21/08/2020
ڊي ايڇ اي صُفه يونيورسٽي پاڪستان جي سڀ کان تيزي سان ترقي ڪندڙ ۽ بلندين کي ڇهندڙ ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ واقع هڪ پرائيويٽ يونيورسٽي آهي.جنهن جو بنياد 2012 ۾ رکيو ويو، جنهن ۾ جديد دور جا انجنيئرنگ، سائينس، ۽ مينجمنيٽ سائينسز جا شعبا خصُوصن مڪينيڪل، اليڪٽريڪل، ڪمپيوٽر سائينس، بزنس ايڊمينسٽريشن، انٽر نيشنل رليشن، ۽ انگلش ۾ بيچلر کان وٺي پي ايڇ ڊي تائين تعليمي سرگرميون جاري آهن. ڊي ايڇ اي صُفه يونيورسٽي HEC کان, ان جا انجنيئرنگ شعبا PEC کان ۽ ڪمپيوٽر سائينس شعبو NCEAC کان ۽ ٻيا شعبا لاڳاپيل ڪائونسلس کان تصديق شده آهن. ڊي ايڇ اي صُفه يونيورسٽي جي اٺن سالن جي ڪامياب ترين سفر ۾ ڪيتريون ئي قومي ۽ بين الاقوامي ڪاميابيون پنهجي ناءُ ڪيون آهن. جنهن ۾ بين الاقوامي يونيورسٽين سان لڳاپا جديد دور جي رسرچ ۽ انوويشن ۾ ملي ڪري ڪم ڪرڻ جا معائده ڪيا ويا آهن.
ڊي ايڇ اي صُفه يونيورسٽي پنهجي ڪاميابي جا قدم وڌائيندي ڊي ايڇ اي سٽي ڪراچي جيڪو سُپر هائي وي تي واقع آهي، اُتي هڪ نئين ڪئمپس جو بنياد رکندي سول انجنيئرنگ ۽ ڪمپيوٽر سائينس شعبي ۾ تعليمي سرگرمين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. جتي جديد دور جو انفراسٽرڪچر، ائير ڪنڊيشن ڪلاس رومس, مختلف لاڳاپيل تجربن لاءِ جديد ليبارٽريز، شاگردن لاءِ هاسٽل، انڊور آئوٽ ڊور گيمز ڪامپليڪس، ائير ڪنڊيشن ٽرانسپورٽ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي سهولتون پڻ موجود آهن. هن ڪئمپس جي اِها خاصيت آهي ته ڪئمپس جي چئو طرف هلندڙ پروجيڪٽس هن شعبي سان سڌي طرح لاڳاپيل آهن. جنهن جو شاگردن جي سکيا ۾ اهم ڪردار هوندو.
سنڌ جا اُهي شاگرد جيڪي پنهجو مستقبل سوِل انجنيئرنگ, انفارميشن ٽيڪنالاجي يا ڪمپيوٽر سائنس ۾ ٺاهڻ چاهن ٿا انهن لاءِ هي هڪ سنهروُ موقعو آهي ته هو اچيِ هن يونيورسٽي ۾ داخلا جي لاءِ اپلائي ڪن ڇو جو يونيورسٽي طرفان محدود سيٽون آفر ڪيون ويون آهن. مين ڪئمپس کان علاوه ڊي سي ڪي ڪئمپس ۾ ڪمپيوٽر سائينس جي شعبي ۾ محدود سيٽون آفر ڪيون ويون آهن.ان کان علاوه سول انجئيرنگ شعبي ۾ پھرين بيچ ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن لاءِ اسڪالرشپس, انٽرنشپس ۽ نوڪريون پڻ ڏنيون وينديون تنهن ڪري اڄ ئي يونيورسٽي جو داخلا فارم آن لائين ڀريندا.
هن پروگرام جي داخلائن جو اعلان ٿي چڪو آهي.
ڊي ايڇ اي صُفه يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ آن لائين فارم ڀريندا يا وڌيڪ رابطي لاءِ ايڊميشن آفيس يا هن نمبر تي رابطو ڪندا 03242444595
Online Admission. www.dsu.edu.pk.
08/11/2016
29/09/2016
29/09/2016
29/09/2016