Govt:Integrated Primary School Abdul Karim Kathai "Dal"

Govt:Integrated Primary School Abdul Karim Kathai "Dal"

Share

Education

Photos from Govt:Integrated Primary School Abdul Karim Kathai "Dal" 's post 25/05/2026

اڄ انتهائي پياري، هر ڪنهن سان مرڪي ملندڙ، معزز ۽ جفاڪش استاد سر غلام رسول دل جو جنم ڏينهن آهي.

سر غلام رسول دل گذريل 14،15 سالن کان GBPS عبدالڪريم ڪاٺائي (دل) تي پنهنجي علم، محنت ۽ اخلاص سان شاگردن جي بهترين تربيت ڪري رهيا آهن۔ سندن نرم مزاجي، اخلاق ۽ محنت سبب نه صرف شاگرد پر سمورو علائقو کين عزت ۽ محبت جي نگاهه سان ڏسي ٿو۔

دعا آهي ته الله پاڪ سر کي هميشه صحتياب، خوشحال ۽ ڪامياب رکي، ۽ سندن علم جي روشني هميشه نسلن کي روشن ڪندي رهي۔

هيپي برٿ ڊي سر غلام رسول دل!
الله پاڪ اوهان جي زندگي خوشين، عزتن ۽ ڪاميابين سان ڀري ڇڏي.
آمين

Photos from Govt:Integrated Primary School Abdul Karim Kathai "Dal" 's post 03/05/2026
Photos from Govt:Integrated Primary School Abdul Karim Kathai "Dal" 's post 01/05/2026

تاريخ 30-04-2026 تي گورنمينٽ انٽيگريٽيڊ پرائمري اسڪول عبدالڪريم ڪاٺائي (دل)، تعلقو ٽنڊو باگو ضلع بدين ۾ هر سال جيان هن سال به شاگردن جي حوصلا افزائي ۽ سندن تعليمي ڪاميابين کي ملهائڻ لاءِ هڪ شاندار، باوقار ۽ يادگار تقريب منعقد ڪئي وئي.

تقريب جو آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪيو ويو.
ان موقعي تي سالياني امتحانن جا نتيجا پڻ پڌرا ڪيا ويا، جتي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سندن محنت، لگن ۽ قابليت جي اعتراف طور مختلف قسمن جا انعام پيش ڪيا ويا.

انعامن ۾ شيلڊون، گولڊ ميڊل، ٽرافيون ۽ ٻيا ڪيترائي خوبصورت انعام شامل هئا، جڏهن ته پنجون ڪلاس ڪاميابي سان پاس ڪندڙ شاگردن کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا. ان لمحي شاگردن جي چهري تي خوشي، جذبو ۽ اعتماد صاف نظر اچي رهيو هو.

هن تقريب ۾ اسڪول جو هيڊ ماسٽر غلام رسول دل، سائين تارا چند ڪولھي، سائين حبيبﷲ ڀرڳڙي۽ سماجي سڌارڪ شخصيتن، والدين ۽ ٻين معزز مهمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سڀني مهمانن شاگردن جي حوصلا افزائي لاءِ خطاب پڻ ڪيا ۽ ٻارن کي تعليم جي اهميت، محنت ۽ سٺن اخلاقن سان زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ بابت قيمتي نصيحتون ڏنيون.

تقريب جو مقصد صرف انعام ورهائڻ نه، پر شاگردن ۾ نئون جوش، اعتماد ۽ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ هو. اهڙيون تقريبون شاگردن جي ذهني واڌ ويجهه، اعتماد ۽ تعليمي دلچسپي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون.

آخر ۾ دعا ڪئي وئي ته الله پاڪ سڀني شاگردن کي علم جي دولت سان مالا مال ڪري، سندن مستقبل روشن بڻائي ۽ کين زندگيءَ جي هر ميدان ۾ ڪاميابي عطا فرمائي.

انتظاميه: گورنمينٽ انٽيگريٽيڊ پرائمري اسڪول عبدالڪريم ڪاٺائي(دل).

Photos from Govt:Integrated Primary School Abdul Karim Kathai "Dal" 's post 24/04/2026

"جيڪو ڏئي علم جي روشني، سو ئي سچو رهنما،
جنهن جا قدم خدمت ۾، تنهن جو نالو هميشه امر ٿيا.
دلين ۾ محبت جا ڏيئا ٻاري ويو،
انسانيت کي عزت جو درس سيکاري ويو.
نه رڳو لفظن ۾، پر عمل ۾ مثال بڻيو،
هر دل ۾ پنهنجي نيڪين سان جاءِ ڪري ويو."

اڄ اسان سڀني لاءِ وڏي خوشيءَ جو ڏينهن آهي، ڇو ته، گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالڪريم ڪاٺائي دل جي باني،
محترم وڪيل عبدالڪريم دل صاحب جو جنم ڏينهن آهي.
وڪيل عبدالڪريم دل صاحب جون بيشمار ڪوششون، تعليم ۽ سماجي ڀلائي لاءِ سندن جدوجهد، ۽ ماڻهن جي خدمت لاءِ سندن جذبو هميشه اسان لاءِ مشعلِ راهه رهيو آهي.

الله پاڪ کين صحت، خوشحالي ۽ ڊگهي عمر عطا فرمائي،
۽ سندن خدمتن جو سفر هميشه جاري رهي.
جنم ڏينهن جون دل سان واڌايون!🎂

21/04/2026

انتهائي افسوس😭 😭

گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالڪريم ڪاٺائي دل مان پرائمري مڪمل ڪندڙ انتهائي ذهين شاگرد جيڪو هن وقت گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول کوسڪي ۾ ٻارهين ڪلاس جو شاگرد هو، جيڪو اڄ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو آهي.
جنھن جي جنازي نماز اڄ 2026-04-21 شام 6 بجي ڳوٺ احمد ڪاٺائي (دل) لڳ کوسڪي باء پاس ۾ ادا ڪئي ويندي.

Photos from Govt:Integrated Primary School Abdul Karim Kathai "Dal" 's post 04/04/2026

تعليم انسان جي زندگيءَ جو بنياد آهي، ۽ استاد ان بنياد جا معمار هوندا آهن.

اڄ GBPS موليڏو خاصخيلي ۾ تعليم کاتي جا ٻن معزز ۽ محنتي استاد، سائين محمد عمر ڀرڳڙي صاحب ۽ سائين محمد رمضان جوڻيجو صاحب جي ريٽائرمينٽ جي موقعي تي هڪ پروقار الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ سندن خدمتن کي ڀرپور انداز ۾ ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

سائين محمد عمر ڀرڳڙي صاحب خاص طور GBPS عبدالڪريم ڪاٺائي دل تي 17 سالن تائين پنهنجي ذميواريون نهايت ايمانداري، لگن ۽ محبت سان نڀايون. سندن تعليم ۽ تربيت جي نتيجي ۾ ڳوٺ جا ڪيترائي شاگرد اڄ مختلف اهم عهدن تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي عزت سان رٽائر پڻ ٿي چڪا آهن. اهو سندن محنت، اخلاص ۽ سچي جذبي جو زنده مثال آهي.

اسان سڀ سائين محمد عمر ڀرڳڙي صاحب ۽ سائين محمد رمضان جوڻيجو صاحب جي بي لوث خدمتن کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ سندن لاءِ دل جي گهراين سان دعاگو آهيون ته الله پاڪ کين صحت، سڪون ۽ خوشحالي سان ڀرپور زندگي عطا فرمائي.

🥀 اوهان جي خدمتن کي سلام، اوهان اسان جو فخر آهيو🥀

Photos from Govt:Integrated Primary School Abdul Karim Kathai "Dal" 's post 09/03/2026

-26
Last paper

Photos from Govt:Integrated Primary School Abdul Karim Kathai "Dal" 's post 02/03/2026

2025-26
Abdul Karim Kathai (Dal)
401040295
Class Four & Five
Paper English
Date 02 March 2026

ساليانه امتحان اڄ کان شروع ٿي چڪا آهن. هن اسڪولي پيج جي ذريعي سڀني والدين کي اطلاع ڪجي ٿو ته پنهنجن ٻارن کي وقت جي پابندي سان هرزوز امتحاني سينٽر CLUSTER اسڪول GBPS عبدالڪريم ڪاٺائي دل تي موڪليندا ڪريو ۽ پنهنجن ٻارن کي امتحان جي لاءِ هيٺيان گهربل شيون لازمي مهيا ڪيون وڃن.
1. Answers Sheet
2. Pointer Pens Blue / Black
3. Clip Board
4. Scale
5. Colours
#نوٽ
جيئن ته توهان جا ٻار صحيح نموني سان ساليانه پيپر حل ڪري سگهن.

Photos from Govt:Integrated Primary School Abdul Karim Kathai "Dal" 's post 25/02/2026

Meeting about Annual Examination 2025-26

Photos from Govt:Integrated Primary School Abdul Karim Kathai "Dal" 's post 12/01/2026

سائين Tarachand Kolhi کي جنم ڏينهن جون لک لک مبارڪون🥀🎁🎉🥀

Want your school to be the top-listed School/college in Badin?

Click here to claim your Sponsored Listing.

Location

Category

Address


Village Ahmed Kathai
Badin