا ۽ قانون متعارف ڪرايا جن کي ڏسي پوري دنيا اڄ ششدر لڳي پئي آھي،*
*رڳو نئين استاد ڀرتي پاليسي ڏسو، ڪيڏي خوبصورت جاندار ۽ قابل رشڪ پاليسي جوڙي اٿن، 33 مارڪن تي پاس، 54 مارڪن تي فيل، اهڙو قابل فخر فيصلو به سنڌ جي تعليمي ماهرن مرتب ڏنو، انکان علاوه جيڪي سندن تعليمي خدمتون آھن تن تي لکڻ لاء سال کپن،*
*اسان اميد ٿا ڪريون ته سنڌ جي تعليم کي زوال جو اهو عروج ڏياري دم پٽيندا، جتان سنڌ جي تعليم وري ڪڏھن به واپس موٽي نه سگهندي...*
*جمن جماليء جي وال تان ڪاپي...*

11/01/2022

26 ڊسمبر 25 هين ورسيءَ جي مناسبت سان
=== قاضيءَ جي قلم سان === 1789
پهرين سنڌي نياڻي جنهن شاھ عبدالطيف ڀٽائي ۽ صوفي ازم تي پي ايڇ ڊي ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي :

ڊاڪٽر درشهوار سيد: سنڌ جي بي بدل نياڻي سندس خانداني سوچ ۽ تربيت جو اندازو اوهان هن مضمون مان لڳائي سگهو ٿا-
ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد، سنڌ جي اُها باوقار، حوصله مند ۽ ساڃاهه – وان نياڻي هئي، جنهن نه رڳو پنهنجي خاندان جو پر سموريءَ سنڌ جو، سنڌ ۾ ۽ سنڌ کان ٻاهر، نالو روشن ڪيو. هُن جو والد محترم سائين جي .ايم.سيد سنڌ جي اُها عزت لائق شخصيت هو، جنهن جو جديد سنڌ ۽ اُن جي جديد قومي شعور جي تعمير ۾ لازوال ڪردار هو. ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد، پنهنجي والد جي تربيت هيٺ رهي، انهن جي سٻاجهائپ ۽ سادگيءَ، سيرت ۽ ڪردار واريءَ بلنديءَ ۽ علم ۽ عمل وارا گڻ حاصل ڪري، سچ پچ پاڻ کي سنڌ جي سرزمين جي هڪ مثالي گڻوان، سٻاجهي ۽ عالم عورت ثابت ڪيو. باوجود خانداني رسمن جي قيد ۾ جڪڙيل سماج جي رڪاوٽ جي، هِن سدوريءَ ۽ سلڇڻي نياڻيءَ، صرف ۽ صرف پنهنجي والد محترم جي محبت، رهبريءَ ۽ ساٿ سان، سنڌ يونيورسٽيءَ کان ڏورانهين انگلنڊ جي سَسيڪس يونيورسٽيءَ تائين جو علمي سفر طئي ڪيو، ۽ وڏيءَ محنت، اورچائيءَ ۽ همت سان پيءُ جي خواهش جو احترام رکندي، سنڌ جي صوفين جي عالمي پيغام “Universal Message of Sufis of Sindh” جهڙي هڪ دلپذير ۽ اعليٰ موضوع جو انتخاب ڪيو، ۽ سالن جي پورهئي ۽ ڏاکڙن، ۽ علمي وسيلن ۽ خود پئسي جي محدوديت جي باوجود، سنڌ جي اُن “پهرينءَ نياڻيءَ هئڻ” جو شرف حاصل ڪيو، جنهن شاهه لطيف جي فڪر عظيم ذريعي سنڌ جي صوفين جي جامع پيغام تي ڊاڪٽريٽ جي مُستَنِد ۽ مُعتبر ڊگري حاصل ڪئي. سنڌ جي هن پُر عزم نياڻيءَ، پنهنجي علم جي تڪميل لاءِ، ڪيڏي نه جاکوڙ ۽ ذهن جي ڪيڏيءَ نه يڪسُوئيءَ ۽ همه گيريت کان ڪم ورتو، مختلف ادارن ۾ داخلا جا ڏکيا مرحلا، استادن ۽ علمي رهبرن (Guides) جي علمي فيض جو استفادو، ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۽ دستاويزن جي تلاش ۽ انهن جو تفصيلي ۽ باريڪ مطالعو، مختلف ٻولين جي ڄاڻ جي حاصلات، ۽ تصوف، ويدانت ۽ يورپ جي Mysticism بابت، مذهبن ۽ فلسفن جي اڀياس، ايم اي، ايم فِل ۽ پي ايڇ ڊي جي علمي ۽ مطالعاتي تقاضائن جو پورائو- اهي ڏکيا ۽ اڻاوا لَڪَ هئا، جيڪي سَنَ جهڙي ڪُنڊائتي ڳوٺڙي ۽ پيراڻي / سَيداڻي گهر جي نياڻيءَ کي نه رڳو لنگهڻا پيا، پر، سنڌيءَ جي مقبول محاوري موجب، “ٽڪر ٽاڪڻا” پيا اُن سڄي سفر ۾ جيڪا رهنمائي سائين جي ايم سيد، پنهنجي نياڻيءَ جي ڪئي، سا سچ پچ ته والدين لاءِ هڪ سبق ۽ هڪ مثال آهي.
جيجي دُرِ شهوار جون لکڻيون پڙهي پختي عزم ۽ ارادي واريءَ نياڻيءَ جي مستقل مزاجيءَ کان متاثر ٿيڻو پوي ٿو، اُتي سندس علم جي راهه ۾ رڪاوٽن جي ڄاڻ پڻ ملي ٿي، ۽ اُتي اسان جي ملڪ جي ادارن، استادن ۽ شاگردن جي ابتر حال جو نقشو به اسان جي اکين آڏو تَريِ اچي ٿو ۽ معلوم ٿئي ٿو ته منزل جي حاصلات لاءِ رڳو جذباتيت ۽ هلڪي نعري بازي ضروري نه آهي، پر اُن لاءِ اولو العزميءَ، ڄاڻ ۽ محنت ۽ خالص محنت جي ضرورت آهي.
مادر علمي سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري، مان 28 نومبر 1972ع تي جِي جِي دُرشهوار پنهنجي والد محترم کي جيڪو خط لکيو هو، اُهو خط پڙهي، محسوس ٿئي ٿو ته اسان جي استادن ۽ شاگردن جو معيار ۽ ذهني سطح اڄ به اُتي ئي بيٺي آهي. خط ۾ لکي ٿي
“انهن نوجوانن جو ذهن ڪڏهن بالغ ٿيندو، ڪجهه چئي نٿو سگهجي، ڪهڙي مُنهن سان هِنن ۾ اميدون رکجن، جيڪي سڄو سالُ ڪلاسن جو مُنهن ڪونه ڏسن، امتحان ۾ استادن کي ريوالوَر ڏيکاري، ڌمڪيون ڏئي، آرام سان ڪاپي ڪري، پوزيشن کڻن ۽ فرسٽ ڪلاس پاس ٿين! پوءِ انهن جي قابليت جو اندازو خود لڳائي سگهون ٿا. اِنهيءَ جي باوجود افعالن جا سٺا هجن ته به چڱو! ..... ٻئي طرف استاد هر حالت ۾ پنهنجا دقيانوسي عقيدا شاگردن تي مڙهڻ جي ڪوشش ۾ آهن! جيڪو نه مڃين، ته ڊگريءَ تان هٿ کڻي- جيئن 14 سالن کان پوءِ مس مس وڃي الانا صاحب کي ڊگري ملي آهي! جن جي نظر ۾ ڌرتيءَ سان محبت ۽ ڌرتيءَ جي ساراهه ڪفر آهي، ۽ ٻئي طرف Virtues (نيڪيون) صرف ۽ صرف مسلمانن جي ميراث آهن، جيڪي ٻئي ڪنهن به مذهب جي پوئلڳن ۾ ٿي نٿيون سگهن! سواءِ سندن گروهه جي ملن جي، ٻيا هنن جي نظر ۾ سڀ ڀٽڪيل آهن! تعليم نه ٿي، هڪُ تماشو ٿيو. اهڙن استادن ۽ شاگردن سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ يا هنن جهڙو ٿيڻو پوي يا چرين جي اسپتالن ۾ اڳ ئي روم رزرو ڪرائي ڇڏجي!”
ڇا، اڄ به ساڳي حالت نه آهي؟ استاد مارون کائين پيا، تعليمي ادارن ۽ هاسٽلن کي چو ديواريون ڏئي جيل خانو بنايو ويو آهي، شاگردن ۽ استادن کان رينجرس ۽ پوليس وارا تلاشي وٺي، پوءِ کين اندر داخل ٿيڻ ڏين ٿا! جتي تعليم جي محافظ رينجرس ۽ پوليس هجي، استاد شاگردن کان ڊڄن ۽ شاگرد پنهنجن هيڻن تي آڪرا ۽ پروان ڏاڍن جا غلام هجن، اُتي تعليم جو معيار ڪيئن بلند ٿيندو! جتي درسگاهن ۾ آزاد سوچ اختيار ڪرڻ جو حق نه هوندو ته ڪَٽَر پڻي استادَ لائق ۽ ذهين شاگردن کي لازمي طرح 14سالن ۾ ڊگريون ڏيندا، ۽ چاپلوس قسم جي شاگردن کي ٻن ٽن سالن اندر ڊگريون ملي وينديون، ۽ پوءِ ڊگرين جي ڀَريُن وارا ڊاڪٽر جيڪو ذهني علاج هِن اٻوجهه ۽ وهمن ۾ ورتل غلام قوم جو ڪندا، اُن جي نتيجي کان باخبر آهيون. اهڙي طرح جِي جِي دُرشهوار علم جي حاصلات لاءِ جڏهن پرڏيهه لاءِ اُسَهِي هئي، ته هن جو مطمع نظر صرف ڊگري نه هو، پر هُن جو مقصد علم جي حاصلات هئي، پوءِ اُهو علم انگلنڊ ۾ ملي يا ايران ۾، آمريڪا ۾ ملي يا انڊيا ۾ - هر هنڌ هُن ڪوشش ڪئي، ۽ پنهنجي وسيع النظر، وسيع القلب ۽ عالم والد کان وک وک تي رهنمائي حاصل ڪئي، ۽ جڏهن علم حاصل ڪري موٽي، ته مان ۽ مريادا سان ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ اچي استاد ٿي. ولايت ۾ تعليم دوران تصوف ۽ شريعتي مذهبن جي مقابلي جهڙي وسيع ۽ گنجلڪ موضوع جي اڀياس لاءِ هِن ذهين، حساس ۽ باصلاحيت نياڻيءَ کي ڪهڙيءَ طرح لائبريريون ڀيٽڻيون پيون، ڪهڙن ڪهڙن استادن جي ليڪچرن ۾ شريڪ ٿيڻو پيو. پر باوجود ان جي سندس ڄاڻ اڻپوري ۽ تشنه رهجي وڃي ٿي، ته سندس ٻاجهارو محسن، عظيم پيءُ هڪ ماهر استاد بنجي، سندس رهنمائي ڪري ٿو ۽ کيس سمجهائي ٿو ته کيس ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهڻ گهرجن. اِن مان سائين جي ايم سيد جي علمي برتريءَ ۽ وسيع مطالعي جي ڄاڻ پوي ٿي ان کانسواءِ به جي جي درشهوار سيد تي گهڻو ڪجھ لکي سگهجي ٿو ڊاڪٽر درشهوار سيد 26 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي اڄ سندس 25 ورسي آهي
ترتيب :قاضي جاويد سنائي
تحرير محمد ابراهيم جويو

11/01/2022

17 Janauary ko Kon aia gha sann

Want your school to be the top-listed School/college in Hyderabad?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Website

Address


Bhittai Town Qasimabad Hyderabad Sindh
Hyderabad
71000