06/07/2022
ڏينھن اڳ ۾ سنڌ ۾ ھڪ واقعو پيش آيو جتي انسان نما جانورن پنھنجي ذاتي لذت خاطر ست ھرڻ شڪار ڪيا جن کي علائقي واسين پڪڙي ورتو ۽ چيو پيو وڃي ته اڳ ۾ اھي ماڻھون ائين ڪري چڪا آهن جيتوڻيڪ ملڪ ۾ قانون ٺھيل آھي پر ڪتابن جي زينت بڻيل آهي.
امام علي عليه السلام جي قبر مبارڪ جانورن لاءِ امان:
امام علي عليه السلام جي قبر کي مخفي رکيو ويو ھو ۽ خارجي ۽ ناصبين پاران بي حرمتي کان بچائڻ خاطر امام عليه السلام کي پوشيدہ طور دفن ڪيو ويو ھو، ھڪ ڏينھن ھارون رشيد ڪوفي شڪار ڪرڻ آيو ته کيس ھرڻي نظر آيس ۽ پنھنجا ڪتا ۽ باز ھرڻي جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڇڏيائين، ھرڻي ڀڄندي پچندي ھڪ دڙي جي چوٽيءَ تي چڙھي وڃي ويھي رھي ۽ ڪتا مٿي نه پيا وڃن، ھن وڏا وس ڪيا پر مڄاڻ ته ڪتا اڳتي وڌن، جڏھن ڪتا پري ويا ته ھرڻي دڙي تان ھيٺ لھي آئي وري ڪتا ڇڏيا ويا پھرين وانگر ھرڻي ڀٽ تي چڙھي وئي ۽ ڪتا ھيٺ بيھي رھيا، ھارون رشيد کي اھا ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي ته آخرڪار ڪتا مٿي ڇو نٿا وڃن.
ھن اتان جي رھڻ وارن مان ڪنھن کي گھرائي پڇيو ته ھن دڙي ۾ اھڙو ڇا آهي جو ڪتا مٿي نٿا وڃن ان پوڙھي شخص جواب ڏنس ته:
منھنجي والد صاحب امام جعفر صادق عليه السلام کان پڇيو ھيو ته اي رسول جا فرزند اوھان ھتي اچو ٿا ھن ڀٽ تي ڇا آھي؟
امام جعفر صادق عليه السلام کيس ورندي ڏني ته: ھتي منھنجي ڏاڏي علي عليه السلام جي قبر مبارڪ آھي.
حوالا: (1) فرحة الغَریّ فی تعیین قبر امیرالمؤمنین علی (ع)، ص 266-267. ارشاد مفید، ج 1، ص 26؛ ارشاد القلوب، حسن بن محمد (دیلمی)، ج 2، ص 386؛ حیاة الحیوان الکبری، محمد بن موسی (دمیری)، ج 4، ص 54 (ذیل مادة «فهد»، به نقل از ابن خَلَّکان).
(2):بحارالانوار،جلد ۴،۳..