هڪ آواز هڪ مطالبو
*سروس اسٽرڪچر آ حق* اسان جو ۔۔
United IBA teachers Dadu
Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from United IBA teachers Dadu, Education, Dadu.
This platform is built for every IBA teacher:
• To speak without fear
• To stand with dignity
• To feel the strength of unity
This is our space, our identity, our strength.
🌹 **سڀني معزز استاد دوستن کي هن ڪامياب شروعات تي دل جي گهراين سان مبارڪون!** 🌹
**ماشاءَالله!** اڄ **پرائمري استادن جي سروس اسٽرڪچر لاءِ جدوجهد** جي شروعات ٿي چڪي آهي، ۽ پهرين ئي ڏينهن تي استادن جي ڀرپور شرڪت، جوش ۽ جذبي قابلِ تحسين رهيا.
اسان **United IBA Teachers Platform، سنڌ استاد اتحاد جي اتحاد ۽ سهڪار سان**، انهن سمورن معزز استاد دوستن جا دل جي گهراين سان ٿورائتا آهيون، جن پنهنجي قيمتي وقت ۽ توانائي ڪڍي اڄ جي **پرامن احتجاج** ۾ شرڪت ڪئي ۽ هن جائز جدوجهد جو حصو بڻيا.
اوهان جي **شرڪت، وقت، محنت ۽ جذبي** کي هميشه قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. ❤️
هي صرف هڪ احتجاج نه، پر **هڪ وڏي ۽ مرحليوار جدوجهد جي شروعات** آهي.
**اڄ دادو کان آواز اٿيو آهي، ان شاءَالله هي آواز پوري سنڌ تائين پهچندو** ۽ هزارين پرائمري استاد پنهنجي جائز حق، **سروس اسٽرڪچر ۽ بهتر پيشيواڻي مستقبل** لاءِ متحد ٿيندا.
**هي ته صرف شروعات آهي، اصل جدوجهد اڃا باقي آهي!** ✊
# # # **استاد متحد — حق مضبوط!**
# # # **United IBA Teachers Platform 🤝 سنڌ استاد اتحاد**
السلام عليڪم،
*سڀني باشعور معزز استادن کي سروس اسٽرڪچر لاءِ سڏايل احتجاج جي سلسلي ۾ سڀاڻي بروز آچر، صبح ڏھ بجہ، ايريگيشن پارڪ سامھون ڊي سي ھائوس دادو ۾ گڏ ٿي ريلي جي صورت ۾ پريس ڪلب دادو آڏو احتجاج جي لاءِ عرض رکجي ٿو،* `ڇو ته سروس اسٽرڪچر ڪنھن ھڪ استاد جو نه، بلڪه سڀني پرائمري استادن جو گڏيل مسئلو آھي.`
12/08/2026
Call for Protest...
Call for our Rights....
Call for Our Recognition....
Call for our Respect...
Call for Service Structure
محمد ھاشم لغاري ( ڪور ڪميٽي ميمبر)
We Want
Recognition & Respect (RRR)”
يونائيٽيڊ IBA ٽيچرس پليٽفارم — استادن جي آواز، استادن جي سڃاڻپ
جاويد علي چانڊيو ( ڪور ڪميٽي ميمبر)
We Want
Recognition & Respect (RRR)”
يونائيٽيڊ IBA ٽيچرس پليٽفارم — استادن جي آواز، استادن جي سڃاڻپ
12/08/2026
پريس رليز
تاريخ: 09 آگسٽ 2026
سنڌ ۾ پرائمري استادن جي سروس اسٽرڪچر جي حصول لاءِ نئين جدوجهد جي شروعات ٿي چڪي آهي، جنهن سلسلي ۾ نئين پليٽفارم “سنڌ استاد اتحاد” جي ابتدائي ميٽنگ منعقد ڪئي وئي.
دادوءَ جي محنتي ۽ سرگرم استاد سائين ساجد حسين مستوئي صاحب جي دعوت تي يونائيٽيڊ IBA ٽيچرس پليٽفارم جي ڪور ۽ ورڪنگ ڪاميٽي ميمبرن اتحاد ۽ حمايت جي جذبي تحت متفقه طور هن اهم ميٽنگ ۾ شرڪت ڪئي.
ميٽنگ دوران پرائمري استادن جي سروس اسٽرڪچر جي حصول لاءِ گڏيل حڪمت عملي تي غور ويچار ڪيو ويو، جنهن تحت اهم فيصلو ڪيو ويو ته 16 آگسٽ 2026 بروز آچر تي پريس ڪلب دادو اڳيان ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.
ان سان گڏ اهو پڻ طئي ڪيو ويو ته دادو ضلعي جا سڀ پرائمري استاد گڏيل طور وزيراعليٰ سنڌ، وزير تعليم سنڌ ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري کي سروس اسٽرڪچر جي نوٽيفڪيشن لاءِ باقاعده خط لکندا.
ميٽنگ ۾ اهو پڻ واضح ڪيو ويو ته جيڪڏهن ان جي باوجود به پرائمري استادن کي سندن جائز سروس اسٽرڪچر نه ڏنو ويو ته آخري مرحلي ۾ سڄي سنڌ جا پرائمري استاد گڏجي بلاول هائوس ڏانهن مارچ ڪندا.
يونائيٽيڊ IBA ٽيچرس پليٽفارم واضح ڪري ٿو ته هي اتحاد صرف ۽ صرف سروس اسٽرڪچر جي حصول لاءِ گڏيل جدوجهد آهي. پليٽفارم پنهنجي بنيادي منشور، سڃاڻپ ۽ طئي ڪيل منزل ڏانهن پنهنجو سفر اڳي وانگر جاري رکندو.
“Rights, Recognition & Respect (RRR)”
يونائيٽيڊ IBA ٽيچرس پليٽفارم — استادن جي آواز، استادن جي سڃاڻپ
پريس رليز
تاريخ: 20 جولاءِ 2026ع
يونائيٽيڊ IBA ٽيچرس پليٽفارم جي ڪور ڪاميٽي ميمبر جاويد احمد چانڊيو ۽ (GBPS Pechuha) جي ھيڊ ماستر ۽ IBA استاد سائين منور علي جي اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ (SSB) جي فنڊز ۾ مبينا طور تي مشڪوڪ انداز ۾ مس ميپنگ (Mismapping) ٿيڻ جو معاملو سامهون آيو.
ان سلسلي ۾ پليٽفارم پاران مقرر قانوني طريقڪار (Due Process) تحت پوئيواري ڪندي *ٽريزري آفيس جي آڊيٽر* سان اهم ملاقات ڪئي وئي، جنهن دوران خدشن جو تفصيلي اظهار ڪيو ويو. آڊيٽر پاران معاملي جي منصفاڻي ۽ شفاف حل جي يقين دهاني ڪرائي وئي.
ٻئي طرف، *سينيارٽي لسٽ* بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ *يونائيٽيڊ IBA پليٽفارم جي ميمبرن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري)* جي آفيس جو دورو ڪيو. جتي معلوم ٿيو ته ڪيترن استادن طرفان اڃا تائين پنهنجي پروفيشنل ڊيٽا فراهم نه ڪئي وئي آهي.
اختيارين پاران آگاهي ڏني وئي ته جولاءِ جي آخر تائين عارضي (Tentative) سينيارٽي لسٽ جاري ڪئي ويندي، جنهن کان پوءِ بارڪوڊ جي عمل جي شروعات ڪئي ويندي.
يونائيٽيڊ IBA ٽيچرس پليٽفارم استادن کي اپيل ڪري ٿو ته هو پنهنجو گهربل ڊيٽا بروقت جمع ڪرائن ته جيئن سينيارٽي لسٽ جي تياري ۾ وڌيڪ دير نه ٿئي.
آخر ۾:
استادن کي گهرجي ته هو ڪنهن به قسم جي مايوسيءَ جو شڪار نه ٿين. مسئلا حل طلب ضرور آهن، پر گڏيل شعور، صبر ۽ مثبت جدوجهد سان انهن جو حل ممڪن آهي. يونائيٽيڊ IBA پليٽفارم هميشه وانگر استادن جي جائز حقن لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪندو رهندو.
*“اتحاد، شعور ۽ جدوجهد — ڪاميابي جو رستو”*
خير انديش:
يونائيٽيڊ IBA پليٽفارم
https://chat.whatsapp.com/GZhWs38gOobEfoOrojnnGg?s=cl&p=a&ilr=4&amv=1
https://www.facebook.com/share/18v9LNM6zn/
29/06/2026
Press Release
29/06/2026
27/05/2026
🌙✨ عيد الاضحيٰ مبارڪ ✨🌙
عيد الاضحيٰ رڳو جانورن جي قرباني جو ڏينهن ناهي،
پر پنهنجي خواهشن، انا ۽ اختلافن کي قربان ڪرڻ جو پيغام به ڏئي ٿي۔
استاد اهي عظيم ماڻهو آهن،
جيڪي خاموشيءَ سان پنهنجي سک، وقت ۽ خواهشن جي قرباني ڏئي
قوم جي ايندڙ نسلن کي سنوارين ٿا۔
📚✍️
”استاد علم جا روشن ڏيئا آهن، جيڪي اونداھيءَ ۾ به اميد جي روشني ڦهلائن ٿا.“
هن بابرڪت ڏينهن تي اچو ته عهد ڪريون:
🤝 پاڻ ۾ اتحاد مضبوط ڪنداسين
🌹 هڪ ٻئي کي عزت ۽ قدر ڏينداسين
🤝 ڀائپي، محبت ۽ ساٿ کي وڌائينداسين.
جڏهن استاد گڏ هوندا آهن،
ته نه صرف پنهنجا حق حاصل ڪندا آهن،
پر هڪ مضبوط، باشعور ۽ ترقي يافته قوم به ٺاهيندا آهن۔
🌙 سڀني قابلِ احترام ۽ معزز استادن کي دل سان عيد مبارڪ 🌙
— 𝐔ɴɪᴛᴇᴅ 𝐈𝐁𝐀 𝐓ᴇᴀᴄʜᴇʀ𝐬 𝐏ʟᴀᴛғᴏʀᴍ
chat.whatsapp.com/GZhWs38gOobEfoOrojnnGg
Click here to claim your Sponsored Listing.
Location
Category
Website
Address
Dadu