Islami Galhiyoon اسلامي ڳالهيون

Islami Galhiyoon اسلامي ڳالهيون پهريون سنڌي اسلامي پيج لائڪ ڪيو ۽ وڌ ۾ وڌ شيئر ڪيو پهريون سنڌي اسلامي پيج لائڪ ۽ شيئر ڪرڻ نہ وساريندا

اي ڪاش 😭
23/12/2025

اي ڪاش 😭

القرآن
23/03/2025

القرآن

21/03/2025
18/03/2025

17 رمضان المبارک "غزوہ بدر" حق وباطل کا پہلا معرکہ

01/11/2024

قرآن مجيد جي سورت الملڪ (سورت نمبر 67) کي هر رات پڙهڻ سان قبر جي عذاب کان بچاءُ ٿيندو. حديث شريف ۾ اچي ٿو ته جيڪو ماڻهو سورت الملڪ کي هر رات پڙهي، ان کي الله تعالى قبر جي عذاب کان محفوظ رکي ٿو.

حضرت ابو هريره رضي الله عنه کان روايت آهي ته نبي ڪريم ﷺ فرمايو: "قرآن ۾ هڪ سورت آهي جنهن ۾ 30 آيتون آهن، جيڪي انسان جي سفارش ڪري ان کي معاف ڪرائينديون، ۽ اها سورت آهي تَبَارَكَ الَّذِي بِيَدِهِ الْمُلْكُ (الملڪ)."

(سنن ترمذي، سنن ابن ماجه)

سورت الملڪ جو پڙهڻ قبر جي عذاب کان بچڻ لاءِ هڪ مؤثر عمل آهي.

10/07/2024

نبي ڪریم ﷺ جن فرمایو:” اهو شخص اسان مان ناهي جيڪو نوحو ڪرڻ وقت پنهنجو منهن پٽي، ڳلو ڦاڙي، ۽ جاهلیت وارا سڏ ڪري
صحيح بخاري 3519

ماتم جي شرعي حيثيت ماتم ڪرڻ شريعت پاڪ ۾ ناجائز و حرام ڪم آھي.۽ ماتم ڪرڻ قرآن مجيد و حديث پاڪ جي سراسر خلاف آھي.قرآن ڪريم...
10/07/2024

ماتم جي شرعي حيثيت
ماتم ڪرڻ شريعت پاڪ ۾ ناجائز و حرام ڪم آھي.
۽ ماتم ڪرڻ قرآن مجيد و حديث پاڪ جي سراسر خلاف آھي.
قرآن ڪريم
وَ لَا تُلْقُوْا بِاَیْدِیْكُمْ اِلَى التَّهْلُكَةِ(سوره البقره آيت 195)
ترجمو ۽ پنھنجي ھٿن (سان )ھلاڪت ۾ نه پئو
وضاحت قرآن مجيد صاف صاف فرمايو
ته پنھنجي ھٿن سان پنھنجي پاڻ کي ھلاڪت ۾ (ڌڪ ھڻڻ ، چاڪو ھڻڻ، پاڻ کي زخمي ڪرڻ وغيره سڀ ان ۾ داخل آھي) نه وجھو.
احاديث نبوي صلي الله عليه وآله واصحابه وسلم
رسول اکرمﷺ فرمايو
، سَمِعْتُ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ , يَقُولُ : مَنْ نِيحَ عَلَيْهِ يُعَذَّبُ بِمَا نِيحَ عَلَيْهِ (1291)
حضرت مغیرہ رضی اللّٰہ عنہ فرمايو
مون رسول اکرمﷺ کان ٻڌو پاڻ فرماياؤن
ته ميت تي روئڻ جي ڪري ۽ ان تي ماتم ڪرڻ جي ڪري به انتي عذاب ڪيو ويندو آھي.
رسول اکرمﷺ فرمایو
عَنْ عَبْدِ اللَّهِ ، عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ ، قَالَ : لَيْسَ مِنَّا مَنْ ضَرَبَ الْخُدُودَ وَشَقَّ الْجُيُوبَ وَدَعَا بِدَعْوَى الْجَاهِلِيَّةِ(بخاری حدیث 3519)
رسول اکرمﷺ فرمايو ناھي اسان جي امت مان اھو شخص جنھن منھن تي ڌڪ ھيان ۽ گريبان ڦاڙيو ۽ سينو ڪٽيو ۽ رڙيون ڪيائين مثل رڙين جاھليت جي يعني پار ڪڍيائين ، مرثيا پڙھيائين
(حديث جو مترجم علامه عبدالوھاب گلال سنڌي)
شرح :ھن حديث پاڪ تي جيڪڏھن توجھ ڪن ھا ته ڪڏھن به ماتم نه ڪن ھا. ھن حديث ۾ ھنن واري ماتم ڪرڻ جو مڪمل طريقو بيان ڪيو ويو آھي منھن تي ڌڪ ھڻڻ ، سينو ڪٽڻ ، رڙيون ڪرڻ ھنن جي ماتم ۾ ھي سڀ ڪجھ ٿيندو آھي. آخر ۾ فرماياؤن اھي منھنجي امت ۾ نه آھن. (نصيب اپنا اپنا پسند اپني اپني)
شيعن جي ڪتاب مان ماتم جي مذمت
اصولي ڪافي:ترجمو رسول اکرمﷺ فرمايو جومصيبت جي وقت پنھنجي ران تي ھٿ ھڻي انجو سڄي زندگي جو اجر ضايع ٿي وڃي ٿو.(تحفه الوھاب ص 8)
نوٽ ھي اصولي ڪافي اھو ڪتاب آھي جنھن تي ھنن غائب ۽ امام زمانه جي تصديق لڳل آھي ان ڪتاب جو ھي حوالو آھي.
آخري روايت شيعه ڪتب مان
امام حسين رضي الله عنه پنھنجي ڀيڻ زينب رضي الله عنها کي ۽ ساري اھلبيتن کي فرماياؤن
جڏھن مان شھيد ٿي وڃان ته منھنجي مٿان ماتم نه ڪجو ، گريبان نه ڦاڙجو، نه منھن تي ڌڪ ھڻجو، نه پنھنجا ڳل ڦٽجو.
(ذبح عظيم ص 338)
وضاحت:
ھاڻي معلوم ٿيوته ، ماتم ڪرڻ وارو قرآن مجيد جو مخالف ۽ حديث پاڪ جو مخالف آھي، اھلبيت ۽ امام حسين جو پڻ مخالف

09/12/2023

سرديون ڪيئن گذاريون؟

(2):رات جو قيام ۽ ڏينهن جو روزو

هڪ ٻئي مقام تي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: سرديءَ جي موسم مومن جي لاءِ موسمِ بهار آهي جو هن ۾ ڏينهن ننڍا هوندا آهن ته مومنَ هن ۾ روزا رکندا آهن ۽ هن جون راتيون وڏيون هونdيون آهن ته اهي هن ۾ قيام ڪندا (يعني نوافل وغيره پڙهندا) آهن.

)شعب الایمان،جلد:3،صفحہ: 416، حدیث:3940(

جنّتي صحابي، حضرت عبدُ الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه سردي جي موسم اچڻ تي فرمائيندا هئا: سرديءَ کي ڀليڪار، هن ۾ الله پاڪ جي رحمت نازل ٿيندي آهي جو رات جو جاڳڻ واري جي لاءِ هن ۾ راتيون وڏيون ۽ روزيدار جي لاءِ ڏينهن ننڍو هوندو آهي.

)مسندِ فردوس،جلد:4،صفحہ:164،حدیث:6513(

ٿڌي غنيمت

پيارا اسلامي ڀائرو! سردي مومن جي موسمِ بهار آهي، هن ۾ ڏينهن ننڍا آهن: لهٰذا روزا رکڻ آسان هوندو آهي. الحمد لله! سرديون تشريف کڻي اچي چڪيون آهن: خوب نفل روزا رکو! الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: سردي جا روزا ٿڌي غنيمت آهن. )ترمذی،کتاب:الصوم،باب :ما جاء فی الصوم فی الشتاء،صفحہ:219،حدیث:797(

نفل روزن جي فضائل تي 3 حديثون

(1): حديث پاڪ ۾ آهي: جنهن ثواب جي اميد رکندي هڪ نفل روزو رکيو، الله پاڪ ان کي دوزخ کان 40 سال (جي مسافت جي برابر) دور فرمائي ڇڏيندو.) جمع الجوامع، جلد:7، صفحہ:190، حدیث:22251( (2): معجمِ ڪبير جي روايت ۾ آهي: جنهن
(3): سردي ۾ وضو ڪرڻ جا فضائل

پيارا اسلامي ڀائرو! سردي جي موسم هجي، تمام گهڻي ٿڌ پئجي رهي هجي، ماڻهو گرم بستري مان اٿي، سخت سرديءَ ۾ ٿڌي پاڻي سان وضو ڪري، يقيناً مشڪل ته ٿيندي آهي، نفس سُستي ته ڏياريندو آهي پر اهو ئي ته امتحان آهي، جيڪڏهن اسان ٿوري تڪليف ڪيون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! وڏو ثواب نصيب ٿي ويندو. (1): معجمِ اوسط ۾ آهي: جنهن سخت سردي ۾ ڪامل وضو ڪيو ان جي لاءِ ثواب جا ٻه حصا آهن. )معجمِ اوسط،جلد:4،صفحہ:106 ،حدیث:5366( (2): هڪ روايت آهي: مشقت (Struggle) جي وقت وضو ڪرڻ واري کي قيامت جي ڏينهن عرش جي ڇانوَ نصيب ٿيندي.

)اتحاف الخیرہ ،جلد:10،صفحہ:385، حدیث: 10100(

اڳيان پويان گناه معاف

مسلمانن جو ٽيون خليفو حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ سردي جي رات ۾ نماز جي لاءِ وڃڻ جو ارادو فرمايو ته وضو جي لاءِ پاڻي گهرايائون پوءِ سندن رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجو چهرو ۽ ٻئي هٿ ڌوتائون، غلام عرض ڪيو: الله پاڪ اوهان کي ڪفايت ڪري رات ته تمام ٿڌي آهي، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جن فرمايو: مون پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو آهي ته جيڪو ٻانهو ڪامل وضو ڪري ان جا اڳيان پويان گناھ معاف ڪيا ويندا آهن.

(مسندِ بزّار،جلد:2،صفحہ:76 ،حدیث:422)

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان جي لاءِ تمام آسانيون آهن: اسان جي گهرن ۾، مسجدن ۾ هيٽر لڳل آهن، گيزر لڳل آهن، وضو جي لاءِ گرم پاڻي جي سهولت هوندي آهي، اسان هيٽر وغيره جي ذريعي گرمائش حاصل ڪري وٺندا آهيون. ٿورو غور فرمايو! صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم دين جي لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون قربانيون پيش ڪندا هئا، غزوهءِ احزاب يعني غزوهءِ خندق سردين ۾ پيش آئي،ان غزوه ۾ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم مديني شريف جي ويجهو خندق (کاهي) کوٽي، ان وقت صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جا مالي حالات ايئن هئا جو هي مقدس حضرات بک جي شدت جي ڪري پيٽ تي پٿر ٻَڌي ڪري سخت سردي ۾ خندق کوٽي رهيا هئا، انهيءَ سخت سردي ۾ صحابه ڪافرن جو مقابلو ڪري رهيا هئا.

الله اڪبر! صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي انهن عظيم قربانين جي سامهون اسان جي معمولي تڪليفن جي ڪهڙي حيثيت آهي...؟ پر هاءِ! اسان جي لاءِ ته فجر پڙهڻ مشڪل هوندو آهي، انهن حضرات کي نه بک جي پرواھ، نه اُڃ جي، نه سردي جو فڪر، نه گرمي جو، بَس فڪر ته هڪڙو ئي هو: ته ڪهڙيءَ طرح الله پاڪ راضي ٿي وڃي، اسان الله پاڪ جي دين جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون.

ہر صَحابیِ نبی! جنَّتی جنَّتی سب صَحابیات بھی! جنَّتی جنَّتی

چار یارانِ نبی! جنَّتی جنَّتی حضرتِ صدیق بھی ! جنَّتی جنَّتی

اور عُمرِ فاروق بھی ! جنَّتی جنَّتی عُثمانِ غنی! جنَّتی جنَّتی

فاطِمہ اور علی! جنَّتی جنَّتی ہیں حَسَن حُسین بھی ! جنَّتی جنَّتی

والِدَینِ نبی! جنَّتی جنَّتی ہر زوجۂ نبی! جنَّتی جنَّتی

اور ابو سُفیان بھی! جنَّتی جنَّتی ہیں معاویہ بھی! جنَّتی جنَّتی

)وسائلِ فِرْدَوس،صفحہ:53(

پيارا اسلامي ڀائرو! زندگي بي حد مختصر آهي اسان هر وقت موت جي ويجهو ٿيندا پيا وڃون، زندگي جا جيڪي ڪجھ ساھَ باقي آهن انهن کي غنيمت ڄاڻيندي الله پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ياد ۾ گذاريو، سردي جي تڪليف تي صبر ڪري ثواب ڪمايو جو اَفْضَلُ الْاَعْمَالِ اَحْمَزُہَا (يعني افضل ترين عمل اهو آهي جنهن ۾ تڪليف وڌيڪ هجي) )شرح الطیبی علی مشکاۃ المصابیح،جلد:4،صفحہ:401، تحت الحدیث:2267( خوب عبادت ڪيو، سنّتن تي عمل ڪيو، نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچايو، مدني قافلن ۾ سفر ڪيو ۽ نيڪ اعمال جو رسالو ڀَري ڪري آهستي آهستي ان تي پنهنجو عمل وڌائيندا وڃو، ٿڌ لڳي رهي هجي ۽ جسم سردي کان ڏڪي رهيو هجي، وضو ڪيو ۽ نمازِ باجماعت جو خاص اهتمام فرمايو. جيڪڏهن نفس سُستي ڏياري، شيطان ڄار وڇائي ته صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم جي قربانين کي ياد ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تڪليف آسان ٿيندي. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

14/11/2023

گھرجي ته مؤمن مومنن کانسواءِ ڪافرن کي پنهنجو دوست نه بنائين ۽ جيڪو مؤمن ڪافر سان دوستي رکندو انهيءَ جو الله جي دين سان ڪو واسطو ناهي. (ال عمران)

11/11/2023

مولا علي عہ کان ڪنهن پڇيو ته
ڦلاڻو سڙي ٿو ڇا ڪيان
مولا علي عہ چيو ته
هو سڙي ته پيو اڃا ڇا ڪندين

08/11/2023

مدينو ڇڏڻ آسان ناھي ھوندو
منھنجي پسنديده نعت شريف
پسند اچي ته شيئر لازمي ڪندا

Address

Daulatpur

Telephone

+923023208878

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Islami Galhiyoon اسلامي ڳالهيون posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category