07/04/2026
.
Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from The Indus Valley Elementary Public School Village Lal Dino Jamali, School, Near Peer Shaakh, Goth Dadu.
07/04/2026
.
2026-27
نئين تعليمي سيشن لاءِ نيڪ تمنائون
پيارا شاگردو!!
نئين تعليمي سيشن جي شروعات تي اوهان سڀني کي دل جي گهراين سان Best of Luck ..
هي نئون سال اوهان لاءِ ڪاميابين، محنت، ۽ سکيا جا نوان موقعا کڻي اچي. هميشه محنت ڪريو، پنهنجي استادن جو احترام ڪريو ۽ پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ همت نه هاريو.
"محنت ڪاميابي جي ڪنجي آهي."
الله پاڪ اوهان کي علم ۾ واڌارو، سٺي صحت ۽ وڏي
ڪاميابي عطا فرمائي.
آمين
28/02/2026
انڊس ويلي ايليمينٽري پبلڪ اسڪول ڳوٺ لال ڏنو جمالي ۾ پڙهندڙ سڀني شاگردن ۽ انهن جي والدين كي اطلاع ٿو ڪجي ته اسڪول جا پڪا امتحان/ جائزو ( Annual Assessment ) ڪلاس ڪچي کان ڪلاس اٺين تائين بتاريخ 5 مارچ 2026 خميس جي ڏينهن كان شروع ٿي رهيا آهن، جنھن لاءِ پنهنجي گلن جهڙن ٻارڙن کي اسڪول روز پابندي سان موڪليندا ۽ امتحان ۾ به سندن حاضري يقيني بڻائيندا ته جيئن توهان جا ٻار امتحان م سٺي ڪارگردگي ڏيكاري سگهن.
پيپرن جو ٽائيم ٽيبل اوهان سان شيئر ڪجي ٿو.
بحڪم: اسڪول انتظاميه انڊس ويلي ايليمينٽري پبلڪ اسڪول ڳوٺ لال ڏنو جمالي
سنڌ جا سمورا تعليمي ادارا پهرئين جنوري (سڀاڻي) کان کلي رهيا آهن سڀني والدين کي گذارش ٿي ڪجي ته پنهنجي گل جھڙن ٻارڙن کي ٽائيم تي اسڪول موڪليندا
مھرباني 🌟🎓📚👍😊
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومت سنڌ جي ھدايتن تي انڊس ويلي ايليمينٽري پبلڪ اسڪول ڳوٺ لال ڏنو جمالي ۾ راندين جو ھفتو ملھايو ويو
15/12/2025
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن حڪومت سنڌ جي سھڪار سان ھلندڙ اسڪول انڊس ويلي ايليمينٽري پبلڪ اسڪول ڳوٺ لال ڏنو جمالي ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن ۾ شاگردن ڀرپور نموني حصو ورتو، جنھن ۾ تلاوت قرآن پاڪ، نعت رسول (ﷺ) ، تقريرون، مزاحيه ٽيبلوز، ڊانس ۽ شاعري پڻ پيش ڪئي وئي.
ٻئي طرف اسڪول جي ٽيم ڪچن امتحانن جي نتيجن جو اعلان ڪري ڪامياب شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام پڻ ورهايا
10/11/2025
Exams have officially begun!
From Class Kachi to Class 8, students are stepping into their examination halls with confidence and determination.
These days are not just about tests they are about learning, effort, and progress.
Each paper is a new chance to prove hard work and dedication.
Teachers and parents have done their part now it’s time for students to shine!
Stay calm, stay focused, and write with a clear mind.
Remember, success comes to those who prepare and believe in themselves.
Let every answer reflect your sincerity and learning.
Best of luck to all students appearing in exams!
May your efforts bring you great results and happiness.
Keep learning, keep growing, and make your school proud!
07/11/2025
انڊس ويلي ايليمينٽري پبلڪ اسڪول ڳوٺ لال ڏنو جمالي ۾ پڙهندڙ سڀني شاگردن ۽ انهن جي والدين كي اطلاع ٿو ڪجي ته اسڪول جا پڪا امتحان ( Mid Term Exams) ڪلاس ڪچي کان ڪلاس اٺين تائين بتاريخ 10 نومبر 2025 سومر جي ڏينهن كان شروع ٿي رهيا آهن، جنھن لاءِ پنهنجي گلن جهڙن ٻارڙن کي اسڪول روز پابندي سان موڪليندا ۽ امتحان ۾ به سندن حاضري يقيني بڻائيندا ته جيئن توهان جا ٻار امتحان م سٺي ڪارگردگي ڏيكاري سگهن.
پيپرن جو ٽائيم ٽيبل اوهان سان شيئر ڪجي ٿو.
بحڪم: اسڪول انتظاميه.
29/07/2025