Save Education Save Future

Save Education Save Future This page is esp made for promotion of Education in under-developed areas, and for esp cause to dispense education to those who are involved in child labor

05/01/2019

It's being informed to you that we are again all set to intiate our same campaign with same vigour and verve.
We need your sane efforts to help us doing our best in working on our campaign .

Today I paid a visit to Suffah Public School.oversaw the performance of both teachers and students which really inspired...
19/10/2018

Today I paid a visit to Suffah Public School.
oversaw the performance of both teachers and students which really inspired me most.
I appreciate efforts of those teachers, students and the Operator.

اڄ به گذريل ھفتي وانگر   ڪيمپين کي اڳتي وڌائيندي ٻارن ۾ ڪجھ شيون تقسيم ڪيون.
07/10/2018

اڄ به گذريل ھفتي وانگر ڪيمپين کي اڳتي وڌائيندي ٻارن ۾ ڪجھ شيون تقسيم ڪيون.

ماشاء الله اڄ ھنن ٻارن کي جيڪي اڄ تائين تعليم جھڙي زيور کان اڻ واقف ھئا- اسڪول ۾ علم جھڙي رحمت مان مستفيذ ٿيندي ڏسي ڏاڍ...
05/10/2018

ماشاء الله اڄ ھنن ٻارن کي جيڪي اڄ تائين تعليم جھڙي زيور کان اڻ واقف ھئا- اسڪول ۾ علم جھڙي رحمت مان مستفيذ ٿيندي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي.
اڄ ان ڪلاس ٽيچر جيڪو ھميشه ٻارن جون راھيندو تڪيندو رھندو ھو خوشئ ۾ ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي.
اڄ انھن والدين کي جن ٻارن کي اڄ تائين تعليم کان محروم رکيو- اڄ ٻارن کي اسڪول ڏانهن موڪليندي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي
ان اسڪول کي جيڪو وڏي عرصي کان ويران ۽ غير آباد ھيو- آباد ۽ شاداب ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي.
انشاء الله- اسين ان ئي مستقل مزاجي ۽ عزم وھمٿ سان مھم جي ذریعي ويران اسڪولن کي آباد ڪندا رھنداسين
ٻارن ۾ تعليم جو جذبو ۽ شعور بيدار ڪرڻ لاء جاکوڙيندا رھنداسين
۽ والدين کي اھو ھر وقت يقين ڏياريندا رھنداسين ته "تعليم بچايو مستقبل بچايو".

ھي شھر سڳيون کان ڪجھ مفاصلي تي واقع مشورين جي ڳوٺ جا ٻار آهن -ھي ھڪ اھو ڳوٺ آهي جتي اڄ به تعليم جا پکي اچڻ کان خوف کائ...
02/10/2018

ھي شھر سڳيون کان ڪجھ مفاصلي تي واقع مشورين جي ڳوٺ جا ٻار آهن -ھي ھڪ اھو ڳوٺ آهي جتي اڄ به تعليم جا پکي اچڻ کان خوف کائيندا آهن جنهن ڳوٺ جو اسڪول سالن کان ٻار نه اچڻ جي ڪري ھڪ ويران عمارت جو منظر پيش ڪري رھيو آهي.
اسين ھن ڳوٺ ڏانهن ان خاص مقصد لاء وياسين ته جيئن ھنن ٻارن جي والدين کي اھو يقين ڏياري سگھون ته ھو ھنن گلڙن جھڙن ٻارن کي ھاڻي وڌيڪ تعليم کان پري نه رکن ۽ ھنن کي اسڪول ڏانھن موڪلن ته جيئن اھي به ٻين ٻارن وانگر تعليم پرائي سگهن.
اسين پنهنجي مقصد کي ممڪن بنائڻ لاء- تعليم حاصل ڪرڻ ۽ اسڪول وڃڻ جو شعور اجاگر ڪرڻ لاء ھي ڪجھ شيون ٻارن ۾ تقسيم ڪيون ته جيئن ٻارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو جذبو ۽ ولولو پيدا ٿي سگهي جيڪو اسان جي "تعليم بچايو" مھم جي اھم مقصدن مان ھڪ آھي.

ھي ٻار ھي گلڙا ان بدنصيب باغ جا ڪومايل گل آھن جن تي ڪڏھن به تعليم جھڙي روشني جا ڪرڻا نه پئجي سگھيا آھن.ھي اھي بدنصيب ٻار...
01/10/2018

ھي ٻار ھي گلڙا ان بدنصيب باغ جا ڪومايل گل آھن جن تي ڪڏھن به تعليم جھڙي روشني جا ڪرڻا نه پئجي سگھيا آھن.
ھي اھي بدنصيب ٻار آهن جيڪي اڄ به ھن جديد ايڪويھين صدي جي ٽيڪنالوجي ۽ سائنس سان ڀريل دؤر ۾ به تعليم جھڙي قيمتي زيور کان محروم آهن.
ھي اھي بدنصيب ٻار آھن جن کي انهن جا والدين صرف ۽ صرف انھن جي جھالت جي بقا خاطر اسڪول ۽ تعليم کان محروم رکي رھيا آھن.
ھي اھي بدنصيب ٻار آهن جيڪي ھن جديد دؤر ۾ به صرف پوک گاه گهر جي ڪم ڪار راند روند ۽ بيڪار ڪمن تائين محدود رهي ڪري ھڪ اوائلي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.
ھي ان معلم دنيا جي عظيم ۽ بيمثال استاد حضرت محمد مصطفا صلى الله عليه وسلم جن جا امتي آهن جن جھالت کي جڙن کان ختم ڪري ھڪ اھڙي بھترين تعليم يافته معاشري جو بنياد وڌو جنھن جو اڄ به ڪوئي مثال نظر نٿو اچي.
ڇا توهان ھي سڀ ڪجھ ڏسڻ جي باوجود به ان دھشتگرديء جي خلاف ڪو سنجيدھ قدم نه کڻندؤ
آء توهان کي ٻيھر ان شئي جو عرض ٿو رکان ته مھرباني ڪري مھنجي ھن نيڪ مقصد ۾ مدد ۽ تعاون ڪندا.

30/09/2018

ھي پيج "تعليم بچايو مستقبل بچايو" ھڪ اھم ۽ خاص مقصد تعليم جي فروغ ۽ سربلندي جي لاء بڻايو ويو آھي.
ھن پيج جو خاص ڪم انھن گلڙن جھڙن ٻارن مستقبل جي معمارن کي تعليم جھڙي بھترين زيور سان نوازڻ آھي. جيڪي اسڪول نٿا وڃي سگھن جيڪي ان ڪري اسڪول کان محروم آھن ڇو جو اھي مزدوري ڪرڻ تي مجبور ڪيا وڃن ٿا. جنھن کي والدين تعليم کان محروم ڪيون ويٺا آھن. يا ته اسڪول ۾ سھولتون نه ھجڻ ڪري اھي تعليم کان محروم آھن.
سو اسان جو ڪم ان ٻارن کي تعليم جھڙي روشنيء کان آگاھ ڪرڻ آھي.
آء توھان دوستن کي ان خاص ڪم ۾ مدد لاء نماڻو عرض رکي رھيون آھيان ته جيئن اسان ھڪ تنظيم جي صورت ۾ اھو ڪم سرانجام ڏئي سگھون.
توھان جي مثبت جواب جو بي صبري سان انتظار رھندو.

29/09/2018

This page is made especially for special, great and sacred cause for promoting education and Knowledge to the people.
Our First and formost priorities is to give education to those children who are unable to go to schools because of multiple reasons.
one of the significant reasons is parents' apathy and lack of interest in not leaving their children for schools to get education.
another one is child labor and lack of facilities in schools.
So, We as an educated and humanist, have to raise voice for promotion of Education so as to create a best and prosperous society

Address

Hingorja
P/OBOXHINGORJA

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Save Education Save Future posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category