27/10/2022
آسٽريليا ۾ هنڊائي ڪمپني پهري هائيڊروجن تي هلندڙ ڪار، مارڪيٽ ۾ عام ماڻهو لاءِ آندي آهي.. هي ساڳي هائيڊروجن ٽيڪنالوجي تي هلندڙ ڪار آهي جنھن لاءِ Agha Waqar Agha Waqar سالن کان دانهن ڪندو رهيو آهي. هنڊائي ڪمپني اِن ساڳي فارمولي ۾ ٿوري تبديلي ڪري هائيڊروجن فيول سيل تحت ڪار ۾ بجلي تي هلندڙ انجڻ ۽ جنريٽر رکيو آهي، جيڪو هائيڊروجن گيس تي هلندو ۽ بجلي تيار ڪري، بجلي واري ڪار جي انجڻ کي ڏيندو، جيڪو ڪار کي هلائيندو. پاڻي مان هائيڊروجن کي حاصل ڪرڻ لاءِ آسٽريليا سرڪار ملڪ ۾ سي اين جي وانگر هائيڊروجن گيس اسٽيشن کوليون آهن، جتي پاڻي مان هائيڊروجن ڪشيد ڪري سلينڊرن ۾ ڀري ويندي، جتان وري ڪار ۾ موجود سلينڊر ۾ ڀربي ۽ هڪ سلينڊر تي ڪار 900 ڪلوميٽر مفاصلو طئي ڪندي.. ڪار ۾ وڏي بيٽري پڻ رکي وئي آهي ته اگر ڪار ڪٿي بريڪ لڳائي ته ڪار جو جنريٽر بجلي تي ڪار ۾ موجود بيٽري کي چارج ڪندو رهندو، جنهن تي پڻ ڪار ڪافي وڏو مفاصلو هلي سگهي ٿي.
اسان چوتيا ماڻهو رڳو پنهنجي هيروز مٿان ٽوڪ ٺٺول ڪري، عربن، افغان، ترخانن، سکن ۽ ترڪن کي هيرو بڻائي پنهنجي منهن تي تئو مليندا آهيون!