06/04/2026
اڄ مھران پبلڪ ھاءِ اسڪول قاضي احمد ۾ ڏهين ڪلاس لاءِ هڪ انتهائي خاص ۽ يادگار ڏينهن رهيو، جتي فيئر ويل پارٽي جي خوشگوار ماحول ۾ شاگردن پنهنجن استادن ۽ دوستن سان گڏ آخري لمحن کي ڀرپور نموني سان انجواءِ ڪيو. ان سان گڏ سالياني امتحانن جي نتيجن جو اعلان به ڪيو ويو، جنهن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي شيلڊ انعام طور ڏنا ويا، جنهن سان شاگردن وڌيڪ محنت ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿيو.
هي ڏينهن صرف الوداع جو نه هو، پر هڪ نئين سفر جي شروعات جو به پيغام هو، جتي هر شاگرد پنهنجي خوابن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌندو. استادن جي محنت، رهنمائي ۽ شاگردن جي لگن اڄ واضح نظر آئي. اهي يادون، اهي لمحا ۽ اهي ساٿي زندگي ڀر وسرڻ جهڙا ناهن. دعا آهي ته الله پاڪ سڀني کي پنهنجي مقصدن ۾ ڪاميابي عطا فرمائي