22/06/2024
هي آهي محترم جناب، علي جلباڻيِ، جيڪو ٽلٽي فيڊر تي واپڊا ڀان جي طرفان هڪ پرائيويٽ رکيل ملازم آهي.. هن جو ڳوٺ پنھور جي بجلي ڪٽڻ جو ٺيڪو مليل آ ، چئي ٿو بجلي جا بل به پيارو ۽ خرچي به ڪرايو، بل ۽ خرچي ملڻ کان پوء به ڳوٺ پنھورجي بجلي بند آ ، واپڊا قانون موجب اگر ڪو به هڪ صارف بجلي جو بل پياري ٿو ته ڪنهن به صورت ۾ ان کي بجلي فراهم ڪئي وڃي، پر افسوس ڳوٺ پنھور جيڪو ٽلٽي فيڊر تي ريڪارڊ موجب ٽاپ 5 نمبر تي بل پيڊ ڪري ٿو پر بجلي نٿي ڏني وڃي. اسانجي واپڊا حيسڪو جي ٽيم کي گزارش آ ته جلد هن مسئلي جو نوٽيس ورتو وڃي