GBLSS Haji Qasim Abro

GBLSS Haji Qasim Abro Our motive is to provide quality education, to the children under the best possible environments.

This page is for sharing activities, official announcements, and many more related to study for the feasibility of both students and their parents.

تاريخ: 08 سيپٽمبر 2026عگورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول حاجي قاسم ابڙو ۾ فائر سيفٽي ۽ هنگامي صورتحال بابت آگاهي سيشناسڪ...
08/09/2026

تاريخ: 08 سيپٽمبر 2026ع

گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول حاجي قاسم ابڙو ۾ فائر سيفٽي ۽ هنگامي صورتحال بابت آگاهي سيشن

اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ (SE&LD)، حڪومتِ سنڌ جي هدايتن (ليٽر نمبر: SO(GA)SE&LD/Safety-Measures/2026) ۽ ضلعي تعليمي آفيسر (ES&HS) بدين طرفان جاري ڪيل حفاظتي هدايتن جي تعميل ۾، گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول (GBLSS) حاجي قاسم ابڙو، تعلقو بدين ۾ فائر سيفٽي ۽ هنگامي صورتحال بابت آگاهي ۽ ايمرجنسي سامان جي ڄاڻ تي هڪ اهم سيشن ڪاميابيءَ سان منعقد ڪيو ويو.

هي آگاهي پروگرام ضلعي هيڊ ريسڪيو 1122 بدين، جناب عبدالمنان جي اڳواڻيءَ ۾ سندس ماهر آپريشنل ٽيم پاران منعقد ڪيو ويو، جيڪو اسڪول انتظاميا طرفان موڪليل درخواست جي جواب ۾ اسڪول جو دورو ڪري منعقد ڪيو ويو.

سيشن جون اهم جھلڪيون

🔹 اسڪول جي گڏيل اسيمبلي:
سيشن اسڪول جي مک اسيمبلي گرائونڊ ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سمورن شاگردن، تدريسي عملي ۽ غير تدريسي عملي شرڪت ڪئي.

🔹 ايمرجنسي سامان ۽ اوزارن جو عملي مظاهرو:
ريسڪيو 1122 جي ٽيم مختلف اهم هنگامي اوزارن، حفاظتي سامان ۽ فائر سيفٽي آلات جو مظاهرو ڪيو ۽ انهن جي عملي استعمال بابت شاگردن ۽ عملي کي آگاهي ڏني.

🔹 باهه کان بچاءَ ۽ حفاظتي تدبيرون:
باهه کان بچاءَ جي طريقن، فائر سيفٽي اوزارن جي محفوظ استعمال ۽ اسڪول جي احاطي ۾ موجود امڪاني خطرن جي سڃاڻپ بابت تفصيلي زباني ۽ عملي هدايتون ڏنيون ويون.

🔹 هنگامي صورتحال ۾ حفاظتي طريقا:
شاگردن ۽ عملي کي هنگامي حالت ۾ محفوظ طريقي سان اسڪول خالي ڪرڻ (Emergency Evacuation)، عام حفاظتي اصولن ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي دوران بنيادي حفاظتي قدمن بابت آگاهي ڏني وئي.

اظهارِ تشڪر

گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول حاجي قاسم ابڙو جي انتظاميا طرفان جناب عبدالمنان، ضلعي هيڊ ريسڪيو 1122 بدين ۽ سندس محنتي ٽيم جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃيا وڃن ٿا، جن اسڪول جو دورو ڪري اهم هنگامي سامان جو عملي مظاهرو ڪيو ۽ شاگردن توڙي اسڪول عملي ۾ حفاظتي شعور اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

هيڊماستر
گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول حاجي قاسم ابڙو
تعلقو ۽ ضلعو بدين


🌹 جشنِ عيد ميلادالنبي ﷺ مبارڪ هجي 🌹جَکري جِهو جُوانُ، ڏِسان ڪونَ ڏيھَ ۾؛مُھَڙُ مِڙَني مُرۡسَلِين، سَرسُ سَندسِ شانُ؛”فَڪ...
28/08/2026

🌹 جشنِ عيد ميلادالنبي ﷺ مبارڪ هجي 🌹

جَکري جِهو جُوانُ، ڏِسان ڪونَ ڏيھَ ۾؛
مُھَڙُ مِڙَني مُرۡسَلِين، سَرسُ سَندسِ شانُ؛
”فَڪَانَ قَابَ قَوۡسَيۡنِ اَوۡ اَدۡنَىٰ“، اِيُ مُيسَرُ ٿِيُسِ مَڪانُ؛
اِيُ آگي جو اِحسانُ، جَنھِن ھادِي ميڙِيُمِ ھَھِڙو.

💚 صَلَّى اللّٰهُ عَلَيْهِ وَآلِهِ وَسَلَّمَ 💚

گورنمينٽ هاءِ اسڪول حاجي قاسم ابڙو ۾ جشنِ عيد ميلادالنبي ﷺ جي سلسلي ۾ هڪ نهايت ئي پروقار ۽ روح پرور تقريب منعقد ڪئي وئي.

تقريب ۾ مهمانِ خاص جناب عبدالفتاح جوڻيجو صاحب، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري بدين شرڪت فرمائي. ان سان گڏ هيڊ ماستر لياقت علي پنھور، گسٽا اڳواڻ بدين ڪاشف قادر ميمڻ، آفتاب خاصخيلي، سڪندر گاڏاھي ۽ اسڪول جي معزز اسٽاف شرڪت ڪئي.

تقريب دوران شاگردن پاران تقريرون، سهڻا اشعار ۽ نعتِ رسولِ مقبول ﷺ پيش ڪيا ويا، جن سان محفل جو ماحول عشقِ رسول ﷺ سان معطر ٿي ويو. محفل ۾ درودِ شريف جو ورد پڻ جاري ۽ ساري رهيو.

مهمانن ۽ استادن پاران شاگردن جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو ۽ کين سيرتِ طيبه ﷺ، محبت، اخلاق، علم ۽ انسانيت جي راهه تي هلڻ جي تلقين ڪئي وئي.

🌹 اچو ته پاڻ به نبي ڪريم ﷺ جي تعليمات کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايون. 🌹

جشنِ عيد ميلادالنبي ﷺ سڀني مسلمانن کي لک لک مبارڪون.

#عيدميلادالنبيﷺ



🎉 GBHS حاجي قاسم ابڙو جي شاندار ڪاميابي 🎉اسان کي اها ڳالهه ٻڌائيندي بيحد خوشي ٿي رهي آهي ته گورنمينٽ هاءِ اسڪول حاجي قاس...
18/08/2026

🎉 GBHS حاجي قاسم ابڙو جي شاندار ڪاميابي 🎉
اسان کي اها ڳالهه ٻڌائيندي بيحد خوشي ٿي رهي آهي ته گورنمينٽ هاءِ اسڪول حاجي قاسم ابڙو جي شاگردن ايس ايس سي پارٽ-II سالياني امتحانن (BISE حيدرآباد) 2025–26 ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي!
اسان جي شاگردن جي اڻٿڪ محنت جي ۽ استادن جي رهنمائيءَ جي بئدولت اسڪول جو مجموعي نتيجو 98.18% رهيو.
📊 نتيجي جو خلاصو
* ڪل شاگرد: 56 (امتحان ۾ ويٺل: 55 | غيرحاضر: 01)
* ڪل پاس: 54 شاگرد
* پاسنگ تناسب: 98.18%
گريڊ وائيز نتيجو:
* A1 گريڊ: 05 شاگرد 🌟
* A گريڊ: 30 شاگرد 🥇
* B گريڊ: 16 شاگرد 🥈
* C گريڊ: 03 شاگرد 🥉
* فيل: 01 شاگرد
🏆 ٽاپ اسڪورر / شاندار پوزيشن
* ٽاپ مارڪس: 893
* رول نمبر: 145789
اسان جي ٽاپ اسڪورر کي سندس شاندار ڪاميابيءَ تي لک لک مبارڪون!
اسان سڀني ڪامياب شاگردن، سندن والدين ۽ محنتي استادن کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد پيش ڪيون ٿا. الله تعالى اسان جي شاگردن کي مستقبل ۾ به اهڙيون ڪاميابيون عطا فرمائي. 💐👏

🎉 سالگرهه جون واڌايون — سائين فياض جمالي 🎉اڄ اسان جي اسڪول جي بااخلاق، محنتي ۽ ذميوار استاد سائين فياض جمالي صاحب جي جنم...
15/05/2026

🎉 سالگرهه جون واڌايون — سائين فياض جمالي 🎉

اڄ اسان جي اسڪول جي بااخلاق، محنتي ۽ ذميوار استاد سائين فياض جمالي صاحب جي جنم ڏينهن جي خوشيءَ جو ڏينهن آهي۔

سائين پنهنجي سادي طبيعت، بهترين تدريسي انداز ۽ شاگردن سان محبت ڀريي رويي سبب اسڪول جي سڃاڻپ آهن۔ انگريزي ۽ اردو جي تدريس ۾ سندن خدمتون قابلِ تعريف آهن۔

اسان، GBLSS حاجي قاسم ابڙو جي انتظاميا ۽ اسٽاف طرفان، کين دل جي گهراين سان سالگرهه جون واڌايون پيش ڪريون ٿا ۽ دعاگو آهيون ته الله پاڪ کين صحت، خوشيون، عزت ۽ وڌيڪ ڪاميابيون عطا فرمائي۔

🌹 جنم ڏينهن مبارڪ هجي 🌹

— انتظاميا
GBLSS حاجي قاسم ابڙو

Happy birthday Dear Sir  🎁 🎂 اسڪول جو هيڊ هجڻ صرف عهدي جو نالو ناهي، پر ذميوارين جو هڪ وڏو جهان آهي۔GBLSS حاجي قاسم ابڙو...
15/04/2026

Happy birthday Dear Sir 🎁 🎂

اسڪول جو هيڊ هجڻ صرف عهدي جو نالو ناهي، پر ذميوارين جو هڪ وڏو جهان آهي۔

GBLSS
حاجي قاسم ابڙو جو هيڊ صرف آفيس ۾ ويهي دستخط ڪرڻ وارو آفيسر ناهي، بلڪه هو هڪ ئي وقت منتظم، استاد، رهنما، مسئلا حل ڪندڙ، رڪارڊ سنڀاليندڙ ۽ ڪميونٽي سان لاڳاپو رکڻ وارو فرد هوندو آهي۔
ٻارن جي حاضري کان وٺي استادن جي رهنمائي، والدين سان رابطي، سرڪاري رڪارڊ، فنڊز جي صحيح استعمال، آڊٽ، رجسٽر، ميٽنگون، وزٽس، صفائي، سهولتن جي فراهمي ۽ تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ تائين هر معاملي جي ذميواري هيڊ تي هوندي آهي۔

هڪ پاسي شاگردن جو مستقبل، ٻئي پاسي سرڪاري هدايتون، ۽ ساڳئي وقت وسيلن جي کوٽ — انهن سڀني جي وچ ۾ توازن قائم رکڻ ئي اصل قيادت آهي۔
سائين اهو شخص آهي جيڪو محدود وسيلن باوجود به اسڪول کي هلائڻ، سنوارڻ ۽ اڳتي وڌائڻ لاءِ خاموشي سان جدوجهد ڪندو رهي ٿو۔

هي صرف نوڪري ناهي…
هي خدمت آهي، صبر آهي
۽ تعليم سان سچي محبت جو اظهار آهي۔

اسان دعا ٿا ڪريون ته الله پاڪ کين سٺي صحت، ڊگهي عمر ۽ وڌيڪ ڪاميابين سان نوازين ته جيئن هو تعليم جي ميدان ۾ اهڙيءَ ريت پنهنجون خدمتون جاري رکن۔
🌹 هيپي برٿ ڊي سر لياقت علي پنهور! 🌹
GBLSS حاجي قاسم ابڙو جي سموري اسٽاف طرفان نيڪ تمنائون۔






طرفان: ذوالفقار علي سومرو PST ميڊيا ڪوآرڊينيٽر حاجي قاسم ابڙو
پ

03/04/2026

Reached Level-15 of STEAM School Journey! 🚀

Our school, GBLSS Haji Qasim Abro (SEMIS: 401010788), Taluka Badin, has officially leveled up in STEAM Education! 🌟

This milestone is a testament to the collective effort of our leadership and our incredible staff. A huge thank you to:

HM Liaquat Ali Panhwar for his visionary leadership.

Dept Director Mam Asma Bhati and DEO Anwer Parabi for their constant guidance.

District Focal Person Muhammad Khan SAMO and School FP Jarar Hussain Nakvi (JEST) for their dedicated support.

A special shout-out to our Dedicated Teachers Team at GBLSS Haji Qasim Abro! Your commitment to bringing STEAM into the classroom and inspiring our students every day has been the heartbeat of this journey. We are so proud of what we’ve achieved together. 🤝✨

Watch our short video to be a part of our journey!

/ /


Liaquat Ali Panhwar
Zulfiqar Ali Soomro
Jarar Hussain Naqvi
Soomro Mehboob
Mumtaz Soomro
Fayaz Hussain Jamali
Hafiz Ali Muhammad Soomro

01/04/2026

اهم اطلاع
حاجي قاسم ابڙو اسڪول جي سمورن شاگردن ۽ سندن والدين کي آگاهه ڪيو وڃي ٿو ته ڪلاس ڇهين کان اٺين جي سالياني امتحانن جو نتيجو(رزلٽ) بتاريخ 2 اپريل 2026 صبح جاري ڪيو ويندو.
والدين صاحبان کي گذارش آهي ته اسڪول اچي پنهنجي ٻارن جو رزلٽ حاصل ڪن.
انتظاميا
GBLSS حاجي قاسم ابڙو، تعلقه بدين
Liaquat Ali Panhwar

10/03/2026

Whole exam activities in one video.




اسٽيم اسڪول جرني ۾ ليول 10 حاصل ڪرڻ تي تعريفي خطگورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول حاجي قاسم ابڙو، تعلقو بدين لاءِ وڏي فخ...
06/03/2026

اسٽيم اسڪول جرني ۾ ليول 10 حاصل ڪرڻ تي تعريفي خط

گورنمينٽ بوائز لوئر سيڪنڊري اسڪول حاجي قاسم ابڙو، تعلقو بدين لاءِ وڏي فخر جي ڳالهه آهي ته اسڪول کي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (سيڪنڊري) بدين، مسٽر انور پرابي صاحب طرفان اسٽيم اسڪول جرني ۾ ليول 10 حاصل ڪرڻ تي ايپريسيئشن ليٽر ڏنو ويو آهي۔

هي ليٽر هيڊماسٽر مسٽر لياقت علي پنهور ۽ اسٽيم فوڪل پرسن سيد جرار حسين نقوي (JEST) کي سندن محنت، بهتر قيادت ۽ جديد تعليمي طريقن کي فروغ ڏيڻ جي اعتراف طور ڏنو ويو آهي۔

هي ڪاميابي اسڪول جي استادن ۽ شاگردن جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي، جنهن سان اسڪول ۾ تخليقي، سائنسي ۽ جديد سکيا کي هٿي ملي رهي آهي۔

اسڪول جي پوري ٽيم کي هن اهم ڪاميابي تي دل جي گهراين سان مبارڪون۔

26/02/2026

Address

Gblss Haji Qasim Abro
Badin
72200

Opening Hours

Monday 08:00 - 13:30
Tuesday 08:00 - 13:30
Wednesday 08:00 - 13:30
Thursday 08:00 - 13:30
Friday 08:00 - 13:30
Saturday 08:00 - 13:30

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when GBLSS Haji Qasim Abro posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category