پيارا والدين، السلام عليڪم
گذريل ڏهن مهينن دوران اسان کي توهان جي ٻارن جي سنڀال ڪرڻ جو مزو آيو. ايندڙ ٻن مهينن لاءِ، توهان انهن سان گڏ موڪلون گذاريندا. اچو ته هن دور کي انهن لاءِ ثمردار ۽ خوشيءَ وارو دور بنائڻ لاءِ ڪجهه تجويزون ونڊ ڪجن ٿيون .
1. ساڻن گهٽ ۾ گهٽ ٻه وقت ماني گڏ کائو ۽ کين هارين جي محنت جي اهميت سيکاريو ۽ کين چئو ته هو پنهنجو کاڌو ضايع نه ڪن.
2. انهن کي هر کاڌي کان پوءِ پنهنجون پليٽون ڌوئڻ ڏيو، ٻارن کي اهڙين سرگرمين مان محنت جو شرف حاصل ٿئي ٿو.
3. انھن کي اجازت ڏيو ته توھان کي رڌ پچا ء ۾ مدد ڪن . انهن کي پنهنجي سبزي ۽ سلاد ٺاهڻ ڏيو
4. هر روز انگريزي جا ٻه نوان لفظ سکو ۽ نوٽ بڪ ۾ لکو
5ـ پنهنجي ٻارن کي ڏاڏاڻن / ناناڻن سان ملائڻ لاء وٺي وڃو ـ انهن جي محبت ۽ لاڳاپو توهان جي ٻارن لاء تمام اھم آھي ۽ ان جا ڪجهه فوٽو بہ ڪڍي رکجو ـ
6- ٻارن کي پنهنجي ڊيوٽي واري ھنڌ بہ ھڪ ڏينهن وٺي وڃو تہ جيئن انهن کي خبر پوي تہ توھان سڄو ڏينهن ڪيتري سخت محنت ڪيو ٿا ـ
7- ٻارن کي گھر ۾ باغ باني ۽ وڻ پوکڻ ان جي سارسنڀال ڪرڻ بہ سيکاريو ۽ کين ان متعلق ڄاڻ بہ ڏيو
8- ٻارن سان پنهنجي ننڍپڻ جون ڳالهيون ۽ خاندان متعلق بہ ڄاڻ ڏيو
9. ٻارن کان گھر کان ٻاھر راندين لاء موڪليو ڀلي ننڍا ڌڪ يا رھڙون کائين ۽ درد جو احساس ٿئي ـ سڄو ڏينهن گھر ۽ صوفن تي وقت گذارڻ سان ھو سست ٿي ويندا
10- ٻارن کي جانور يا پکي پالڻ جي اجازت ڏيو
11ـ ٻارن کي ڪجهه لوڪ گيت بہ ياد ڪرايو
12ـ ٻارن کي تصويرن وارن ڪھاڻين جا ڪتاب ۽ وڏن ماڻھن جون سوانح عمريون پڙھايو
13- ٻارن کي موبائيل ـ ڪمپيوٽر ۽ ٽي وي کان پري رکو ـ ڇو ت انهيَ ڪمن لاء سڄي عمر پئي آهي
14- ٻارن کي مٺايون چاڪليٽ ۽ سموسا وغيره نہ کارائيندا
15. ٿي سگھي تہ ٻارن جي اکر سڌارڻ لاء ٻہ صفحا روز لکرايو
16- ٻارن جي اکين ۾ ڏسو ۽ خدا جو شڪر ادا ڪيو تہ ان توهان کي ڪھڙي وڏي نعمت سان نوازيو آھي
والدين جي حيثيت سان توهان تي لازم آهي تہ پنهنجو ڪجهه وقت ٻارن کي ڏيو ـ
مھرباني
گورنمينٽ اليمينٽري لوئر سيڪنڊري اسڪول پوليس هيڊ ڪوارٽر دادو
Govt. Boys Elementary School Police Head Quarter Dadu
We Nerture Future Leaders.
08/05/2024
9th May
31/01/2024
𝗥𝗘𝗦𝗨𝗟𝗧 𝗔𝗡𝗡𝗢𝗨𝗡𝗖𝗘𝗠𝗘𝗡𝗧 𝗗𝗔𝗬
Here are some glimpses of the Result distribution of the Terminal Exam, Congratulations to all of our students for their outstanding results. Thank you all the teachers for their untiring efforts.
سڀني والدين ۽ شاگردن کي اطلاع ٿو ڪجي ته سڀاڻي کان اسڪول معمول مطابق کليل رهندا
11/12/2023
Terminal Examination 2023-24
Paper 1 English
Activity Shapes identification Teacher : Miss Sahar Memon and Miss Saima Panhwar
Social studies activity
Activity: color identification
Teacher:Sir Asif chandio
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Website
Address
GBELSS Police Head Quarter Dadu
Dadu
Opening Hours
| Monday | 08:00 - 01:00 |
| Tuesday | 08:00 - 01:00 |
| Wednesday | 08:00 - 01:00 |
| Thursday | 08:00 - 01:00 |
| Friday | 08:00 - 00:00 |
| Saturday | 08:00 - 01:00 |