26/05/2026
الوداعي تقريب
استاد آفتاب احمد اعواڻ کي سنڌ اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۾ پنهنجي 60 ساله خدمتن جي مڪمل ٿيڻ تي ڀيٽا ۽ مبارڪباد پيش ڪجي ٿي۔اسڪول ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جو هڪ نهايت شفيق، مخلص ۽ فرض شناس استاد، آفتاب احمد اعواڻ صاحب، پنهنجي سروس مڪمل ڪري عزت سان رٽائر ٿي ويا۔
ان موقعي تي اسڪول ۾ هڪ سادي پر باوقار الوداعي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ اسڪول جي هيڊ ماسٽر جميل احمد سومرو صاحب، ايف اي عبدالرشيد لغاري صاحب، ايگزام انچارج عبدالشڪور ڏهر صاحب ۽ مهمانِ خاص ريٽائرڊ هيڊ ماسٽر محترم علم الدين اعواڻ صاحب، هيڊ ماسٽر جروار عبدالحڪيم ڀٽو صاحب، تعلقا ڏهرڪي جي گسٽا صدر قطب الدين لغاري صاحب، گورنمينٽ پي هاءِ اسڪول ڏهرڪي جي عربي ٽيچر حافظ محمد يونس مهر صاحب، گورنمينٽ هاءِ اسڪول رهڙڪي جي هيڊ ماسٽر بشير احمد چنه صاحب، ۽ اسڪول جي ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف سميت شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔
تقريب دوران اسڪول جي ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف، شاگردن ۽ مهمانن طرفان آفتاب احمد اعواڻ صاحب جي خدمتن کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو ويو ۽ کين سنڌ جي ثقافت جي خوبصورت سڃاڻپ، سنڌي اجرڪ، ۽ ٻين تحفن سان نوازيو ويو۔آفتاب صاحب پنهنجي سروس دوران هميشه ايمانداري، محبت ۽ ذميواري سان پنهنجا فرض ادا ڪيا، جنهن سبب هو هميشه اسان جي دلين ۾ زنده رهندا۔
اسان دعا ٿا ڪريون ته الله پاڪ کين صحتمند، خوشحال ۽ پرسڪون زندگي عطا فرمائي۔
اوھان جي خدمتن کي سلام — اوھان کي ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين!
20/05/2026
گرميءَ جي شدت کان بچڻ لاءِ، ٽي ٽي سي اينگرو ڪاليج ڏهرڪي پاران هڪ ساراهه جوڳو قدم کنيو ويو آهي، جنهن تحت گورنمينٽ سنگل سيڪشن هاءِ اسڪول ڏهرڪي جي هيڊ ماستر جميل احمد سومرو صاحب جي درخواست تي ٽي ٽي سي اينگرو ڪاليج ڏهرڪي جي انتظاميا پاران چار رائل 60 لٽر گنجائش وارا واٽر ڪولر فراهم ڪيا ويا آهن۔ هڪ واٽر ڪولر جي ماليت تقريباً 11,225 رپيا آهي۔ ٽي ٽي سي ڪاليج ڏهرڪي جي انتظاميا باقاعدي پاڻ اسڪول اچي اهي واٽر ڪولر هيڊ ماستر جميل احمد سومرو ۽ ايف اي عبدالرشيد لغاري صاحب جي حوالي ڪيا۔
اسان هن سخت گرميءَ جي موسم ۾ ٻارڙن لاءِ ڪيل هن سخاوت ۽ نيڪ قدم تي ٽي ٽي سي اينگرو ڪاليج ڏهرڪي ۽ ان جي انتظاميا جا دل جي گهراين سان بيحد شڪرگذار آهيون۔
19/05/2026
هيڊ ماستر جميل احمد سومرو صاحب ۽ ايف اي عبدالرشيد لغاري صاحب ڇهين کان ڏهين ڪلاس جي سڀني مانيٽرن ۽ هيڊ بوائز کي سڏي هڪ اهم رهنمائي سيشن منعقد ڪيو۔
هن موقعي تي ھيڊ ماستر جميل سومرو صاحب ۽ ايف اي عبدالرشيد لغاري صاحب شاگردن سان دلڪش انداز ۾ ڳالهائيندي کين قيمتي هدايتون ڏنيون ويون ته ڪلاس ۾ پاڻ کي مهذب، بااعتماد ۽ ذميوار انداز ۾ ڪيئن پيش ڪجي، ۽ ڪلاس کي بهترين نظم ۽ سٺي ڪارڪردگي سان ڪيئن اڳتي وڌائجي۔اهڙي قسم جي سهڻي رهنمائي نه صرف شاگردن جي شخصيت کي نکاريندي، پر انهن ۾ قيادت، ذميواري ۽ نظم جي اعليٰ خوبيون پڻ پيدا ڪندي۔
27/04/2026
گورنمينٽ بوائز سنگل سيڪشن ھاءِ اسڪول ڏھرڪي ۾ هيڊ ماستر جناب جمیل احمد سومرو صاحب، اي ايف اي عبدالرشيد لغاري صاحب ۽ جناب عبدالشڪور ڏھر صاحب جي نگرانيءَ هيٺ شاگردن ۾ سنڌ حڪومت طرفان فراهم ڪيل مفت درسي ڪتاب ڪلاس ڇھين کان ڪلاس ڏھين تائين ورهايا ويا۔
27/04/2026
اڄ تاريخ 27-04-2024 تي گورنمينٽ بوائز سنگل سيڪشن ھاءِ اسڪول ڏھرڪي ۾ هڪ سادي، پر نهايت باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اڳوڻي ٽي اي او (ايليمنٽري، سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري فيميل) ڏھرڪي، محترم جناب جمیل احمد سومرو صاحب کي بي پي ايس-17 مان بي پي ايس-18 ۾ ترقي حاصل ڪرڻ تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي وئي۔ انهيءَ موقعي تي، گورنمينٽ بوائز سنگل سيڪشن ھاءِ اسڪول ڏھرڪي جو هيڊ ماستر مقرر ٿيڻ تي، اسڪول جي ٽيچنگ ۽ نان ٽيچنگ اسٽاف سميت شاگردن طرفان سندن ڀرپور ۽ گرمجوشي سان ڀليڪار ڪيو ويو۔ تقريب دوران اميد ظاهر ڪئي وئي ته سندن قابل قيادت ۽ ڀرپور رهنمائيءَ هيٺ اسڪول ترقيءَ جا نوان سنگ ميل طئي ڪندو ۽ تعليمي ميدان ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندو۔
الله پاڪ کان دعا آهي ته هو جناب جمیل احمد سومرو صاحب کي پنهنجي ذميوارين جي احسن نموني ادائيگيءَ جي توفيق عطا فرمائي ۽ اسڪول کي علم ۽ تربيت جو مثالي مرڪز بڻائڻ ۾ سندن رهنمائي فرمائي۔
ڀليڪار، جمیل احمد سومرو صاحب!
26/04/2026
گورنمينٽ بوائز سنگل سيڪشن ھاءِ
اسڪول ڏھرڪي
عام اطلاع
ڪلاس ڇھين کان ڏھين تائين شاگردن کي آگاھ ڪجي ٿو ته اسڪول بتاريخ 2026-04-27 کان کلي رھيو آھي.سڀئي شاگرد اسڪول اچن ۽ سنڌ گورنمينٽ طرفان ڏنل مفت پنهنجا ڪتاب حاصل ڪن۔
ڪلاس ڇھين کان ڏھين تائين داخلا پڻ جاري آھي.
ڪلاس ڇھين کان ڏھين تائين نئين داخلا لاءِ ھيٺيان ڊاڪيومينٽس ھجن.
1. ڊاريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن سکر ريجن سکر کان تصديق شده ليونگ سرٽيفڪيٽ
2. بي فارم/چائلڊ ريجسٽريشن سرٽيفيڪيٽ ۽ والد جو شناختي ڪارڊ
پاران ھيڊ ماستر
جميل احمد سومرو
گورنمينٽ بوائز سنگل سيڪشن ھاءِ اسڪول ڏھرڪي
25/04/2026
سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ هيڊ ماسترن کي گريڊ 18 ۾ ترقي ملڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪون پيش ڪجن ٿيون۔ هي اوهان جي محنت، ايمانداري ۽ لگن جو خوبصورت نتيجو آهي۔ الله پاڪ اوهان کي وڌيڪ ڪاميابين سان نوازيندو، آمين 🤲 خاص طور تي سائين جميل احمد سومرو صاحب کي سنگل سيڪشن بوائز هاءِ اسڪول ڏهرڪي ۾ هيڊ ماستر طور ترقي ۽ پوسٽنگ ملڻ تي مبارڪون پيش ڪجن ٿيون 🌹 اميد آهي ته سائين پنهنجي صلاحيتن سان اداري کي وڌيڪ ترقيءَ جي نون منزلن تائين پهچائيندا۔ الله پاڪ سڀني کي پنهنجي ذميوارين ۾ ڪاميابي عطا فرمائي، آمين 🤲