My Rural Education Life

My Rural Education Life I like rural education
TotaRam k Sajnani

اڄ سموري دنيا ۾ روشنين جو تھوار ڏياريء ملھايو پيو وڃي.ھن تھوار جو مذهبي ۽ سماجي حوالي سان پنهنجي ھڪ اھميت رھي آهي.ڏياري ...
12/11/2023

اڄ سموري دنيا ۾ روشنين جو تھوار ڏياريء ملھايو پيو وڃي.ھن تھوار جو مذهبي ۽ سماجي حوالي سان پنهنجي ھڪ اھميت رھي آهي.ڏياري هڪ مذهبي تهوار سان گڏ موسمي ۽ ثقافتي تهوار طور پڻ ملهايو ويندو آهي ۽ هن تهوار جو اسان جي سڀيتا، تاريخ، جاگرافي ۽ وڻج واپار سان گهرو تعلق آهي.سياري جي مند جي آمد تي جڏهن اُتر جو ٿڌڙيون هوائون گهلينديون آهن تڏهن هر سال (ڪارڪت مهيني) ڪَتِي جي مهيني ۾ ڏياري جو تهوارملهايوويندو آهي .
سر نسريا پانڌ اتر لڳاء آء پرين
مون تو ڪارڻ ڪانڌ ! سھسين سکائون ڪيون
ڏياري کي "ديپ والي" يا "ديوالي" پڻ سڏيو ويندو آهي، ديوالي سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي" ڏيئن وارو ڏڻ"، ڏياري جي ڏڻ جي تاريخي اعتبار کان مختلف روايتون پڻ آهن. هڪ روايت مطابق قديم زماني ۾ پوک جي لاباري ۽ اناج جي گڏ ڪرڻ کان پوءِ خوشي جي اظهار جي لاءِ "تهذيبي" طور جيڪو تهوار ملهايو وڃي ٿو اهو ڏياري جي ڏڻ سان ئي منسوب آهي. ڏياري جي ڏينهن ملهائڻ جو مذهبي فلسفو هي آهي ته شري رام 14 سال بنواس ڪاٽي، واپس ايوڌيا نگري آيو ته ايوڌيا جي ماڻهن شري رام جي واپس ايوڌيا موٽي اچڻ جي خوشي ۾ مٺايون ورهايون ۽ گهرن کي سنيگاري ڏيئا ٻاري گهرن کي روشن ڪيو هو تنهن ڪري ڏياري کي" روشنين جو تهوار" پڻ چيو ويندو آهي. ڏياري ملهائڻ جي حوالي سان هڪڙي ٻي روايت اها پڻ آهي ته انهي ڏينهن تي "لڪشمي ماتا "جو جنم پڻ ٿيو هو تنهن ڪري هندو جاتي جا ماڻهو ڏياري جي ڏينهن سنجها ويلي (رات جي وقت)گهرن جي صفائي ڪري لڪشمي ماتا جي پوجا ڪندا آهن ته جيئن گهر سک سمپت، امن، پيار ۽ پنهنجائپ جو واسو رهي ۽ ڌن دولت ۽ برڪت پراپت ٿئي.انھي موقعي تي ھندو برادري جا ماڻھو سڄي سال جو ليکو چوکو پڻ ڪندا آهن . ڏياري جي ٻئي ڏينهن “ٻڙهه راجا” (ٻلهيراجا) جو ڏهاڙو ڪري ملهايو ويندو آهي ڇاڪاڻ ته انهي ڏهاڙي پاتال لوڪ ۾ ٻلهيراجا کي راج مليو هو ڏياري جي ٻي ڏينهن ٻڙھ راجا واري ڏھاڙي کي ھتي مقامي ماڻھو پنهنجي ٻولي ۾ "ڪاڻي ڏياري" پڻ چوندا آهن اهڙي ريت مذهبي فلسفي جي حوالي سان ڏياري ملهائڻ جي هڪ پنهنجي اهميت رھي آهي پر حقيقت ۾ ڏياري جوتهوار تھذيبي ۽ سماجي حوالي سان شاندار روايتن جو تسلسل آهي. شاهه لطيف "سر سامونڊي" ۾ ڏياري جو ذڪر پڻ هن ريت ڪيو آهي ۽ ھڪ ھند ايئن به چيو آهي ته
ڏٺي ڏياري سامونڊين سڙهه سنباهيا،
وجهيوور ونجهه کي روئي وڻجاري
ماريند ئي ماري پره سور پرينء جا.

ڏٺي ڏياري سامونڍين سڙھ سنڀايا ان کي مند اتر جي اوچتي آئي
وڻجارن وائي آهي پرين پار جي .
لطيف کان علاوه سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن پنهنجي شاعري ۾ ڏياري جو ذڪر ڪري ان تهوار کي مهانتا ڏني آهي.جيئن شيخ اياز ھڪ ھند چيو آهي ته
ڏيئا منجھ ڏھر چوءنري چوءنري چمڪيا
آڌي واء اتر جي ٿر تي آٿھر
توبن پوء پھر سو ساروڻيون سيء۾.
حقيقت ۾ ڏياري جو تهوار محبتن جوتهوار آهي، جنهن ۾ ميٺ، محبت، سھپ، رواداري، ڀائيچاري جا اعليٰ گڻ پسجن ٿا.خوشين جا هي ڏهاڙا سنڌ واسين لاءِ خاص اهميت جا حامل آهن .دنيا جي ٻين خطن جيان سنڌ ۾ پڻ ڏياري جو تهوار مذهبي فلسفي ۽ شاندار روايتن سان ملهايو ويندو آهي.اڄ جي ھن جديد دور ۾ ھندو برادري جا ماڻهو ڏياري جي موقعي تي ڦٽاڪا ٻاري، آتش بازي پڻ ڪنداآهن. ڏياري جي تهوار جي موقعي جا منظر ڏسڻ وٽان ھوندا آهن ڏياري جي موقعي تي رات جي وقت ھندو برادري جا ماڻهوَ پنهنجي گھرن تي ڏيئاٻاري گھرن کي روشن ڪندا آهن ۽ سينگاريندا آهن بعد ۾ اھي پنهنجن گھرن ۾ لڪشمي ماتا جي پوڄا ڪندا .ڏياري جو ڏينهن درحقيقت محبتن جي علامت جو تھوار آهي، ڏياري جي ڏڻ جي اهميت کي اهو ماڻهو سمجهي سگهي ٿو جيڪو ڏکن ۽ تڪليفن مان پار پيو هجي.ايئن جيئن شري رام 14 سال بنواس ڪاٽي تڪليفون برداشت ڪيون.اڄ ڏياري جي ڏينهن اسان کي انهن غريبن کي به پنهنجن خوشين ۾ شامل ڪرڻ گھرجي جن وٽ کائڻ لاء گھرن ۾ ڪجهه به ناھي. مھانگائي جي طوفان سبب غريب ماڻھو پريشان آهن انھي ڪري ڏياري جي موقعي تي ھندو جاتي جا ڪافي اھڙا ماڻهو مون ڏٺا آهن جيڪي ڏياري تي نوان وڳا وغيره وٺي ناھن سگھيا. ڏياري جو ملهائڻ اصل مقصد پيار، پنهنجائپ، ڀائپي ۽ امن جي پرچار ڪرڻ آهي. پنهنجي اندر کي صاف ڪري، اهنڪار ۽ ڪروڌ کان پاسو ڪرڻ آهي.ميٺ محبت ۽ روشنين جي هن تهوار ڏياري جي حقيقي فلسفي کي سمجهڻ جي ضرورت آهي .
ڌرتي ڏيئا جڳ مڳ جرڪن
منھنجا مارو سدا مرڪن
ھر طرف سونهن گلزاري آهي
منهنجي سنڌ ۽ڏياري آهي
منهنجي سنڌ ۽ڏياري آهي

11/11/2023
https://www.independenturdu.com/node/149446
08/10/2023

https://www.independenturdu.com/node/149446

سندھ کے صحرائے تھر کے ایک نواحی گاؤں سے تعلق رکھنے والے استاد سکھ رام داس 75 سال کی عمر میں کراچی یونیورسٹی کے شعبہ قانون سے ایل ایل بی کی تعلیم حاصل کر رہے ہیں اور اس وق...

۔۔۔۔۔۔۔۔۔محترم/محترمہ ٹیچرز۔۔۔۔۔۔ان اصولوں کو مد نظر رکھتے ہوئے خوشخطی لکھنا سیکھیں اور اپنے سکولز میں بچوں کو بھی سکھائ...
28/08/2023

۔۔۔۔۔۔۔۔۔محترم/محترمہ ٹیچرز۔۔۔۔۔۔
ان اصولوں کو مد نظر رکھتے ہوئے خوشخطی لکھنا سیکھیں اور اپنے سکولز میں بچوں کو بھی سکھائیں۔۔ شکریہ۔۔

Celebration Day 14thAugust2023@ GHS Meghwar paro Helario pir
19/08/2023

Celebration Day 14thAugust2023
@ GHS Meghwar paro Helario pir

What is the difference between "in" and "with" in the following sentences: 1.I started the day in a happy mood. 2. I sta...
04/08/2023

What is the difference between "in" and "with" in the following sentences:
1.I started the day in a happy mood.
2. I started the day with a happy mood

Address

Diplo

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when My Rural Education Life posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category