Shinning Schools Project Ghotki

Shinning Schools Project Ghotki

Share

Schools Assisted by SEF

25/11/2021

جهان کي ڏيو مبارڪون اسين ڪاهيندا پيا اچون!!!!! اڄ بتاريخ 25 نومبر 2021 بوقت 9:30 صبح جو لطيفي سنگت گهوٽڪي جي چيئرمين جناب سفيءُ الله ايف ڪي اسٽار پبلڪ هاِء اسڪول صابل عارباڻي جو وزٽ ڪيو ۽ اتان جي شاگردن کي لطيفي سنگت جو منشور ۽ آئين تفصيل سان سمجهايو. شاگردن ۽ اسڪول انتظاميه جي رضامندي کان پوِء ايف ڪي اسٽار پبلڪ هاِء اسڪول صابل عارباڻي ۾ لطيفي سنگت گهوٽڪي جي شاخ کولي وئي جنهن ۾ 15 عهديدار ۽ 3 رڪن چونڊيا ويا.

29/07/2021

Carrier opportunities

06/06/2021

The revival of physical classroom teaching & learning activities.

Physical classroom teaching & learning activities from classes IX to XII in all Foundation Assisted Schools are hereby resumed with immediate effect with strict compliance of COVID-19 SOPs, notified by the Government of Sindh.

All teaching & non-teaching staff of Foundation Assisted Schools are hereby directed to get vaccinated within (2) two week’s positively.

Moreover, from classes ECE to VIII in all Foundation Assisted Schools, the classroom teaching and
learning activities will remain suspended. The Principals/Head Masters/Head Mistresses of the institutions
will call minimum staff to school premises on rotation basis for managing the home learning activities
through online classes and homework assignments to be given to the students through Microsoft Teams,
WhatsApp/emails or in person on weekly basis which mode is feasible and safe, in order to cover syllabus
with the strict compliance of guidelines vide SEF/PSDU/026/2020 dated 30th November 2020 issued in
pursuance of SE&LD notification NO. SO(A&T)/SE&LD/9(3)/2020 dated 27th November 2020.

Photos from Shinning Schools Project Ghotki's post 03/03/2021

اڄ بتاريخ 3 مارچ 2021 تي شائننگ اسڪولز جي طرفان بي پول جي 6 ٽيمن ۾ مئچز ٿي گذريون. پهرين مئچ جي ايم سيد (فتح پور) ۽ نظر محمد انڍڙ جي وچ ۾ ٿي گذري جنهن مان نظر محمد انڍڙ مئچ کٽي, ٻي مئچ جيوڻ لکڻ ۽ آغو سندراڻي جي ٽيمن ۾ ٿي جنهن مان جيوڻ لکڻ مئچ کٽي ورتي ۽ ٽين مئچ ديش ڀڳت (فتح پور) ۽ نور لکڻ جي وچ ۾ ٿي گذري جنهن مان نور لکڻ مئچ کٽي. ڪواٽر فائنل جيوڻ لکڻ ۽ نظر محمد انڍڙ ۾ کيڏيو ويو جنهن مان جيوڻ لکڻ مئچ کٽي. سيمي فائنل جيوڻ لکڻ ۽ نور لکڻ جي وچ ۾ ٿيو جنهن مان نور لکڻ سيمي فائنل کٽيو. آخر ۾ فائنل فريد لکڻ ۽ نور لکڻ جي وچ ۾ ٿيو جنهن مان نور لکڻ ٽيم کٽي ورتو. آخر ۾ اڄ جي پروگرام جي چيف گيسٽ مير اڪرم خان سندراڻي فائنل کٽيندڙ ٽيم کي 2000 ڪيش انعام ۽ فائنل ٽرافي پيش ڪئي. رنر ٽيم کي 1000 رپيا مير اڪرم خان پيش ڪيا. رنر ٽيم کي ٽرافي پروگرام آفيسر ارشاد علي لکڻ پيش ڪيو. مير اڪرم خان سندراڻي کي اجرڪ تحفو محمد مجاهد ڏنو ۽ سرٽيفيڪيٽ آف ايڪسيلنس پروگرام آفيسر ارشاد علي پيش ڪيو. آخر ۾ سڀني ٽيمن کي رفريشمينٽ پڻ ڪرائي وئي. مبارڪون نور لکڻ (اينگرو) ۽ فريد لکڻ (سيف)..

Photos from Shinning Schools Project Ghotki's post 02/03/2021

اڄ بتاريخ 2 مارچ 2021 تي فتح پور ۾ انٽر اسڪول ٽورنامينٽ جو آغاز ٿيو. پول اي جون 6 ٽيمون راند کيڏيون. پهرين مئچ فريد لکڻ ۽ ڪمال لکڻ جي وچ ۾ کيڏي وئي جيڪا فريد لکڻ کٽي, ٻي مئچ جمال چاچڙ ۽ انوار اسڪول جي وچ ۾ کيڏي وئي جيڪا انوار کٽي ۽ ٽين مئچ جانڻ واسو ۽ نظام الدين جي وچ ۾ کيڏي وئي جيڪا نظام الدين کٽي. پول اي جون ٽي ٽيمون فريد لکڻ, نظام الدين خشڪ ۽ انوار ڪواٽر فائنل ۾ پهتيون. ڪواٽر فائنل نظام الدين ۽ فريد لکڻ جي وچ ۾ کيڏيو ويو جيڪو فريد لکڻ کٽيو. سيمي فائنل جي مئچ انوار ۽ فريد لکڻ جي وچ ۾ کيڏي وئي جيڪا فريد لکڻ کٽي وئي.. فريد لکڻ فائنل لاِء ڪامياب ٿي وئي.. مبارڪون فريد لکڻ جي ٽيم.

Photos from Shinning Schools Project Ghotki's post 19/02/2021

ڪالهه بتاريخ 18 فيبروري 2021 تي شائننگ اسڪولز پروگرام جي ٽن اسڪولن پبلڪ پرائمري اسڪول فريد لکڻ, پبلڪ پرائمري اسڪول نظام الدين خوشڪ ۽ پبلڪ پرائمري اسڪول آغو سندراڻي جي ڪلاس چوٿين جي شاگرد ۾ سائنس جو ڪوئز ڪامپيٽيشن ٿي گذريو.. جنهن ۾ پهرين پوزيشن پبلڪ پرائمري اسڪول نظام الدين خوشڪ ۽ ٻئين پوزيشن پبلڪ پرائمري اسڪول آغو سندراڻي ۽ ٽين پوزيشن پبلڪ پرائمري اسڪول فريد لکڻ ترتيبوار حاصل ڪيون.. هن سرگرمي جو مقصد شاگردن ۾ پڙهڻ جي ويجهڻ, اعتماد ۾ اضافو ڪرڻ, سائنس جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ هيو..
آخر ۾ ٽنهي اسڪولز کي انعامات سان نوازيو ويو..
تمام بهترين محنت سڀني ساٿين جي جنهن هن سرگرمي کي ممڪن بڻايو..

07/10/2020

سڀني والدين حضرات ۽ شاگردن کي اطلاع ڪجي ٿو شاننگ اسڪولز پروگرام گهوٽڪي جي سري هيٺ هلندڙ سڀ اسڪول بدستور کليل رهندا

26/09/2020

شائننگ اسڪولز پروگرام گهوٽڪي طرفان اعلانيل خالي آسامين وري لکت واري ٽيسٽ جيڪا 27 سيپٽمبر تي ٿيڻي هئي سا ملتوي ڪئي وئي آهي. جنهن جي نئين تاريخ ڪجهه وقت ۾ هن پيج جي ذريعي اوهان کي ٻڌائي ويندي.

26/09/2020

محترم والدين حضرات اسلام عليڪم
جيئن ته وزارت تعليم جي مطابق سنڌ ۾ سمورا تعليمي ادارا بروز سومر 28/09/2020 تي کوليا پيا وڃن ۽ تعليمي رونقون بحال پيون ٿين.
اھڙي اعلان موجب شائننگ اسڪولز پروگرام گهوٽڪي جي سري هيٺ هلندڙ اسڪول
1 پبلڪ پرائمري اسڪول جانڻ واسو
2 پبلڪ پرائمري اسڪول رئيس جمال چاچڙ
3 پبلڪ پرائمر اسڪول نظام الدين خوشڪ
4 پبلڪ پرائمري اسڪول ڪمال لکڻ
5 پبلڪ پرائمري اسڪول جيوڻ لکڻ
6 پبلڪ پرائمري اسڪول فريد لکڻ
7 پبلڪ پرائمري سڪول آغو خان سندراڻي
8 پبلڪ ايليمينٽري اسڪول ٻوڙهي
9 پبلڪ ايليمينٽري اسڪول ڄام پور
10 پبلڪ ايليمينٽري اسڪول دلوارو
به مڪمل ايس او پيز تي عمل ڪندي سومر کان باقائدگي سان پنهنجون تعليمي سرگرميون شروع ڪرڻ پيا وڃن.
سڀني معزز والدين کي گذارش ٿي ڪجي ته ھيٺ ڏنل شين جو خيال رکي پنھنجا گلڙن جھڙن ٻارن کي اسڪول اماڻين.
1 سڀئي شاگرد گھران وھنجي ايندا.
2 اسڪول اچڻ وقت رستي ۾ ڪنهن سان ھٿ نه ملائيندا.
3 گھران فيس ماسڪ پائي ايندا.
4 پنهنجي لاء رفريشر ۽ پاڻي گھران کڻي ايندا.
5 جنهن شاگرد کي کنگھ زڪام يا بخار ھجي ته ان کي اسڪول ھرگز نه موڪليندا.
خلاف وزري تي شاگرد کي اسڪول اندر داخل نه ڪيو ويندو.
پاران: شائننگ اسڪولز پروگرام گهوٽڪي
آپريٽر صالح محمد منگي
بتعاون سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (سنڌ حڪومت)

14/09/2020

الفتح پبلڪ هاء اسڪول فتح پور جي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن کي اطلاع ڪجي ٿو ته صرف نائون ۽ ڏهون ڪلاس سڀاڻي کان شروع ٿين پيا۔ اسڪول ٽائمنگ صبح 8 وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين هوندي۔ هر ٻار پاڻ سان پنهنجو ناشتو ۽ ماسڪ ضرور کڻي اچي۔

08/09/2020

عام اطلاع
وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي مطابق نائون, ڏهون, ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز 15 سيپٽمبر کان کوليون وينديون. شائننگ اسڪولز پروگرام گهوٽڪي ( آپريٽر صالح محمد منگي) جي سري هيٺ هلندڙ الفتح پبلڪ هاِء اسڪول فتح پور ۾ پڙهندڙ ڪلاس نائين ۽ ڏهين جي شاگردن کي اطلاع ٿو ڪجي ته اسڪول 15 سيپٽمبر تي کوليو ويندو.
هر شاگرد جو اسڪول دؤران ماسڪ پائي اچڻ ضروري هوندو.
ٻار صبح جو پنهنجو ناشتو پاڻ سان گڏ کڻي اچن.

Want your school to be the top-listed School/college in Ghotki?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Telephone

Website

Address


Street 1
Ghotki