05/11/2025
مبارڪون
گورنمينٽ بوائز ايليمينٽري اسڪول عادلپور جي نياڻي تقريري مقابلي ۾ پهرين پوزيشن ماڻي ورتي.
Congratulations to Ayat from GBELS Adilpur on securing first position in the taluka level speech competition organized by the Character Building Society of SELD, as part of their awareness program themed 'Say No To Corruption.' Congratulations are also in order for the teachers of GBELS Adilpur and the students.
23/09/2025
گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول عادلپور ۾، پ.ٽ.الف جي تعلقہ صدر سائين اعجاز احمد چاچڙ سان تالا بند احتجاج دوران ورتل تصوير.
19/09/2025
🌸✨ Heartiest congratulations to our shining star from GBPS Adilpur for securing 2nd position in Naat competition & Batool soomro performed in speech competition confidently at Taluka level on the occasion of Eid Milad-un-Nabi (S.A.W.W). 🌙💫
We are proud of both of the students' achievement and wish them more success ahead! 🎉👏
نعت ۽ تقرير جو مقابلو عيد ميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول، گھوٽڪي ۾ تعلقه ليول تي GOAS ۽ PTA جي انتظام هيٺ منعقد ٿيو.
اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول، عادلپور جي چمڪندڙ تاري آيت دايو نعت جي ڪيٽيگري ۾ ٻيو نمبر حاصل ڪيو.۽ بتول سومرو تقريري مقابلي ۾ بهترين طريقي سان شموليت اختيار ڪئي.
هن شاندار ڪاميابي تي اسان دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ مستقبل لاءِ وڌيڪ ڪاميابين جي اميد رکون ٿا. 🌸✨
16/09/2025
"محفل ميلاد المصطفى ﷺ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول عادلپور ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام سان منعقد ڪئي وئي. هن پرنور محفل ۾ شاگردن ۽ استادن ڀرپور شرڪت ڪئي، جتي نعتون پيش ڪيون ويون ۽ حضور ﷺ جي زندگيءَ جا پيغام، امن ۽ ڀائيچاري جا درس ڏنا ويا. سڄي محفل ۾ روحانيت ۽ محبت جو حسين ماحول نمايان رهيو."
"رحمت العالمين ﷺ جي حياتي ۽ تعليمات کي خراجِ عقيدت."
“Mehfil-e-Milad-e-Mustafa (S.A.W.W) was gracefully celebrated at GBPS Adilpur with deep reverence and devotion. The program reflected love and respect for the Holy Prophet (S.A.W.W), where students and teachers actively participated, reciting naats and sharing the message of peace and unity. The gathering truly embodied an atmosphere of spirituality and honor.”
“A humble tribute to the life and teachings of the Holy Prophet (S.A.W.W).”
25/08/2025
📢 احتجاج 📢
اسان جا جائز مطالبا اڃا تائين تسليم نه ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان اسان سان لاڳاپيل ناانصافيون ۽ زيادتـيون جاري آهن۔ ان صورتحال خلاف اسان کي مجبورن قدم کڻڻو پيو آهي۔
انهيءَ ڪري، اسان اعلان ڪريون ٿا ته:
✦ تدريسي عمل جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو پيو وڃي۔
✦ اسڪول کي مڪمل طور تالابند ڪيو ويو آهي۔
اسان جو مطالبو آهي ته حڪومت فوري طور تي:
استادن سان ٿيندڙ ناانصافيون ختم ڪري۔
تعليم لاءِ بهتر ماحول ۽ وسيلا مهيا ڪري۔
اسان جا جائز حق تسليم ڪري۔
📍 : گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول، عادلپور
25/08/2025
احتجاج احتجاج احتجاج
پنھنجي جائز مطالبن جي مڃتا ۽ سنڌ گورنمنٽ جي نا جائزين نا انصافين خلاف تدريسي عمل جو مڪمل بائيڪاٽ ۽ اسڪول جي مڪمل تالا بندي
گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول عادلپور
31/07/2025
🌹گرمين جُون موڪلون ختم🌹
معزز والدين
اوهان کي اطلاع ٿو ڪجي ته اونهاري جُون موڪلون پنهنجي اختتام تي پُهتيون ۽ سُڀاڻي تاريخ 1 آگسٽ ڏينهن جُمع تي اسڪول کُلي رهيو آهي. پنهنجي گُلن جهڙن ٻارڙن کي مڪمل يونيفارم ۾ وقت تي تيار
ڪري اسڪول پهچائيندا🌹
اسيمبلي جو ٽائيم صبح 8:00 بجہ
هيڊ ماستر
گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول عادلپور
26/07/2025
گورنمنٽ پرائمري اسڪول عادلپور ۾ داخلائون جاري آهن. تجربيڪار استادن ۽ معياري تعليم تي ڀروسو ڪري پنهنجي ٻارڙن کي بهترين مستقبل ڏانهن گامزن ڪريو ۽ مفت تعليم ڏياريو
10/05/2025
بنيان مرصوص جو ڇا مطلب آهي
"بنيان مرصوص" هڪ عربي اصطلاح آهي، جيڪو قرآن پاڪ جي سوره الصف (61:4) ۾ آيو آهي:
"إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الَّذِينَ يُقَاتِلُونَ فِي سَبِيلِهِ صَفًّا كَأَنَّهُم بُنيَانٌ مَّرْصُوصٌ"
ان جو مطلب آهي:
"بيشڪ الله انهن ماڻهن کي پسند ڪري ٿو، جيڪي سندس راهه ۾ اهڙي صف ۾ وڙهن ٿا ڄڻڪ اُهي مضبوط عمارت (جهڙوڪ ڳنڍيل ڀت) هجن."
"بنيان مرصوص" جو مطلب:
هڪ اهڙي عمارت يا ڀت، جيڪا ڏاڍي مضبوط، سڌي ۽ ڀرپور نموني سان ڳنڍيل هجي، جنهن ۾ ڪو به ڪمزوري يا ٽُٽي نه هجي.
هي اصطلاح انهيءَ اتحاد، تنظيم، ۽ يڪجهتي جي علامت آهي، جيڪو هڪ مثالي مسلمان جماعت ۾ هجڻ گهرجي، خاص طور تي جڏهن هو الله جي راهه ۾ ڪوشش ڪن.