Government High School Gadeji

Government High School Gadeji Government High School Gadeji, for education of Local community with highly educated staff.

26/03/2026

📢 *اهم اطلاع*

سڀني شاگردن کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته نائين ۽ ڏهين جماعت جا ساليانا امتحان 30 مارچ 2026 کان باقاعدي طور شروع ٿي رهيا آهن۔
سڀ شاگرد پنهنجي امتحاني سلپ ڇنڇر، 28 مارچ 2026 تي صبح 08:30 وڳي اسڪول مان لازمي طور حاصل ڪن۔
*خاص هدايتون*:
1) امتحاني هال ۾ موبائل فون کڻي اچڻ سختي سان منع آهي۔

2) اسڪول يونيفارم پائڻ هر شاگرد لاءِ لازمي آهي۔

3) وقت جي پابندي کي يقيني بڻايو وڃي۔

26/03/2026

السلام عليڪم
جيئن تہ نائين ڪلاس ء ميٽرڪ ڪلاس جا امتحان 2026-03-30 سومر تي امتحان شروع آهي .. شاگردن کي گذارش آهي ته امتحاني گيٽ پاس سلپون اسڪول ۾ اچي ويون آھن.
شاگرد 2026-03-28 ڇنڇر جي ڏينھن صُبح جو 08:00 بجي پنھنجون سلپون اسڪول مان حاصل ڪري سگھن ٿا.


هيڊ ماستر
گورمينٽ هاءِ اسڪول گڏيجي ..

گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول حاجي محمد طاهر کُهڙو  ۾ تعلقه سوڀوديرو جي سرڪاري اسڪولن جي وچ ۾`` تعليم ۽ تربيت؛ سيرت النبي...
13/09/2025

گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول حاجي محمد طاهر کُهڙو ۾ تعلقه سوڀوديرو جي سرڪاري اسڪولن جي وچ ۾`` تعليم ۽ تربيت؛ سيرت النبي صلي الله عليہ وسلم جي روشني ۾ ``جي عنوان هيٺ تقريري مقابلو وڏي جوش ۽ جذبـي سان منعقد ڪيو ويو. مقابلي ۾ ڪيترن ئي اسڪولن جي شاگردن حصو ورتو ۽ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو.

مقابلي ۾ پهريون نمبر سيد علي جواد گورنمينٽ هاءِ اسڪول هرياه حاصل ڪيو، ٻيو نمبر حسن عباس گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول گڏيجي حاصل ڪيو.

هن موقعي تي خاص مهمان طور ٽي اي او (E.S & H.S) سوڀوديرو عبدالقيوم ڄامڙو شرڪت ڪئي ۽ شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي.

مقابلي جي کٽيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا. جڏهن ته ٽاپ ٽن پوزيشن هولڊرز کي سڀاڻي تعلقي گمبٽ جي شاگردن سان گڏجي مقابلي ۾ حصو وٺڻو پوندو، جيڪو گورنمينٽ مراد هاءِ اسڪول گمبٽ ۾ منعقد ٿيندو.

25/08/2025

سڀاڻي تعليمي ادارا معمول موجب کليل رهندا، والدين کي گذارش آهي ته جيڪي فيسبڪ تي حوال پروگرام ڪن پيا پنھنجا ٻار بہ گورنمينٽ اسڪول ۾ داخل ڪرائي. وقت تي اسڪول روانو ڪن.

30/07/2025

ٻڌائڻ ته نه کپي پر والدين کي يادگيري لاء ٻڌايان ٿو
جمعي کان اسڪول کوليل آهن، پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪليندا،
😋مهرباني

27/07/2025

✍️🌹✍️پھرين آگسٽ 2025 کان تعليمي ادارا کلي رھيا آھن. والدين کي گذارش آھي ته پنھنجن ٻارڙن کي گورنمينٽ اسڪولن ۾ داخل ڪرائي اسڪول ۾ ٻارن جي حاضري کي به يقيني بڻايو جيئن ٻار پابندي سان تعليم حاصل ڪري سگھن.
پاران: ھيڊ ماسٽر گورنمينٽ ھاء اسڪول گڏيجي ✍️🌹✍️

27/07/2025

🏫 صوڀوديرو جا سڀئي اسڪول 1 آگسٽ کان باقاعده کليل رهندا.
👨‍👩‍👧‍👦 مهرباني ڪري پنهنجن ٻارن کي هر ڏينهن اسڪول موڪليو.

📚 تعليم ئي مستقبل جو بنياد آهي،
اچو ته پنهنجي ٻارن جي تعليم کي سنجيدگي سان وٺون!

27/07/2025

اهم اعلان

پيارا شاگرد ۽ سول سوسائٽي جا معزز ميمبر،

توهان کي مهرباني ڪري اطلاع ڏنو وڃي ٿو ته سڀاڻي، ضلعي تعليم کاتي جي شروعات هيٺ، سڀني ادارن ۾ صفائي جو ڏينهن ملهايو ويندو.

اسان صفائي ۽ برادري جي ذميواري کي فروغ ڏيڻ لاءِ هن مهم ۾ توهان جي فعال شرڪت کي گرمجوشي سان دعوت ڏيون ٿا. توهان جي موجودگي ۽ مدد هن تقريب کي ڪامياب بڻائڻ ۾ قيمتي ڪردار ادا ڪندي.

اچو ته گڏجي پنهنجي ماحول کي صاف رکون ۽ ٻين لاءِ هڪ مثبت مثال قائم ڪريون.

توهان جي تعاون لاءِ مهرباني

16/05/2025

Youm-e-Tashakur Celebration at Government High School, Gadeji, Taluka Sobhodero District Khairpur

In compliance with the instructions of the District Education Office, Government High School Gadeji proudly celebrated Youm-e-Tashakur to express our deep gratitude and solidarity with the Pakistan Armed Forces for their heroic contributions during the 2025 war – “Bunyan-ul-Marsous.”

01/03/2025

جيئن ته سومر کان ڪلاس ڇھين کان اٺين ڪلاس تائين سالانه پڪا امتحان شروع ٿي رھيا آھن. اسين چاهيون ٿا ته ھر تعليم پسند شخصيت اسان جي اسڪول اچن ۽ اسان جي ٻارن ۽ استادن جي پوري سال جي محنت کي پرکن.

جهالت ڌُهنڌ وانگي آ هميشه رڻ ۾ رولي ٿي. علم آ روشني پيارا، نوان دروازا کولي ٿي.
08/01/2025

جهالت ڌُهنڌ وانگي آ هميشه رڻ ۾ رولي ٿي.
علم آ روشني پيارا، نوان دروازا کولي ٿي.


Address

Gadeji

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Government High School Gadeji posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category