British Model High School Dadu

British Model High School Dadu

Share

Education is the most powerful weapon which you can use to change the world.

Photos from British Model High School Dadu's post 24/08/2026

From imagination to innovation! 🔬✨

Our students brought scientific concepts to life through creative 3D models, transforming classroom learning into a hands-on experience.

The projects covered a range of fascinating topics, including:
🌋 Volcanic Eruption
💧 Water Cycle
🌀 Cyclone Formation & Structure
🌸 Structure of a Flower
…and several other scientific concepts.
Through these models, students demonstrated creativity, scientific understanding, research skills, and practical learning. Such activities encourage students to explore concepts visually, think critically, and learn by doing.
🔬 Learn by Doing | 🌱 Create to Understand | 🚀 Inspire to Innovate

Photos from British Model High School Dadu's post 24/08/2026

🧬 BIOLOGY ASSESSMENT | CLASSES IXth & Xth

Strengthening Concepts. Measuring Progress. Building Excellence.

Today, students of Classes IXth & Xth at British Model Foundation School Dadu participated in their Biology assessment as part of our regular academic evaluation.

Our assessment system is designed to strengthen conceptual understanding, subject knowledge, analytical thinking, and examination readiness—ensuring that students continue to progress with confidence and competence.

📖 Learn • Assess • Improve • Excel

Photos from British Model High School Dadu's post 21/08/2026

🧬🔬 Creativity Meets Science!

A glimpse of our talented students showcasing their Plant & Animal Cell models. 🌱✨

Hands-on learning makes science fun, meaningful and memorable! 👏

Our Students, Our Pride! ❤️
🧬🔬 تخليق سان سائنس جي سکيا! 🌱✨

اسان جي باصلاحيت شاگردن پاران ٻوٽن ۽ جانورن جي خلين جا خوبصورت ماڊل تيار ڪري سائنس کي عملي انداز ۾ پيش ڪيو ويو. 🧫👏

🌟 عملي سکيا سائنس کي دلچسپ، بامقصد ۽ يادگار بڻائي ٿي!

❤️ اسان جا شاگرد، اسان جو فخر!



16/08/2026
13/08/2026

🇵🇰✨ A Double Celebration for British School! ✨🎓

As we celebrate 14th August, we are equally proud to celebrate the excellent Matric Results of our students! 🇵🇰

Heartiest congratulations to all our successful students, their proud parents, and our dedicated teachers. 👏🌟

Your success makes us proud!🎓💚

🇵🇰 Happy Independence Day! Pakistan Zindabad🇵🇰

13/08/2026

Dear Parents and Students ;
As per the Government of Sindh Notification, the school will remain closed on Friday 14th August 2026 on account of 79th Pakistan's Independence day
The school will also remain closed on Saturday, 15th August 2026 (Weekly Holiday).
School will remain reopen on Monday , 17th August 2026.

Happy Independence day ! Pakistan Zindabad 🇵🇰💚

Photos from British Model High School Dadu's post 31/07/2026

• محکمہ اسکول ایجوکیشن کے جاری علامیہ کے مطابق تمام سرکاری اسکول یکم اگست 2026 سے ہفتے میں چھ دن تدریسی سرگرمیاں جاری رکھیں گے۔

• جبکہ نجی تعلیمی اداروں پر سرکاری اسکولوں کے ہفتہ وار اوقاتِ کار کا اطلاق لازمی نہیں ہوگا، وہ اپنی پالیسی کے مطابق اوقاتِ کار طے کریں گے۔

31/07/2026

اسڪول ڏانهن ٻارن جي واپسي: تعليم جي شروعات نه، پر ٻار جي دل ڏانهن موٽڻ جو سفر

~~~~~~
اسڪول جا دروازا جڏهن اونهاري جي ڊگهي موڪلن کانپوءِ ٻيهر کلن ٿا، تڏهن صرف نئون تعليمي سال شروع نٿو ٿئي؛ حقيقت ۾ اها هزارين ننڍڙن خوابن، معصوم اميدن ۽ اڻ لکيل ڪهاڻين جي ٻيهر جاڳڻ جي گهڙي هوندي آهي. هي اهو پل آهي، جتي ڪتابن کان اڳ دلين کي کولڻ، سبقن کان اڳ رشتن کي جوڙڻ ۽ امتحانن کان اڳ اعتماد کي بحال ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.

اسان جي تعليمي نظام ۾ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته نئين تعليمي سال جي شروعات اڪثر حاضري، ڪتابن جي ورهاست، يونيفارم جي جانچ ۽ نصاب جي ڊوڙ سان ڪئي ويندي آهي. ڄڻ تعليم رڳو بابن، صفحن ۽ امتحانن جو نالو هجي. جڏهن ته تعليم جي روح ٻئي هنڌ آهي؛ اها ٻار جي مسڪراهٽ ۾، سندس تجسس ۾، سندس سوال ڪرڻ جي همت ۾ ۽ اسڪول سان سندس جذباتي وابستگيءَ ۾ سمايل آهي.

جديد تعليمي تحقيق به ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته تعليمي سال جا پهريان ڪجهه ڏينهن سڄي سال جي سکيا، حاضري، روين ۽ نفسياتي آسودگيءَ تي گهرا اثر ڇڏين ٿا. جيڪڏهن ٻار جي پهرين ڏينهن جي ياد خوشگوار هجي، ته هو ڪتابن سان به محبت ڪرڻ لڳندو آهي؛ پر جيڪڏهن شروعات خوف، سختي ۽ بيزاريءَ سان ٿئي، ته تعليم هڪ بار بڻجي ويندي آهي.

سنڌ جي سرڪاري، خانگي، ڪميونٽي ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سان لاڳاپيل اسڪولن کي گهرجي ته نئين تعليمي سال جي شروعات کي صرف نصاب جي واپسي نه، پر “ڀليڪار هفتي” جي صورت ۾ ملهايو وڃي، جتي هر ٻار کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته هو هن اداري جو صرف شاگرد نه، پر هن تعليمي خاندان جو اهم حصو آهي.

سوچي ڏسو، جيڪڏهن اسڪول جي دروازي تي استاد مرڪ سان ٻار جو آڌرڀاءُ ڪري، کيس هڪ گل، هڪ رنگين ڪارڊ يا صرف محبت سان چيل “ڀلي ڪري آيا” جا لفظ ڏئي، ته اهو منظر ٻار جي دل تي ڪيترو گهرو نقش ڇڏي سگهي ٿو. شايد اها مرڪ ئي کيس سڄو سال اسڪول سان جوڙي رکي.

ان کانپوءِ جڏهن ٻار پنهنجي موڪلن جون يادون هڪ ٻئي سان ونڊين، پنهنجا خواب تصويرن ۾ چٽين، گڏجي “اسان جو اسڪول، اسانجا خواب” جو پوسٽر ٺاهين يا راندين ذريعي سکيا ڏانهن موٽن، تڏهن اسڪول صرف هڪ عمارت نه رهندو، پر هڪ اهڙو جيئرو سماجي ۽ تخليقي مرڪز بڻجي ويندو، جتي هر ٻار پاڻ کي محفوظ، باوقار ۽ اهم محسوس ڪندو.

ڪلاس روم جي ديوارن تي لکيل ضابطا به تڏهن وڌيڪ معنيٰ رکن ٿا، جڏهن اهي استادن نه، پر شاگردن پاڻ لکيا هجن. “اسان هڪ ٻئي جو احترام ڪنداسين”، “اسين سچ ڳالهائينداسين”، “اسين گڏجي سکنداسين” جهڙا واعدا ٻارن ۾ ذميواريءَ جو اهو احساس پيدا ڪن ٿا، جيڪو ڪنهن به سزا يا هدايت سان پيدا نٿو ڪري سگهجي.

تعليم صرف ياد ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ جو نالو نه آهي؛ تعليم انسان بڻائڻ جو سفر آهي. اهو سفر تڏهن ئي ڪامياب ٿيندو، جڏهن اسڪول ٻارن کي صرف پڙهڻ نه، پر سوچڻ، سوال ڪرڻ، ٻڌڻ، اظهار ڪرڻ، تخليق ڪرڻ ۽ گڏجي جيئڻ به سيکاريندا.

انهيءَ مقصد لاءِ “خوابن جي ڀت”، “مهارت جو مهينو” ۽ “ٻڌ، سک ۽ ٻڌاءِ” جهڙيون سرگرميون نصابي عمل جون مخالف نه، پر ان جون مضبوط ساٿاريون آهن. اهڙيون سرگرميون ٻارن جي شخصيت ۾ اعتماد، تخليقيت، قيادت، ٻوليءَ جي سگهه ۽ سماجي ذميواري پيدا ڪن ٿيون.

سنڌ جي تعليمي نظام کي اڄ شايد نون نصابن کان وڌيڪ اهڙي نئين سوچ جي ضرورت آهي، جيڪا اسڪول کي ٻارن لاءِ خوشيءَ جي جاءِ بڻائي. ڇو ته جيڪو ٻار خوش هوندو، اهو سکڻ لاءِ تيار هوندو؛ جيڪو پاڻ کي محفوظ محسوس ڪندو، اهو سوال به ڪندو؛ ۽ جيڪو پنهنجي استاد سان جذباتي طور ڳنڍيل هوندو، اهو زندگيءَ جي وڏن امتحانن ۾ به ڪامياب ٿيندو.

تعليم ۾ ڪڏهن ڪڏهن وڏيون تبديليون وڏين پاليسين سان نه، پر ننڍڙين عادتن سان اينديون آهن؛ دروازي تي هڪ مرڪ، استاد جو همدرد لهجو، ٻار جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌڻ، سندس ڪاميابيءَ تي تاڙيون وڄائڻ ۽ ناڪاميءَ ۾ سندس هٿ جهلڻ—اهي سڀ اهڙا عمل آهن، جيڪي نصاب ۾ لکيل نه هوندا آهن، پر ٻار جي شخصيت تي هميشه لاءِ لکجي ويندا آهن.

اچو ته هن سال اسڪولن جي واپسي کي رڳو ڪلاسن جي شروعات نه بڻايون، پر ٻارن جي دلين ۾ اميد، اعتماد ۽ سکڻ جي شوق کي ٻيهر روشن ڪرڻ جو هڪ قومي تعليمي تحريڪ بڻايون.

ڇو ته تعليم جو پهريون سبق ڪتاب جي پهرين صفحي تي نه لکيل هوندو آهي؛ اهو استاد جي مرڪ، اسڪول جي ماحول ۽ ٻار جي دل ۾ جنم وٺندڙ ان احساس ۾ لڪل هوندو آهي، جيڪو کيس چوندو آهي:
“هي اسڪول منهنجو آهي، هتي منهنجا خواب محفوظ آهن.”

Photos from HUM Spelling Whizz's post 21/07/2026

Welcome to the Nido HUM Spelling Whizz family!

We’re delighted to welcome British Model High School – Dadu Campus as the final registered school from the Hyderabad region. 🎉

Best of luck to all the brilliant young spellers—we can’t wait to see you shine on the national stage!

Want your school to be the top-listed School/college in Dadu?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Telephone

Website

Address


Kalandar Abad Mohalla Opp. Police H. Q Dadu
Dadu
76200