28/07/2016
ضلعي گهوٽڪي جو عوام پڙهيل لکيل ۽ باشعور آهي، هڪ فرد واحد جي ڪيل غلطي سبب ضلعي جو سڪون برباد ڪندڙ شر پسندن کي اسين ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان سمورا ضلعي واسي ظلم ۽ باطل جي ان ديوار اڳيان پهاڙ ٿي بيهنداسين ۽ مذهبي انتهاپسندي جي اهڙن واقعن جي بلڪل اجازت نه ڏينداسين جنهن سان معصوم عوام جو نقصان ٿيندو هجي، هي شاهه جي ڌرتي آهي، سچل جي ڌرتي آهي، سامي جي ڌرتي آهي، اسين صدين کان امن پسند رهيا آهيون ۽ اسان کي پنهنجي تهذيب تي فخر آهي، اسين عهد ڪيون ٿا ته پنهنجي تهذيب جي حفاظت لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪنداسين