Government Elementary School Sawan Rajar Umerkot

Government Elementary School Sawan Rajar Umerkot اسان جو اسڪول شاگردن جي تعليمي ۽ اخلاقي تربيت لاءِ پرعزم آهي. جديد تعليم، قدرن، ۽ بهترين سرگرمين سان گڏجي مستقبل لاءِ تياري!

تعليم ڪنهن جي پيءُ جي جاگير نه آهي.کپرو، سنڌ جي پٺتي پيل علائقي سان واسطو رکندڙ هڪ ذهين هندو نوجوان ڀرت ميگھواڙ ميڪينڪل ...
25/07/2025

تعليم ڪنهن جي پيءُ جي جاگير نه آهي.
کپرو، سنڌ جي پٺتي پيل علائقي سان واسطو رکندڙ هڪ ذهين هندو نوجوان ڀرت ميگھواڙ ميڪينڪل انجنيئرنگ ۾ ميرٽ تي مڪمل فنڊڊ اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ کان پوءِ پي ايچ ڊي جي تعليم لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو.
ڪراچي ايئرپورٽ تي پنهنجي ماءُ سان گڏ تصوير ڪڍرائي.

ايليمنٽري اسڪول سانوڻ راڄڙ ۾ معزز استاد صاحبان جي سرپرستي ۾ ڪچي کان اٺين ڪلاس تائين مفت درسي ڪتابن جي ورھاست جو عمل مڪمل...
27/05/2025

ايليمنٽري اسڪول سانوڻ راڄڙ ۾ معزز استاد صاحبان جي سرپرستي ۾ ڪچي کان اٺين ڪلاس تائين مفت درسي ڪتابن جي ورھاست جو عمل مڪمل ڪيو ويو.
اسڪول ۾ شاگردن کي مفت درسي ڪتاب فراهم ڪرڻ جو عمل هڪ سٺو قدم آهي، جيڪو تعليم جي واڌاري لاءِ فائديمند آهي. ان سان غريب ۽ وسيلن کان محروم شاگردن کي به تعليم حاصل ڪرڻ جا برابر موقعا ملن ٿا. هي قدم نه صرف والدين تي مالي بار گهٽ ڪري ٿو، پر شاگردن ۾ پڙهائي جي دلچسپي به وڌائي ٿو.

پڙھندي سنڌ. وڌندي سنڌ

Engr Imran ALi Rajar
Hadi Bux Rajar
Umedaram Menghwar
Nazir AR Rajar
@ GBELS Sawan Rajar @ 6-Deh

01/03/2025

سڀني معزز والدين ۽ اسڪول ۾ پڙھندڙ شاگردن کي ھن نوٽس جي ذريعي آگاھ ٿو ڪجي ته بتاريخ 03/03/2025 بروز سومر کان درجي چوٿين کان اٺين تائين جا سالانہ امتحان ٿي رھيا آھن. تنھنڪري اوھان والدين کي گذارش ٿي ڪجي تہ اوھان پھنجي ٻارن کي اسڪول ۾ حاضر رھڻ جو پابند ڪندا.

شاگردن ۽ والدين لاء اھم اطلاعپيارا شاگرد ۽ معزز والدين،جيئن تہ ساليانہ امتحان 2025، 3 مارچ کان شروع ٿي رھيا آھن. جيڪي شا...
07/02/2025

شاگردن ۽ والدين لاء اھم اطلاع
پيارا شاگرد ۽ معزز والدين،
جيئن تہ ساليانہ امتحان 2025، 3 مارچ کان شروع ٿي رھيا آھن. جيڪي شاگردن جي محنت، ذهني تياري، ۽ سڄو سال سکيل ڄاڻ جو جائزو وٺڻ جو اهم موقعو آهي. امتحان نه صرف تعليمي ڪاميابي جو معيار آهي، پر اهو شاگردن جي مستقبل جي بهتري لاءِ هڪ اهم قدم پڻ آهي.

والدين کان گذارش آهي ته هو پنهنجي ٻارن جي تياري ۾ سندن مدد ڪن، منظم مطالعو ڪرڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪن.
شاگردن لاءِ صلاح آهي ته هو پنهنجو وقت سٺي طرح منظم ڪن، محنت ڪن ۽ اعتماد سان امتحان ڏين.
نيڪ تمنائون
گورنمنٽ ايليمنٽري اسڪول سانوڻ راڄڙ

والدين لاء اهم نوٽيساسڪولن ۾ داخل ٿيل شاگرد جن جي ماءُ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان وظيفو وصول ڪري رهي آهي. اهي شاگرد پ...
09/01/2025

والدين لاء اهم نوٽيس
اسڪولن ۾ داخل ٿيل شاگرد جن جي ماءُ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان وظيفو وصول ڪري رهي آهي. اهي شاگرد پنهنجي اسڪول جي هيڊماستر کان هيٺ ڏنل فارم ڀرائين،صحيح ۽ اسڪول جو ٺپو لڳرائي پنهنجي تعلقي جي بينظير انڪم سپورٽ آفيس ۾ جمع ڪرائين ته جيئن اهي شاگرد ڪتاب، ڪاپي پين ۽ تعليم جي خرچ کي پورو ڪرڻ لاءِ وظيفو حاصل ڪري سگهن. عمر 4 کان 22 سالن تائين.

09/01/2025

ثقافتي ڏهاڙو.. ھو جمالو تي جھمريون..

Address

Haji Sawan

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Government Elementary School Sawan Rajar Umerkot posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category