IBA JESTs 2021-22, Sindh

IBA JESTs 2021-22, Sindh

Share

This page is about to promote education in Schools and to publicise events and academic activities.

17/08/2026

ڪٿي پيپلز پارٽي جي ليڊرشپ ڪينال وانگر سياست نه ٿي ڪري ته صوبو نٿو ٺهي جيئن ڪينال جي نالي چيو ويو

Photos from IBA JESTs 2021-22, Sindh's post 17/08/2026

📚 Stationery Distribution – 5th Phase

Abdul Karim & Aizaz Education Welfare continues its mission to support deserving students through its 5th Phase of Stationery Distribution.

📍 GBELS Mohammad Ali Burdi

We are committed to helping needy students so they can continue their education with dignity and confidence. ❤️📖

🤲 Support this noble cause through donation:

📱 EasyPaisa: 03353293093

Every contribution, big or small, can help a child in their educational journey.
Together, let’s invest in education and build a brighter future. 🌟

17/08/2026

مهينو کن اڳ جڏهن سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وفد جي لاهور ۾ واپڊا جي چيئرمين سان سندس وفد جي موجودگيءَ ۾ ڊگهي گڏجاڻي ٿي هئي تَ اتي چناب تي چئن ننڍن ڊيمن ٺاهڻ جي رٿا بِ ايجنڊا تي هئي. گريٽر چولستان رٿا ۾ چناب مٿان ٽن ڊيمن (مڏ رانجها، شاھ جيوڻا ۽ چنيوٽ) جو ذڪر هو. هاڻي ان ۾ چوٿون ڊيم وزير آباد وٽ شامل ڪيو ويو آهي. انهن چئني ڊيمن جو ڪل ذخيرو چار ملين ايڪڙ فوٽ کان ب سوايو آهي. ان رٿا جي پهرين مرحلي طور چنيوٽ ڊيم کي واپڊا پاران ميدان تي لاٿو پيو وڃي.
ان جو پي سي ون دستاويز بِ تيار ٿي چڪو آهي. اها رٿا هاڻي مختلف فورمن تي اچڻي آهي. ارسا، سي ڊي ڊبليو پي، ايڪنڪ تي اها رٿا پيش ٿيڻي آهي. سنڌ سرڪار کي پير جهلي ان رٿا کي ارسا ۽ ٻين فورمن تي روڪڻو پوندو. سنڌ جي آبپاشي کاتي ۽ ترقيات واري کاتي کي مڪمل تياريءَ سان فني بنيادن تي ۽ سنڌ سرڪار کي سياسي سطح تي ان رٿا کي رد ڪرائڻ جي ضرورت آهي. هي پراجيڪٽ، گريٽر چولستان رٿا جي پهري اهم قسط هوندي. جيڪڏهن جلالپور واھ جيان ان تي سرڪاري ۽ سياسي رد عمل ۾ ڍرائي ٿي ۽ ڪنهن طرح ان هڪ ڊيم تي اڳڀرائي ٿي وئي تَ پوءِ باقي ٽن ڊيمن لاءِ بِ رستو سنئون ٿي ويندو. سنڌ سرڪار کي قانوني پاسن کان ڏسڻ گهرجي تَ ڇا هن مرحلي تي ئي اهو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اٿارجي ۽ ان کي اتي ئي بريڪ لڳائجي يا وري شروعاتي فورمن تي ان کي رد ڪجي. سنڌ جي سياسي ڌرين کي ان معاملي تي سنڌ واسين جي اڳواڻي ۽ رهنمائي ڪرڻ گهرجي.

Photos from IBA JESTs 2021-22, Sindh's post 17/08/2026

📚 Stationery Distribution at GBLSS Rukanr ✨

As part of the 5th Phase of the stationery distribution initiative, Abdul Karim & Aizaz Education Welfare distributed essential stationery items among deserving and needy students of GBLSS Rukanr.

This initiative aims to support students in their educational journey and encourage them to continue their studies with confidence and hope. ❤️📖

🌱 Educate • Support • Empower

Photos from IBA JESTs 2021-22, Sindh's post 17/08/2026

🌟 5th Phase of Stationery Distribution – GBLSS Kamal Panhwar 🌟

Alhamdulillah! ❤️
Abdul Karim & Aizaz Education Welfare proudly continues its educational support initiative with the 5th Phase of Stationery Distribution.

Today, stationery was distributed among deserving and needy students of GBLSS Kamal Panhwar. 📚✏️🎒

This initiative is a small effort to support students in their educational journey and encourage them to continue learning with confidence.

Together, let’s support education and build a brighter future. 🌱📖

15/08/2026

جئي سنڌ جو استاد.. جئي گسٽا
میں سمجھتا ھی نھین تمھین مد مقابل اپنا.
تم تو فضول میں بنا پھرتا ھے مخالف ھمارا.
مانوارا ساٿيو اسلام عليڪم
جئين ته گسٽا سنڌ جي اليڪشن 15 جولائي تي نواب شاهه ۾ ٿي گذري شام جو جڏهن رزلٽ آئي ت اتحاد پينل 314 ووٽ کڻي ڪامياب قرار ڏنو ويو. 8 ڏينهن کان پوءِ چيئرمين اقبال احمد پنهور صاحب کي الھام ٿيو ته ووٽ خارج ڪري ٻنهي پينلن کي برابر ڪري ٽاس ڪئي وڃي. اھا سڄي ڊيل ب رياستي پنھورن وٺ ٿي. جيڪي پراڻي ياري ملھائين پيا.
ساٿيو. ن عيسا ن موسا بڙا پير پئسا.
ساٿيو مخالفن منهنجي پينل جي ھر ھڪ ساٿي سان ڳالھائي ڏٺو آهي ڪوششون ڪيون ويون آهن پر وريو ڪجهه ب ن اٿن. ۽ منهنجا ساٿي رڪ جي چڻن جيان وڄن ويٺا. ھاڻي ڪڏھن" سيو سنڌ" ت ڪڏھن مختلف گروپن تي ڪوڙيون خبرون ويٺا لکن. ڪي ت وري چريا ٿي ويا اٿن ۽ ڪي وري اڌ رات جو اٿي روئن ويٺا.
ساٿيو پاڻ ماضي ۾ ب جن سان بيٺل ھياسين انھن کي عزتون ڏنيون پر پاڻ وڏي جو ڪردار ادا ن ڪيائون ان جي برعڪس پنهنجي عھدي جو ھڪ طرفو استعمال ڪيائون. ھاڻي جي گسٽا تي ڏکيا ڏينهن ايندا تڏھن به انھن جي اعمالن جا ڪرتوت آهين.
ساٿيو پاڻ جتي بيٺل آهيون اتي ڄميا بيٺا آهيون. ن ڪڏھن وڪيا آهيون ۽ ن وڪامباسين. اسان جي ٺٺڻ جو فڪر ن ڪيو وڃي پنهنجيون صفون سڌيون ڪيو.
پاڻ اليڪشن کٽڻ جي باوجود به صبر کان ڪم وٺي رھيا آھيون.
ڪنهن ڏاھي جو قول آهي ت صبر ڪرڻ خانداني ھجڻ جي نشاني آهي. ڪنھن جي لاءِ گھٽ وڌ ڪو نه ٿا لکون يا ڳالھايون.
منھنجا سائين توهان اليڪشن ھارائڻ جي باوجود ب پنهنجا ميڊيا تي مفڪر ويھاري عظيم پيشي وارن تي ھلان ٿا ڪرايو حيف اٿو ادا.
ڪنھن ڏاھي جو قول آھي ت
چڱا ڪن چڱايون مدايون مدن
جو وڙ جڙي جن سين سي وڙ سوئي ڪن.
سائين منهنجا تنظيم کي بچائڻ جو اگر توھان کي فڪر آھي ت توهان کي ھمٿ ٿو ڏياريان ته اچو مون سان ٻيھر اليڪشن وڙھو. توهان مون کان کٽي وڃون توهان کي ھار پارائي مبارڪون ڏيندس. سائين توهان جي سوچ مطابق ته توهان پھرين ب اليڪشن کٽي ويا آهيو. ت پوءِ اليڪشن ڪرائڻ کان ڊرڄون ڇو ٿا. اگر ائين ب نٿا ڪيو ته پوءِ بھائپي جي صلاح ٿو ڏيانو ت سومر تي اچي چارج ڏيو سنڌ جو استاد توهان کي چڱو چوندو. ۽ توهان پنھجي وڏائپ جو ثبوت ڏيو. ان کان علاوه تاريخ ھميشه جوانن جي لکي ويندي آهي سازشون ڪندڙن جي ن لکبي آهي.
ساٿيو تازو جوائينٽ اسٽاڪ ڪمپني جي صوبائي اسسٽنٽ رجسٽرار پنهنجي آرڊر ۾ صاف اکرن سان لکيو آھي ت جلد کان جلد چارج اتحاد پينل جي حوالي ڪيو.۽ 15 جولائي واري رزلٽ کي بحال ڪجي ٿو . ان کان وڌيڪ توهان کي ڇا چوي. ھاڻ لڳي ٿو ت توھان ان کي ب ڪو ن مڃندو. ۽ چشمو لڳائي پوءِ انٽرويو ڏيندو.
منھنجا سائين اسان کي ﷲ پاڪ ۾ يقين آهي ته جيت اسان جي ٿي آھي ۽ اڳتي ب ٿيندي.
جس کا حامی ھو خدا اسے کون ذلت دیگا
عزتیں اس کی بیں جنهين عزت خدا دیگا
منظور احمد پنهور جنرل سيڪريٽري گسٽا سنڌ.

Photos from IBA JESTs 2021-22, Sindh's post 15/08/2026

📚 Stationery Distribution at GBPS Piyaro Goth ✏️

As part of our commitment to supporting education and encouraging deserving students, Abdul Karim & Aizaz Education Welfare distributed stationery among needy students at GBPS Piyaro Goth.

We are proud to play a small role in helping students continue their educational journey with confidence and enthusiasm. ❤️📖

✨ Education is the key to a brighter future.
🤝 Together, let’s support our children and strengthen education in our communities.

15/08/2026

سائين راشد شاه صاحب جي اڄوڪي وڊيو بيان تي اتحاد پينل طرفان جواب

سائين راشد شاه صاحب جي اڄوڪي وڊيو بيان ۾ هڪ ڳالهه يقيناً قابلِ تعريف آهي ته سائين ڳالهين ۽ ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جا حامي آهن. اتحاد پينل به ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته تنظيمي اختلافن جو بهترين حل دليل، ڳالهه ٻولهه، آئين ۽ قانون جي دائري اندر رهندي ئي ڪڍي سگهجي ٿو.

سائين جي هڪ ٻي مثبت ڳالهه اها آهي ته سائين **انڊسٽريز ڊپارٽمينٽ جي اهميت ۽ ان جي قانوني حيثيت کي تسليم ڪري ٿو. پر ساڳئي وقت سائين گسٽا جي اليڪشن ڪميشن کي به ”سرڪاري ادارو“ قرار ڏئي ٿو، جيڪا ڳالهه سمجهڻ کان ٻاهر آهي.

واضح رهي ته گسٽا اليڪشن ڪميشن گورنمينٽ آف سنڌ جو سرڪاري ادارو ناهي. اها گسٽا جي پنهنجي آئين تحت قائم ڪيل اندروني چونڊ ڪميشن آهي. ان جي برعڪس انڊسٽريز ڊپارٽمينٽ، گورنمينٽ آف سنڌ جو باقاعده سرڪاري کاتو آهي، جنهن وٽ رجسٽرڊ ٽريڊ يونين جي معاملن ۾ قانوني ۽ انتظامي اختيار موجود آهن.

جيڪڏهن گسٽا هڪ رجسٽرڊ ٽريڊ يونين جي حيثيت سان انڊسٽريز ڊپارٽمينٽ وٽ رجسٽرڊ آهي ته پوءِ تنظيم کي پنهنجي رجسٽريشن سان لاڳاپيل قانون، ضابطن ۽ لاڳو حڪمن جي پابندي ڪرڻي پوندي.

انڊسٽريز ڊپارٽمينٽ جي حڪم کي صرف خط و ڪتابت چوڻ درست ناهي

سائين راشد شاه صاحب جي بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته انڊسٽريز وارن صرف خط و ڪتابت ڪئي آهي.

سائين کي ادب سان گذارش آهي ته **انڊسٽريز ڊپارٽمينٽ جي آرڊر جي ڪاپي کي ٻيهر غور سان پڙهن.

اهو محض خط و ڪتابت ناهي، پر باقاعده حڪم آهي، جنهن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ووٽن جي ڳڻپ ۽ نتيجي کان پوءِ اپيل داخل ڪرڻ جو سوال پيدا نٿو ٿئي ۽ 15 جولاءِ تي ٿيل چونڊ جو نتيجو ئي قابلِ قبول نتيجو آهي.

تنهنڪري ان حڪم کي صرف ”خط و ڪتابت“ قرار ڏيڻ مناسب ناهي.

15 جولاءِ جو نتيجو ــ استادن جو مينڊيٽ

15 جولاءِ تي گسٽا جي چونڊ ٿي.

استادن پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪيا.

ووٽن جي ڳڻپ ڪئي وئي.

نتيجو سامهون آيو.

۽ اتحاد پينل کي هڪ ووٽ جي برتري سان ڪامياب قرار ڏنو ويو.

هي ڪنهن فرد يا پينل جي مرضي سان ٺاهيل نتيجو نه هو، پر استادن جي ڏنل ووٽن مان نڪتل جمهوري مينڊيٽ هو.

تنهنڪري جيڪڏهن اسان واقعي جمهوريت، ووٽ جي عزت ۽ استادن جي مينڊيٽ تي يقين رکون ٿا ته پوءِ سڀ کان پهرين استادن جي فيصلي جو احترام ڪرڻو پوندو.

جيڪڏهن انڊسٽريز ڊپارٽمينٽ جو حڪم به نه مڃيو وڃي؟

هتي هڪ اهم سوال پيدا ٿئي ٿو:

جيڪڏهن هڪ رجسٽرڊ تنظيم پنهنجي رجسٽريشن سان لاڳاپيل سرڪاري اختيار جي حڪم کي ئي تسليم نه ڪري ته پوءِ ان تنظيم جي قانوني ۽ انتظامي نظام جي حيثيت ڇا رهندي؟

سنڌ انڊسٽريل رليشنز ايڪٽ 2013 تحت رجسٽرار ٽريڊ يونين کي رجسٽريشن ۽ لاڳاپيل معاملن بابت قانوني اختيار حاصل آهن. قانون ۾ تنظيم جي آئين يا قانون جي خلاف ورزي جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي ۽ رجسٽريشن بابت به طريقيڪار موجود آهي.

تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن ڌر کي انڊسٽريز ڊپارٽمينٽ جي حڪم سان اختلاف آهي ته ان لاءِ قانوني فورم موجود آهن. حڪم کي پسند نه اچڻ ۽ حڪم کي قانوني طريقيڪار کانسواءِ نظرانداز ڪرڻ ٻه مختلف شيون آهن.

جيڪڏهن اعتراض آهي ته قانوني اپيل يا مناسب فورم سان رجوع ڪيو وڃي؛ پر جيستائين اهو حڪم ڪنهن بااختيار فورم طرفان معطل، تبديل يا رد نٿو ٿئي، تيستائين ان کي پنهنجي مرضي سان رد ڪرڻ جو سوال ضرور پيدا ٿيندو.

مسئلو هاڻي تمام سادو آهي

اسان جو موقف ڪنهن شخص خلاف ذاتي دشمني جو موقف ناهي.

اسان ڪنهن جي عزت گهٽائڻ نٿا چاهيون.

اسان جو مطالبو صرف ايترو آهي:

استادن جي ووٽن جو احترام ڪيو وڃي.

15 جولاءِ جي نتيجي کي تسليم ڪيو وڃي.

انڊسٽريز ڊپارٽمينٽ جي حڪم کي تسليم ڪيو وڃي.

۽ گسٽا کي وڌيڪ تڪرار، انتشار ۽ ٻن قيادتين جي صورتحال کان بچايو وڃي.

سائين راشد شاه صاحب جيڪڏهن واقعي ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ چاهين ٿا ته اتحاد پينل ان ڳالهه کي مثبت قدم سمجهي ٿو. پر ڳالهين جي شروعات به حقيقتن، استادن جي مينڊيٽ، تنظيم جي آئين ۽ سرڪاري حڪم کي تسليم ڪرڻ سان ٿيڻ گهرجي.

وڏي دل جو مظاهرو ڪيو وڃي

اسان سائين راشد شاه صاحب ۽ ساڻن گڏ سمورن دوستن کي انتهائي احترام سان گذارش ڪريون ٿا:

وڏي دل جو مظاهرو ڪريو.

استادن جي ڏنل ووٽن کي تسليم ڪريو.

15 جولاءِ جي نتيجي کي تسليم ڪريو.

انڊسٽريز ڊپارٽمينٽ جي حڪم کي تسليم ڪريو.

۽ جمهوريت پسندي جو عملي مظاهرو ڪندي **کٽيل گسٽا قيادت کي تسليم ڪري ڀليڪار چئو.

اهو ڪنهن هڪ پينل جي فتح يا ڪنهن ٻئي پينل جي شڪست نه هوندي، پر اهو استادن جي ووٽ جي فتح، جمهوريت جي فتح ۽ گسٽا جي اتحاد جي فتح هوندي.

اسان وري به چونداسين:

اختلاف آهن ته ڳالهين ذريعي حل ڪريو.

اعتراض آهن ته قانوني فورم تي پيش ڪريو.

پر استادن جي ڏنل مينڊيٽ کي نظرانداز نه ڪريو.

جمهوريت جو بنيادي اصول ئي اهو آهي:

"فيصلو ووٽ جو، احترام مينڊيٽ جو، عمل آئين جو ۽ پاسداري قانون جي."

اتحاد پينل هر اهڙي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي، جيڪا استادن جي ووٽ، گسٽا جي آئين، انڊسٽريز ڊپارٽمينٽ جي حڪم ۽ قانون جي احترام سان اڳتي وڌي.

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ذاتي انا، ضد ۽ گروهي اختلافن کان مٿي ٿي، استادن جي فيصلي کي تسليم ڪيو وڃي ۽ گسٽا کي ٻيهر اتحاد، وقار ۽ جمهوريت جي رستي تي آندو وڃي.

استادن جو مينڊيٽ ئي اسان جي طاقت آهي،
قانون جي بالادستي ئي اسان جو رستو آهي،
۽ گسٽا جو اتحاد ئي اسان جو مقصد آهي.

عبدالغني ڪوريجو
جنرل سيڪريٽري
گسٽا ڪراچي ڊويزن

Photos from IBA JESTs 2021-22, Sindh's post 14/08/2026

📚 Stationery Distribution Drive – 5th Phase ✏️

Abdul Karim & Aizaz Education Welfare proudly continued its 5th Phase of Stationery Distribution at GBLSS Piyaro Khan Arain.

Our aim is to support deserving students and encourage them to continue their education with confidence and enthusiasm. ❤️📖

We are grateful to the school administration, teachers, volunteers, and everyone who supports this educational initiative.

Education is the strongest investment in our children’s future. 🌟

Photos from IBA JESTs 2021-22, Sindh's post 13/08/2026

اڄوڪي سنڌ بار ڪائونسل جي فل ھائوس اجلاس ۾ سنڌ بار ڪائونسل جو سنڌ جي تقسيم خلاف متفقه فيصلو!
سنڌ هڪ هئي، هڪ آهي ۽ هڪ رهندي:
پاڪستان بار ڪائونسل جي قرارداد نمبر 2 رد،
سنڌ جي ورهاست ناقابل قبول

Want your school to be the top-listed School/college in Dadu?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Website

Address


Dadu City
Dadu